انساني تاريخ ۾ ڪير به ويهين صدي جي اهميت کي نظر انداز نٿو ڪري سگهي. اڄ اسين جنهن جديد ۽ روشن خيال دنيا ۾ رهون پيا، ان جا بنياد ويهين صدي ۾ ئي رکيا ويا هئا. عالمي جنگين جي تباهڪارين کانپو گهٽ ۾ گهٽ يورپ ته ان ڳالهه تي غور ويچار ڪرڻ لڳو ته هاڻي ايندڙ وقتن ۾ جنگين کان ڪيئن بچجي ۽ ماڻهن کي هر قسم جي آزادي ڪهڙي نموني ڏجي؟
انساني آزاديءَ جو سڀ کان اهم جز نون خيالن تي غور ويچار ڪري انهن تي بحث ڪرڻ آهي ۽ انهي لا تخليقي ادب، آرٽ ۽ فلم وغيره اهڙا شعبا آهن جن وسيلي ماڻهن تائين نت نوان خيال پهچائي سگهجن ٿا، وري تاريخ اسان کي اهو به ٻڌائي ٿي ته هي ئي اهي شعبا آهن، جن تي وڌ کان وڌ پابنديون مڙهيون ويون آهن، ڪڏهن مذهبي ڌرين تخليقي ادب تي اعتراض ڪيو آهي ته ڪڏهن وري اخلاقيات جي علمبردارن تخليقي ادب جي حوالي سان سخت ترين موقف رکيو آهي. ليکڪن ۽ سندن لکڻين تي پابندين جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي.
ان حوالي سان John Sutherland 1982ع ۾ “Offensive Literature: Decensorship in Britain 1960-1982” نالي تحقيق ڇپرائي جنهن ۾ هن انهن ٻاويهه سالن دوران ليکڪن ۽ پبليشرن جي سينسرشپ خلاف ڪيل جدوجهد جو احوال ڏنو آهي. انهن سالن ۾ تخليقي ادب تي فحش نگاريءَ جا الازم هڻي سينسر ڪيو ويو.
اصل ۾ هيءَ تحريڪ ان وقت جي هڪ سياستدان جنڪنس ڪليسا ۽ اخلاقيات جي علمبردارن جي هلايل مهم خلاف اديبن جي تحريڪ هلائي. سندس 1959ع ۾ ڏنل Obscene Publications Act جنهن کي Jenkins Act جي نالي سان به سڏيو ويو، ان ايڪٽ ليکڪن جي اظهار جي حوالي سان مڪمل آزادي جي ڳالهه ٿي ڪئي، جيڪا ان دور جي برطانوي مذهبي ڌرين کي نه وڻي هئي. هي اهو ئي ايڪٽ هو جنهن جي بنياد تي سن 1960ع ۾ ڊي ايڇ لارينس جي جڳ مشهور ناول “دي ليڊي چيٽرليز لور” تان پابندي ختم ڪئي وئي هئي. هي ايڪٽ ان کان لڳ ڀڳ هڪ صدي اڳ لاڳو ڪيل Lord Chamberlain’s Prohibitions Against Obscene Literature Act (1857) جي خلاف هڪ اهم وک هئي جنهن سان ليکڪن کي اظهار جي آزادي هجڻ جو احساس ٿيو هو. 1857ع واري قانون خلاف ليکڪن جو وڏي ۾ وڏو اعتراض اهو هو ته اهو قانون هنن کي زبردستي حقيقتن کان نظرون ڦيري هڪ سٺي دنيا جو تصور پيش ڪرڻ تي پابند ڪري رهيو هو. ان قانون تي اها به تنقيد ٿيندي رهي ته ان موجب ادب جو ڪم رڳو اهو آهي ته نوجوانن کي رڳو اخلاقي قدر سيکارجن. جڏهن ته ڪنهن ناول يا ڪهاڻيءَ جا ڪي مخصوص ٽڪرا کڻي بنا انهن جو پسمنظر سمجهي اهو اعتراض واريو ٿي ويو ته هيءَ ناول يا ڪهاڻي فحش نگاريءَ جي دائري ۾ اچي ٿي ۽ ان تي پابندي مڙهي وڃي ۽ جج به انهن مخصوص ٽڪرن کي پڙهي پابندي جو فيصلو ٻڌائيندا هئا.
