پنجاب ۾ حڪومتي اتحاد ملڪ جي اعليٰ عدالت هٿان مات ڏيارڻ کانپوءِ اهو سمجهي ٿو ته ان سان دوکو ٿي ويو آهي، انڪري هاڻ هو ايندڙ سمورن حربن کي ناڪام بنائڻ لاءِ سمورا وسيلا ۽ لاڳاپا استعمال ڪندو. واڳ ڌڻين جي اشاري تي ن ليگ، پيپلز پارٽي سميت اتحادي پارٽيون عمران خان کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ ته تيار ٿي ويون، ان سلسلي ۾ اعليٰ عدالت پنهنجو وزن ان وقت جي مخالف ڌر ۽ موجوده حڪومتي اتحاد جي حق ۾ وڌو، پر ان کانپوءِ ائين لڳي رهيو هو ته ڄڻ اسٽيبلشمنٽ نيوٽرل هجڻ جي ضرورت کان وڌيڪ ايڪٽنگ ڪري رهي هئي ۽ حڪومتي اتحادين سمجهڻ شروع ڪيو ته انهن کي ڪوفي جي ميدان ۾ اڪليو ڇڏيو ويو آهي. ان کانپوءِ ان تاثر کي ختم ڪرڻ لاءِ واڳ ڌڻين نيوٽرل واري اداڪاري کي ڇڏي ڪري، حڪومت جي ڪجهه معاملن ۾ هٿ ونڊائڻ شروع ڪيو. ان دوران واڳ ڌڻي هي تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن ته انهن جي ساٿ کانسواءِ نه ئي عمران خان پنهنجو مدو پورو ڪري سگهيو، نه ئي وري اتحادي حڪومت هلي سگهي ٿي. پر عمران خان جي مقابلي ۾ حڪومتي اتحادين عالمي لاڳاپا استعمال ڪيا ۽ ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ کان بچي ويو. ان سان گڏ جيترا به وڻندڙ يا اڻ وڻندڙ فيصلا ڪيا ويا، اهي حڪومتي اتحاد جي کاتي ۾ وڌا ويا. هاڻ جڏهن صورتحال بهتر ٿيڻ شروع ٿي ته اسٽيبلشمنٽ پاسو بدلائڻ شروع ڪيو. پهرين مرحلي ۾ پنجاب ۾ حمزا شهباز جي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري هي تاثر ڏنو ويو ته واڳ ڌڻي، ڪنهن به صورت ۾ پنجاب جو ڪنٽرول ن ليگ جي حوالي ڪرڻ نٿا گهرن، هو جيڪڏهن چاهيندا ته تخت لاهور جو هما، ان شخص جي ڪلهي تي ويهاريندا، جنهن جو واڳ ڌڻين جي خدمت جو ڊگهو ريڪارڊ هوندو. واڳ ڌڻين هڪ ڀيرو ٻيهر عدليا جو خوب استعمال ڪيو. هاڻ عدليا به نشاني تي آهي، قانون کي سمجهندڙ معمولي ماڻهو به اکيون بند ڪري ٻڌائي سگهي ٿو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو ٻٽي معيار تي ٻڌل آهي.
هي خبرون به اينديون رهيون ته پرويز الاهي کي عدالت جي ذريعي اڪثريتي وڏي وزير جو سرٽيفڪيٽ ڏيارڻ کانپوءِ اڳوڻي صدر آصف زرداري کي دبئي گهرايو ويو ۽ ميان نواز شريف کي به آن بورڊ ورتو ويو ۽ ٻنهي اهم اتحادين کي ٻڌايو ويو ته هو اقتدار ۾ شراڪت جو نئون فارمولو پيش ڪن ٿا، جنهن تحت عمران خان به سندن گوڊ بوڪس ۾ هوندو، ته جيئن هو اهو نه سمجهي ته کيس عاق ڪيو ويو آهي. انڪري ٻن صوبن جي حڪومت عمران خان جي اشارن تي ڪم ڪندي، جڏهن ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي، بلوچستان تي ته اڳ ۾ ئي بلوچن کي پاسيرو ڪيو ويو آهي ۽ اسٽيبلشمنٽ جي سڌي حڪمراني آهي. باقي مرڪز ۾ ن ليگ انجوا ڪري! انهن ڳالهين جي پڄاڻي تي ميان نواز شريف توڙي آصف زرداري الڳ الڳ پوزيشن ورتي. هنن ٻنهي جو ان ڳالهه تي اتفاق هو ته هو اقتدار جي نئين فارمولي کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا. هنن سان جيڪي معاملا، جنهن انداز سان طئي ڪيا ويا هئا، انهن تي عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ حڪومتي اتحاد پارليامينٽ کي ٽوڙي ڇڏيندو ۽ نين چونڊن جو اعلان ڪندو. ان سان گڏ جنهن جي جيتري طاقت هوندي، اهو عام چونڊن ۾ ظاهر ڪندو. ائين نه ٿيندو ته “ڌڪ جهلي ڀولڙو ۽ کٽيو کائي فقير”! عمران خان اقتدار جون موجون ڪري ۽ عوام جو ڏمر وري حڪومتي اتحاد برداشت ڪري.
