ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بجلي اگهه: هر اوڳاڙي عوام کان

Editorial

گذريل ڪجهه مهينن کان حڪومت جي مهانگائي مهم عوام لاءِ جيئڻ جا گس سوڙها ڪري ڇڏيا آهن، پي ڊي ايم جي حڪومت به پي ٽي آءِ جي نقش قدم تي هلندي مهانگائي مهم کي جاري رکندي پئي اچي، ڪڏهن هيءَ حڪومت گئس جون قيمتون ٿي وڌائي، ڪڏهن پيٽرول جا اگهه وڌايو ڇڏي ته ڪڏهن وري بجليءَ جون قيمتون وڌائي عوام لاءِ پريشانيون پيدا ڪري رهي آهي. جيڪڏهن ملڪ جي معيشت تباهه حال آهي ته ان جو ذميوار ملڪ جو عوام ڪونهي بلڪه ان جا ذميوار اهي حڪمران آهن، جيڪي آءِ ايم ايف، عالمي بينڪ ۽ ٻين مالياتي ادارن کان قرض وٺي هڙپ ڪندا رهيا آهن. جنهن جي ڪري عوام جي حالت ۾ ڪو سڌارو ڪونه آيو آهي ۽ نه ئي ملڪي معيشت جي حالت بهتر ٿي سگهي آهي. پر حڪومت کي اهو ٿو لڳي ته اها جيترا ڳرا ٽيڪس عوام تي مڙهيندي رهندي، اوترو ئي اها معيشت کي بهتر ڪري سگهندي، جڏهن ته حقيقت ان جي ابتڙ آهي. هن وقت تائين ته رڳو عوام کان ٽيڪس جي مد ۾ پئسا اوڳاڙيا پيا وڃن پر ان سان عوام جو ڪو ڀلو نه ٿي سگهيو آهي. هڪ ڀيرو وري حڪومت بجليءَ جون قيمتون وڌائي عوام تي معاشي بار وجهي ڇڏيو آهي، اهو ڄاڻندي به ته عوام ان بار کي سهي نٿو سگهي پر تنهن هوندي به حڪومت عوام مٿان لاڳيتو وار ڪندي پئي اچي.
بجلي واهپيدارن تي هڪ مهيني ۾ 100 ارب رپين کان وڌيڪ جو بار پوندو. نيپرا ۾ سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) جي بجليءَ جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست تي شنوائي ٿي. سي پي پي اي جون جي مهيني جي فيول ايڊجسٽمينٽ ۾ بجليءَ جي قيمت ۾ 9 رپيا 89 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي آهي. سي پي پي اي چيو ته گذريل مهيني 13 ارب يونٽ بجلي پيدا ڪئي وئي، پيدا ٿيل بجليءَ جي قيمت 213 ارب رپيا هئي. فرنس آئل مان پيدا ٿيندڙ بجليءَ جي قيمت 36 رپيا 20 پيسا، ڪوئلي جي 20 رپيا 80 پيسا، لوڪل گئس جي قيمت 8 رپيا 92 پيسا هئي. ايل اين جي مان پيدا ٿيندڙ بجليءَ جي قيمت 28 رپيا 38 پئسا في يونٽ رهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ايران مان 19 رپيا 57 پئسا في يونٽ بجلي درآمد ڪئي وئي، پاور لائين لاسز سبب 42 پئسا في يونٽ مهانگو ٿيو. شنوائي کانپوءِ نيپرا بجليءَ جي اگهن ۾ 9 رپيا 89 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي. قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کان پوءِ لاڳو ڪيو ويندو، جنهن جي نتيجي ۾ بجلي واهپيدارن تي هڪ مهيني ۾ 100 ارب رپين کان وڌيڪ جو بار پوندو. بجليءَ جي اگهن ۾ واڌ لائف لائن ۽ ڪراچي شهرين کانسواءِ سمورن واهپيدارن تي لاڳو ٿيندي.
هاڻوڪن اگهن کان پوءِ لڳي ٿو ته عام ماڻهو پنهنجي پگهار يا ڪمائيءَ جو هڪ وڏو حصو رڳو بجليءَ جا بل ادا ڪرڻ ۾ پورو هوندو، جڏهن ته ماڻهن جون ٻيون ضرورتون آهن، جيڪي به پوريون ٿيڻ لازمي آهن. پر حڪومت ان پاسي ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن جي ڪري عوام لاءِ معاشي طور گهڻيون پريشانيون پڻ ٿي رهيون آهن. پر حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. جيڪڏهن حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ته پوءِ پي ڊي ايم جي حڪومت اقتدار ۾ اچي ڪهڙا ڦاڙها ماريا آهن. ملڪ ۾ مهانگائي اهم ترين معاملو آهي، ان تي سنجيدگي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي پر لڳي ائين رهيو آهي حڪومت هر مسئلي جو حل اسمن جا اگهه وڌائڻ سمجهي ورتو آهي. ملڪ جي سموري معيشت هن وقت به قرض تي ڀاڙي رهي آهي. قرض کڻي وري ان کي وياج سوڌو واپس ڪرڻ سان ملڪي معيشت بهتر نٿي ٿي سگهي، نه ئي اها معيشت عوام جي مٿان ڳرا ٽيڪس مڙهي بهتر ڪري سگهجي ٿي. تنهنڪري ان جو حل ملڪي معيشت جا ڪي اهڙا ذريعا پيدا ڪرڻ آهي، جن سان معاشي بحران مان نڪري سگهجي. في الحال ته حڪومت وٽ ڪو اهڙو پروگرام نظر نٿو اچي. پر هي حڪومت جيترو عوام لاءِ مهانگائي وڌائيندي ويندي، ايتري کي غيرمقبول ٿيندي ويندي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ عوام حڪومتي پارٽين کي رد ڪري پنهنجو حساب وٺندو.
اسين سمجهون ٿا ته بجليءَ جي اگهن ۾ هاڻوڪي واڌ ناجائز آهي، تنهنڪري ان کي ترت ختم ڪيو وڃي ۽ بجليءَ جي في يونٽ جو اگهه مناسب رکيو وڃي ته جيئن عوام بجلي استعمال به ڪري سگهي. ان کان سواءِ توانائيءَ جا ٻيا متبادل ذريعا به ملڪ ۾ ترت متعارف ڪرايا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button