1857ع واري ان قانون جي ڪري نه رڳو ليکڪ ۽ ڇپائيندڙ پر ڪتاب وڪرو ڪندڙن کي به سزائون ڏنيون وينديون هيون، جنهن جي ڪري ڪو هڪ فرد يا ادارو نه پر ڪيترائي ماڻهو معاشي طور متاثر ٿي رهيا هئا. ان ڪري هاڻي وقت اچي ويو هو ته ان قانون کي ختم ڪيو وڃي. اهڙي قانون خلاف سن 1954ع کان ليکڪن، اديبن ۽ ڪجهه سياستدان ڪوششون وٺڻ شروع ڪيون ۽ هڪ ايڪٽ تيار ڪيو، جنهن جا مک نقطا هن ريت هئا:
1- ڪنهن به ماڻهو کي سزا نه ڏني ويندي، جيڪڏهن ڪو ادب سائنس، آرٽ يا ادب يا ڄاڻ وڌائڻ لا لکيل آهي. 2- ته سائنس، ادب، آرٽ، يا ان قسم جي ڪنهن به ڪتاب تي ماهرن جي را کي ثبوت طور رکيو وڃي. 3- ڪنهن به لکڻي جي مخصوص حصن بدران ان جي مڪمل پسمنظر کي پرکيو وڃي. 4- ليکڪ ۽ پبليشر کي پنهنجي بچا ۾ دليل ڏيڻ جو حق ڏنو وڃي.
جڏهن انهن نقطن تي بحث شروع ٿيڻ لڳو ته ماڻهن جي وڏي انگ اهڙي ايڪٽ جي مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي ۽ جڏهن 1960ع ۾ ڊي ايڇ لارينس جي ناول تان پابندي ختم ڪئي وئي ته ان جي مخالفت ڪندڙ احتجاج ۾ نڪري پيا. اها ڳالهه اتي ئي ختم نه ٿي ۽ هڪ ٻئي پٺيان ڪيترن ئي ناولن تي فحش نگاريءَ جا الزام هڻي ڪيس داخل ڪرايا ويا. جن ۾ سڀ کان اهم ڪيس 1964ع ۾ Fanny Hill نالي ناول وارو ڪيس هو ۽ ان ناول تي ڇهن سالن جي پابندي مڙهي وئي. اهڙي ريت 1967ع ۾ The Last Exit to Brooklyn واري ڪيس ۾ ته جيوري ماهرن جي را کي به نظر انداز ڪندي ان ڪتاب خلاف فيصلو ڏنو ۽ ان تي فحش نگاري هيٺ پابندي مڙهي وئي. جڏهن ليکڪن سان گڏ جيڪسن به تحريڪ هلائڻ شروع ڪئي ته برطانيا جي پريس هن جي خلاف ٿي وئي. Daily Telegraph هن جي هڪ بيان:
“The permissive society was the civilized society. Liberalization was fought every inch, but its tide in 1960s was irresistible.” کي اهڙي ته منفي نموني لکيو جو ماڻهو هن جي خلاف ٿي پيا. ان حوالي سان Sutherland لکيو آهي ته ان ايڪٽ خلاف رڳو اخلاقي، جمالياتي يا تخليقي سگهه وارا سوال نه اٿاريا ويا پر ان جي خلاف هڪ پوري نظرياتي جنگ جو اعلان ڪيو ويو. انهي سموري وقت ۾ 1966 کان 1968ع وارا ٻه سال اهم ترين هئا. سن 1966ع جي نومبر ۾ هڪ ٽي وي پروگرام جي ميزبان Kenneth Tynan هڪ پروگرام ۾ اهو چار اکرن وارو لفظ (جنهن جي ڪري لارينس جي ناول دي ليڊي چيٽرليز لور تي پابندي مڙهي وئي) استعمال ڪيو ۽ هن جي خلاف سموري برطانيا ۾ وٺ پڪڙ شروع ٿي وئي.
Sutherland هن ڪتاب جي شروعاتي باب ۾ ڄاڻايو آهي ته:
“The road to freedom from censorship over the period 1960-77 is best conceived as a series of rushing advances, encountered by stubborn reargued and backlash actions.”
ان حوالي سان حالت اها ٿي وئي جو برطانيا جو ڪوبه وڪيل اهڙي ڪنهن به ڪتاب يا ليکڪ جو ڪيس کڻڻ لا تيار نه هو جنهن تي فحش نگاريءَ جو الزام لڳو هجي. هو وڌيڪ ڄاڻائي ٿو ته ان سڀ هوندي روشن خيال ليکڪن ۽ پبليشرن کي وڏي ۾ وڏو فائدو اهو هو ته اهڙي ادب جي مارڪيٽ وڌي رهي هئي، مثال طور لارينس جي ناول تان جيئن ئي پابندي هٽائي وئي ته ان جون ڪجهه ئي سالن ۾ ويهه لک ڪاپيون وڪرو ٿي ويون. نئون نسل شين کي نئين انداز ۾ ڏسڻ لڳو، جنهن جي خلاف وري رياستي مشنري کي استعمال ڪيو ويو.