هي خبرون به منظر تي آيون ته ميان نواز شريف، پنهنجي پارٽي جي اڳواڻن اڳيان واضح ڪري ڇڏيو ته اهي اقتدار کان الڳ ٿيڻ لاءِ تيار ٿي وڃن، ان سلسلي ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان اڳتي وڌندي ميان نواز شريف کي صبر ڪرڻ لاءِ چيو، پر سياسي پنڊتن جو خيال آهي ته واڳ ڌڻين جي خلاف هڪ ڀيرو حڪومتي اتحاد ۾ ڪاوڙ پيدا ٿي چڪي آهي ۽ اهي ڪنهن نئين گس جي ڳولا ۾ آهن. حڪومتي اتحاد سمجهي ٿو ته واڳ ڌڻي عمران خان لاءِ رستو صاف ڪري رهيا آهن، انڪري هو انهن جي گيم جو حصو نه بڻجندا. ان سلسلي ۾ ن ليگ جي اڳواڻ مريم نواز ۽ ٻين جو ردعمل انتهائي خطرناڪ آهي. هو سمجهن ٿا ته جيترو جلد ٿئي اقتدار کان الڳ ٿجي.
آصف زرداري کي ڪرونا هجڻ جون ڳالهيون به سامهون آيون آهن، ان کان اڳ ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ اقتدار جي ويڙهه ختم نه ٿي آهي ۽ پرويز الاهي کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. چوڌري شجاعت حسين کي وفاداريون تبديل ڪندڙن کي ڊي سيٽ ڪرڻ لاءِ ريفرنس اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪلڻو هو، پر ق ليگ ان تي به وار ڪيو. سڀني ڏٺو ته گهرو وزير راڻا ثناءُ الله آن ريڪارڊ چيو ته جيڪڏهن عمران خان جي اشاري تي پنجاب جو وڏو وزير هن جي صوبي ۾ داخلا تي پابندي لڳائيندو، جيئن فواد چوڌري پهريان ئي چئي چڪو هو ته، پوءِ هو به پوئتي نه هٽندا ۽ پنجاب ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪري ڇڏيندا. هي الڳ ڳالهه آهي ته ارڙهين ترميم کانپوءِ ڪنهن به صوبي ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ آسان ناهي. ڇاڪاڻ ته جيستائين لاڳاپيل صوبي جي اسيمبلي اڪثريتي راءِ سان ٺهراءَ منظور نٿي ڪري ۽ قومي اسيمبلي مان ان جي توثيق نٿي ڪرائي وڃي، اهڙو ڪو به راڄ لڳائي نٿو سگهجي. هي ڳالهه حڪومتي اتحاد سمجهي ٿو، ڇاڪاڻ ته آئيني پوزيشن کان جيتري باخبر پ پ ۽ ن ليگ آهن، اوترو عمران خان ته نه هوندو. انڪري ٻين آپشنز تي غور ڪيو پيو وڃي.
