ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڇا (ن) ليگ سان ٺڳي ٿي آهي؟

Editorial-Article-Akhtar Hafeez

2017ع کان پوءِ جهڙي ريت اسٽيبلشمينٽ ملڪ جي سياسي معاملن ۾ عدالتن وسيلي مداخلت شروع ڪئي، ان جا نتيجا 2018ع جي چونڊن کان ترت پوءِ ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا هئا. فوجي اسٽيبلشمينٽ ملڪ کي پي ٽي آءِ جي شڪل ۾ هڪ متبادل طور پيش ڪيو. جنهن تي ملڪ جا سمورا وسيلا خرچ ڪيا ويا، ميڊيا کان وٺي سوشل ميڊيا ۽ عدالتن تائين هر هنڌ عمران خان نيازيءَ جي جئي جئي ڪار لڳي پئي هوندي هئي. عمران خان نيازيءَ کي عدالتن پاران صادق ۽ امين جو سرٽيفڪيٽ فراهم ڪيو ويو. اهو ئي صادق امين جنهن توشه خانه جون گهڙيون به وڪڻي ڇڏيون آهن. پر جڏهن ڪو ان تي سوال اٿاري ٿو ته چيو ٿو وڃي ته سندس مرضي آهي.
ان کان سواءِ سندس ايمانداري جو اهم ترين معاملو فارين فنڊنگ وارو ڪيس آهي، جنهن جو فيصلو گذريل اٺن سالن کان ڪونه ٿي سگهيو آهي. هاڻ جڏهن اليڪشن ڪميشن اهو فيصلو ڪجهه عرصو اڳ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي ته ان کي ٻڌائڻ کان لنوائي رهي آهي. تازو ئي پي ٽي آءِ کي ٿيل فارين فنڊنگ جي حوالي سان برطانوي اخبار فنانشل ٽائمز جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ابراج گروپ جي باني عارف نقوي پي ٽي آءِ لاءِ خيرات جي نالي ۾ رقم گڏ ڪئي برطانيه ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچون ڪرايون ويون، ان کان سواءِ مختلف ذريعن مان حاصل ٿيندڙ رقم به پي ٽي آءِ کي منتقل ڪئي وئي. اهي سڀ الزام هوندي به عمران خان نيازي ڌوتل پوتل آهي ۽ ملڪ جي عوام کي اهو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته دنيا هن جي حوالي سان ڪهڙا به سچ ظاهر ڪري پر انهن کي ڪوڙ سمجهيو وڃي ۽ اهي فقط کيس بدنام ڪرڻ لاءِ الزام آهن ته جيئن هو هن ملڪ جي عوام کي آمريڪي غلاميءَ مان آزادي ڏياري سگهي.
عمران خان نيازيءَ جو مستقبل ڪهڙو هوندو، ان جو فيصلو ته هن ملڪ جي ڪا عدالت ڪرڻ کان ته رهي، اهو فيصلو اسٽيبلشمينٽ کي ئي ڪرڻو آهي، جيڪا اڃا به هن ڏانهن جهڪاءُ رکندي نظر اچي رهي آهي. ان سڄي راند ۾ نواز ليگ سان جيڪا ٿي آهي، ان جو احساس شايد ان کي هاڻ ٿيڻ لڳو آهي. نواز ليگ پي ڊي ايم ۾ شامل ٿي عدم اعتماد وسيلي عمران خان نيازيءَ کي اقتدار کان ته ٻاهر ڪري ورتو پر هن وقت تائين وزير اعظم شهباز شريف هن خلاف ڪجهه به نه ڪري سگهيو آهي. ائين ٿو لڳي ته پوري حڪومتي مشينري عمران خان نيازيءَ جي حوالي سان بيوس لڳي پئي آهي. ان کان سواءِ جيڪا شڪست نواز ليگ کي پنجاب ۾ ننڍي چونڊ دوران ڏسڻي پئي سا شرمناڪ آهي. ملڪ ۾ ڪابه اهڙي سياسي پارٽي ناهي، جيڪا اسٽيبلشمينٽ جي ونگار نه وهندي هجي. پيپلز پارٽي کان وٺي نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ تائين سڀ پارٽيون اسٽيبلشمينٽ جون مددگار ٿينديون رهيون آهن. جڏهن اسٽيبلشمينٽ کي عمران خان نيازيءَ مان جان ڇڏائڻي هئي ته ان لاءِ نواز ليگ کي قربانيءَ جو ٻڪرو ٺاهيو ويو ۽ اها ٺهي به وئي. هاڻ اها پريشان لڳي پئي آهي ته ان کي اها حڪومت نه وٺڻ گهرجي ها، جنهن جي ڪري سندن پارٽي عوام دشمن فيصلا ڪيا، پنهنجي مقبوليت وڃائي ۽ ان سان گڏ سياسي طور ڪمزور به ٿي وئي آهي. تنهنڪري هن سڄي سياسي ماحول ۾ جيڪڏهن سڀ کان وڌيڪ ڪنهن جو نقصان ٿيو آهي ته اها نواز ليگ آهي. هاڻ ته نواز ليگ جي هٿن مان پنجاب به هليو ويو آهي ۽ جنهن سياسي پارٽي وٽ پنجاب نه هوندو آهي ته اها جڏي ليکي ويندي آهي. تنهنڪري مريم نواز يا نواز شريف جو چوڻ صحيح آهي ته انهن کي حڪومت ۾ نه اچڻ گهرجي ها.