هو اهو به ڄاڻائي ٿو ته هن ايڪٽ خلاف مهم جو هڪ اهم ڪارڻ ميٽروپوليٽن پوليس ۾ قائم ڪيل Obscene Publications Squad جي ڪرپشن هئي، جنهن ڪليسا سان گڏ مڇريل عوام کان پيسا وٺي ليکڪن، پبليشرن ۽ ڪتاب گهرن تي ڪيس ڪري ٿي ڇڏيا. اهو اسڪواڊ 1960 کان ويندي 1970ع تائين ڪتاب گهرن تي ڇاپا هڻي مالڪن کي فحش ادب وڪرو ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري ايندو هو. انهن ٻاويهه سالن ۾ جن ڪتابن تي فحش نگاري ۽ مذهبي توهين جا الزام لڳا، انهن جي فهرست هن ريت آهي: ليڊي چيٽرليز لور، فيني هل، ڪينز بڪ، دي نيڪڊ لانچ، پوئٽ ميٽ، لاسٽ ايگزٽ ٽو بروڪلن، سڊيزم، ما سيڪريٽ لائف، مسٽر ٽينينز نيوڊ ريويو، آ ٽي، دي مائوٿ، دي ليٽل ريڊ اسڪول بڪ، او زي 28، ناسٽي ٽيلز، لو ليس، دي ويل هنگ ڪرائسٽ، لبرٽين، دي فال آف ڊرٽي اسڪواڊ.
هن تحريڪ جي ڪاميابيءَ جا ٻه مک ڪارڻ هئا، هڪ Tom Driberg نالي سياستدان هو، جنهن 1959ع جي ايڪٽ تي پارليامينٽ ۾ ڪيتريون ئي تقريرون ڪيون ۽ ميمبرن کي اظهار جي آزادي جي اهميت بابت ٻڌائيندو رهيو ۽ ٻيو هو لاڳيتو روشن خيال ليکڪن جو حوصلو وڌائيندو رهيو. هن پنهنجي آتم ڪٿا Ruling Passions (جيڪا هن جي مرڻ کانپو سن 1977ع ۾ ڇپي) ۾ ان حوالي سان ڪيل جدوجهد جو ذڪر ڪيو آهي. سندس آتم ڪٿا تي به سوشلسٽن ڪيترائي اعتراض واريا. هن جدوجهد جي ڪاميابيءَ جو ٻيو اهم ڪارڻ 1967ع ۾Saved نالي لکيل ڪتاب جي ليکڪ Edward Bond کي مليل موتمار ڌمڪيون هيون، جنهن کانپو برطانيا جي پارليامينٽ 1857ع واري قانون خلاف سنجيدگيءَ سان سوچڻ تي مجبور ٿي پئي ۽ اظهار جي آزاديءَ جي حق ۾ پريس ۾ مضمون لکرايا ويا ۽ نيٺ 1857ع واري فحش نگاري واري قانون مان ليکڪن جان ڇڏائي ورتي. جنهن کانپو انگريزي ادب ۾انقلابي بدلا آيو.
اڄ آزاد خيال ليکڪن جي ان جدوجهد کي چاليهه سال گذري چڪا آهن ۽ سڌريل دنيا مان ادب ۾ فحاشي وارو تصور ئي ختم ٿي چڪو آهي. پر ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي اڄ به اسان جي سماج ۾ اهڙا ماڻهو آهن جيڪي هر ننڍي وڏي ڳالهه کي فحاشي سمجهي ليکڪن جو ڳلو ڪپڻ لا تيار آهن. عام پڙهندڙ ته پنهنجي جا تي پر ڪيترائي ليکڪ ۽ ڏاها به جنسي مسئلن تي لکيل مواد کي فحاشي سمجهن ٿا.اهي اجايو پاڻ کي اخلاقيات جو علمبردار سمجهن ٿا ۽ مفت مشورو ڏين ٿا ته اهڙو ادب لکجي جيڪو گهر ۾ پڙهي سگهجي. اهڙو ادب لکجي جيڪو پنهنجي ما ۽ ڀيڻ جي سامهون ويهي پڙهي سگهجي. سمجهه ۾ نٿو اچي اهڙن ڪوڙن اخلاقي قدرن مان اسان جو سنڌي سماج ڪڏهن جان ڇڏائيندو…!!