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ، جنهن جي به اشاري تي فيصلو ڏنو، ان جي جواب ۾ پ پ جي اڳوڻي سينيٽر فرحت الله بابر جيڪو سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪيو، اهو صورتحال کي واضح ڪري ٿو ته معاملو ڪيڏانهن وڃي ٿو. هن واضح طور تي حڪومتي اتحاد کي تجويز ڏني ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي اختيارن ۽ عدليا جي حدن جو نئين سري سان تعين ڪيو وڃي. ان حوالي سان عدالت کي آئين تحت جيڪي مختلف معاملن ۾ اختيار حاصل آهن، انهن کي Bind ڪيو ويندو. ان سان چيف جسٽس کي جيڪي لامحدود اختيار آهن، خاص ڪري جوڊيشل ايڪٽوازم تحت، جيڪي فيصلا ٿيندا رهيا آهن، ان رستي کي بند ڪرڻو پوندو. ان لاءِ نه صرف چيف جسٽس اڪيلي اختياري رهندي، نه ئي وري هو پنهنجي مرضي سان بينچ قائم ڪندو. ان حوالي سان سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن کان وٺي وڪيلن جون سموريون تنظيمون جيڪي اسٽيڪ هولڊر آهن، انهن حڪومتي اتحاد جو ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ان حوالي سان سڀني جو اتفاق آهي ته هر صورت ۾ ايڪٽ آف پارليامينٽ يا وري سادي اڪثريت سان سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي حدن ۾ رکيو ويندو. جيڪڏهن پارليامينٽ اهڙي قانون سازي ڪري ٿي ته ان تي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جو ردعمل ڪهڙو هوندو؟ هي اڃان تائين واضح ناهي. پر حڪومتي اتحاد اعليٰ عدليا کي ٻڌائڻ گهري ٿو ته جيڪڏهن اها آئين کان مٿانهان فيصلا ڪندي ته انهن وٽ به تمام گهڻا اختيار آهن، جن جو استعمال ڪري چيف جسٽس کي محدود ڪري سگهجي ٿو يا گهٽ ۾ گهٽ هن کي انتظامي معاملن ۾ ٽنگ اڙائڻ کان روڪي سگهجي ٿو. ان نوعيت جو قانون رڳو پاڪستان ۾ متعارف نه ڪرايو ويندو، پر پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ ته پهريان ئي قانون سازي ڪئي وئي هئي.
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي پنهنجي طاقت جو اندازو ته سپريم ڪورٽ جي چئن ججن جي مقرري لاءِ جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ ٿي ويو هوندو. هي پهريون ڀيرو نه پر ان کان اڳ واري چيف جسٽس جي دور ۾ به ٿي چڪو آهي ته ان لاهور هاءِ ڪورٽ جي خاتون جج کي مقرر ڪرڻ لاءِ زور لڳايو پر ناڪام ٿيو، بعد ۾ معاملي کي سلجهايو ويو. هن ڀيري چيف جسٽس سنڌ، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي مان جن ججن کي نامزد ڪيو، جوڊيشل ڪميشن انهن سڀني کي رد ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي سينئر جج، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سميت اٽارني جنرل، بار جي نمائندي، قانون جي وفاقي وزير ۽ ٻين چيف جسٽس جي نامزدگين کي اڪثريت راءِ سان رد ڪري ڇڏيو. عدليا سان لاڳاپيل سمورين ڌرين سمجهيو پئي ته جنهن انداز سان سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري ڪئي وڃي پئي، ان سان خاص ڪري سنڌ سان زيادتي ٿي رهي هئي. جيئن سپريم ڪورٽ هڪ ڀيرو طئي ڪيو ته جيڪو سينئر جج هوندو، اهو ئي چيف جسٽس ٿيندو، ساڳيو قاعدو، ٻين ججن جي مقرري تي به لاڳو ٿيڻ گهرجي. پهريان ئي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ٻين سينئر ججن کي باءِ پاس ڪري جونيئر ججن کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪيو ويو. ان ساڳي غلطي کي ٻيهر ورجايو پئي ويو. جوڊيشل ڪائونسل جي اڪثريت سمجهيو ته پهريان هي طئي ٿيڻ گهرجي ته سپريم ڪورٽ ۾ جيڪي به جج مقرر ٿيندا، انهن جو ڪهڙو فارمولو هوندو، ٿيڻ ته ائين گهرجي ته سموري ملڪ ۾ جيڪي سينئر جج هوندا، انهن مان ئي سپريم ڪورٽ ۾ مقرريون ڪيون وينديون. پر عمران خان جي ڏينهن ۾ قانون جي وزير فروغ نسيم صورتحال کي گهڻو خراب ڪيو، هنن ته طئي ڪري ڇڏيو هو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي جبري طور رٽائرڊ ڪيو ويندو، پر هو ائين ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيا. پنجاب جي وڏي وزير بابت جيڪو فيصلو سپريم ڪورٽ جي بينچ ڪيو، ان جو جواب ته جوڊيشل ڪائونسل ڏئي ڇڏيو، هاڻ جيڪڏهن عدليا جي حوالي سان قانون سازي ڪئي ته اڇا ڪارا واضح ٿي ويندا ۽ جوڊيشل ايڪٽوازم جو به خاتمو ٿي ويندو.