اسٽيبلشمينٽ مخالف نيريٽو وسيلي جيڪا مقبوليت نواز ليگ ماڻي هئي، اها هڪدم ختم ٿي چڪي آهي ۽ عمران خان نيازي اڄ به عدالتن ۽ اسٽيبلشمينٽ جو لاڏلو لڳو پيو آهي. هن وقت پنجاب ۾ (ق) ليگ جو وڏو وزير آهي پر ان جا سياسي معاملا عمران خان نيازيءَ سان بهتر آهن. عدالت جيڪو حمزه شهباز جي وڏ وزارت جي حوالي سان فيصلو ڏنو هو، ان نه رڳو سپريم ڪورٽ جي ساک کي نقصان پهچايو آهي پر ان ويساهه کي به وڌيڪ پختو ڪيو آهي ته پاڪستان جي عدالتن مان ڪڏهن به انصاف نٿو ملي سگهي. جيڪي اڄ به آئين کي لتاڙي فيصلا ڪن ٿيون ۽ جج عدالتن ۾ ويهي آئين لکن ٿا. جڏهن ته آئين لکڻ ۽ ان کي تيار ڪرڻ پارلياماني ليڊرن جو ڪم آهي. پر هتي عدالت آئين لکندي آهي. اسٽيبلشمينٽ سياست ڪندي آهي ۽ سياستدان وري ڪي ٻيا ڪم ڪندا آهن.
هاڻوڪي ماحول ۾ اسٽيبلشمينٽ جهڙي ريت نواز ليگ کي استعمال ڪري ان جي عوام ۾ خواري ڪرائي آهي، ان جو ان کان اڳ ڪو مثال نٿو ملي، پر جيئن ته سياست ۾ سڀڪجهه جائز سمجهيو ويندو آهي تنهنڪري جيڪو نيريٽو نواز ليگ عمران خان نيازيءَ جي دور ۾ اسٽيبلشمينٽ خلاف رکيو هو، ان جي قيمت هاڻ ادا ڪئي پئي وڃي. جيتوڻيڪ هن وقت نواز ليگ نه رڳو اسٽيبلشمينٽ جو بچاءُ ڪندي نظر اچي رهي آهي پر اها هر فورم تي ان خلاف اکر به نٿي سهي پر ڇا ائين ڪرڻ سان نواز ليگ عوام ۾ وڃي ووٽ وٺي سگهندي ۽ اها سمجهي ٿي ته ملڪ ۾ مهانگائي ڪري معاشي بحران پيدا ڪرڻ کان پوءِ اها هڪ ڀيرو وري وفاقي حڪومت ۾ اچي سگهي ٿي. بظاهر ته اهڙو ڪجهه ٿيندي نظر ڪونه پيو اچي. ڇاڪاڻ ته نواز ليگ حڪومت ۾ اچي نه رڳو غلطين مٿان غلطيون ڪيون آهن پر ان وٽ عوام کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه آهي به ڪونه ۽ ملڪ جي معاشي حالت به ايتري سگهي ناهي.
آءِ ايم ايف واري قسط اڃا تائين رولڙي جو شڪار آهي، جنهن کي جاري ڪرڻ لاءِ آرمي چيف قمر جاويد باجوه آءِ ايم ايف تي زور ڀري رهيو آهي، جڏهن ته ملڪ لاءِ امداد جي گهر ڪرڻ ڪنهن به جرنيل جو ڪم ناهي، ان لاءِ ڳالهيون وري به سويلين حڪومت ڪندي آهي. اها ئي فيصلو ڪندي آهي ته ڪنهن سان ڳالهائڻو آهي ۽ ڪهڙا ڪهڙا مطالبا رکڻا آهن. پر هن ملڪ ۾ ڪنهن به چونڊيل وزير اعظم جا هٿ ايترا آزاد نه هوندا آهن، جو هو فيصلو ڪري سگهي ته هو ڇا ٿو ڪرڻ چاهي.
اسٽيبلشمينٽ ڀلي اهو تاثر ڏيندي رهي ته اها غيرسياسي ٿي چڪي آهي ۽ سياست ۾ ان جو ڪجهه به نه وڃي پر ان ملڪي سياست ۾ ايتري ته مداخلت ڪئي آهي جو هاڻ ان کي صفايون ڏيڻيون ٿيون پون. جيڪڏهن فوج ملڪ جي سياست ۾ مداخلت ڪندي ته ان کي ڪير روڪيندو. سياسي پارٽيون يا عدالتون به نٿيون روڪي سگهن. ڇاڪاڻ ته نظريه ضرورت هن ملڪ ۾ ڪڏهن دفن ناهي ٿيڻو ۽ نه ئي ان کي دفن ڪرڻ لاءِ ڪي ڪوششون ٿيون آهن.
هاڻ ائين ٿو لڳي ته نواز ليگ لاءِ گهڻي دير ٿي وئي آهي، ان وٽ نه ته ايترو وقت بچيو آهي ۽ نه ئي ملڪي معاملن کي بهتر ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهي. ايندڙ وقت ۾ جيڪڏهن نواز ليگ عملي طور پنجاب ۾ ڪجهه ڪري ڏيکاري ٿي ته امڪان آهن، اها پنجاب کي وري سياسي طور پنهنجو ڪري وٺي پر هاڻوڪي ماحول ۾ ان کي وڏي محنت ڪرڻي پوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button