ڇا اسان سياسي زوال جي دور مان گذري رهيا آهيون؟ جيڪڏهن اهو سوال ڪنهن نوجوان سياسي ڪارڪن کان پڇيو وڃي ته شايد هو اسان سان سهمت نه ٿئي. ڇو ته نوجوان سدائين اميد ۽ اتساهه جي علامت هوندا آهن. هو ڪڏهن به ۽ ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي شڪست تسليم نه ڪندا آهن. انهن جي نظر ۾ ناممڪن ڪجهه به نه هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي ته تاريخ ۾ جيڪي به انقلاب آيا آهن، انهن ۾ نوجوانن جو مک ڪردار رهيو آهي. هن مهل به نوجوان گهڻو ڪجهه چاهين ٿا ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ انهن جا مورچا گرم آهن. ان جو مطلب اهو ناهي ته پاڪستان جا نوجوان دنيا جي نوجوانن کان الڳ آهن. پاڪستان ۾ عمران خان سان گڏ سياسي سفر ۾ هلندڙ به ته نوجوان هئا. هاڻي به نوجوان هن جي آس پاس آهن. ڇو ته نوجوان هڪ بهتر سياست کي پسند ڪندڙ هوندا آهن. هو عمران خان سان گڏ ان ڪري آهن جو انهن جي نظر ۾ عمران خان جي سياست سٺي ۽ بهتر آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن نوجوانن سان عمران خان جي سياست تي سوال ۽ جواب ئي نه پر اختلاف به ٿي سگهن ٿا. ڇو ته نوجوانن کي سياسي علم جي ايتري ڄاڻ ناهي. ان ڪري سياست کي سفيد وارن تائين سمجهڻ وارن جو انهن سان اختلاف به ٿي سگهي ٿو.
نوجوانن ۽ پوڙهن جو پاڻ ۾ هونءَ به پرچاءُ گهٽ ئي هوندو آهي. ڇو ته انهن جي وچ ۾ پيڙهيءَ جو فرق هوندو آهي. نوجوانن جي پيڙهي الڳ ۽ پوڙهن جي پيڙهي الڳ آهي. پر اهو عام طور تي هوندو آهي. اسان هن ڳالهه کي هر شيءَ جي مٿان لاڳو ڪري نه ٿا سگهون. اسان کي اهو معلوم هجڻ گهرجي ته دنيا جنهن تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهي آهي، ان جي رفتار جي ماپ تمام گهڻي مشڪل آهي. نوجوانن ۽ وڏي عمر وارن ۾ سياست جي حوالي سان ڪو فرق ٿي به سگهي ٿو پر اسان کي ڪافي وڏي عمر وارا اهڙا سياسي اڳواڻ ۽ دانشور نظر ايندا، جن جي خيال ۾ سياست زوال جو شڪار ناهي. هو اهڙا انسان آهن، جيڪي پنهنجي عمر جي حوالي سان ماضيءَ ۾ نه ٿا رهن. هو همقدم آهن، هن جي دور جي ۽ انهن جو خيال آهي ته اهو هڪ رٽيل رٽايل جملو آهي ته سياست جي مٿان زوال آيل آهي. ڇو ته تاريخ ۾ سدائين اها دانهن ۽ ڪوڪ ڪئي وئي آهي ته سياست زوال جو شڪار آهي. ان مهل به جڏهن ملڪ جي مٿان جنرل ضياءَ جي آمريت جو پاڇو هو ۽ عوام جمهوريت جي جنگ ۾ مصروف هو. ان مهل به تمام گهڻا ماڻهو ان خيال جا هئا ته سياست جي مٿان زوال آهي. جڏهن ته هن دور کي سياسي زوال جو دور قرار ڏيڻ انصاف وارو عمل ناهي. ڇو ته هر دور جون پنهنجيون تقاضائون هونديون آهن ۽ هر دور جا پنهنجا لوازمات هوندا آهن. هن دور ۾ جيڪا سياست ٿي رهي آهي، ان جو مزاج ۽ ان جي هلڻ جو انداز الڳ آهي. اسان ماضيءَ جي سياست حال ۾ ڪري نه ٿا سگهون. ممڪن آهي ته ان قسم جي ڳالهه درست هجي پر هن دنيا جو حسن ان ۾ آهي ته هتي هر ماڻهو اختلاف رکي ٿو ۽ ان اختلاف جي ڪري ئي دنيا ۾ دانش ۽ علم کي اضافي جي واٽ ملي ٿي.
سياسي زوال آهي يا ناهي؟ اهو سوال پراڻو آهي ۽ اهو سوال سدائين رهندو. پر مون کي اجازت ڏيو ته مان ان ڌر ۾ ٿي بيهان جنهن جو خيال اهو آهي ته سياست ۾ زوال اچي ويو آهي. ڇو ته منهنجي نظر ۾ زوال جا جيڪي به ماپا ۽ معيار ٿي سگهن ٿا، انهن کي جيڪڏهن پاڪستان جي سياست تي استعمال ڪيو وڃي ته اسان کي آسانيءَ سان خبر پئجي ويندي ته ڇا ٿي رهيو آهي ۽ جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، اهو اطمينان بخش ناهي ۽ نه هجڻ گهرجي. ڇو ته اسان سياسي زوال جي هڪ اهڙي حد تي پهتل آهيون، جنهن کان اڳتي وڌڻ ممڪن نه آهي. جيڪڏهن هن مهل ۽ هن موقعي تي مون کان اهو پڇيو وڃي ته سياسي زوال کي ثابت ڪري ڏيکار ته مان آسانيءَ سان اهو چئي سگهان ٿو ته هن مهل جيڪا به سياسي قيادت آهي، ان جي عزت پنهنجي جاءِ تي پر جيڪڏهن ان کي پنهنجي پارٽيءَ جي پس منظر ۾ به ڏٺو وڃي ته سچ ڪوڙ صاف ٿي پوندو ۽ اسان کي نظر اچي ويندو ته اصل حقيقت ڪهڙي آهي؟
مسلم ليگ هڪ اهڙي پارٽي رهي آهي، جنهن پاڪستان کي وجود ۾ آڻڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي. اها مسلم ليگ جنهن جي قيادت قائد اعظم محمد علي جناح وٽ هئي. جنهن شخص کي سياسي اختلاف رکڻ جي باوجود به مخالف پنهنجين خوبين جي حوالي سان تسليم ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته هن جي ذهانت ۽ هن جي شرافت تي ڪوئي آڱر کڻي نه ٿو سگهي. هو جيڪو سياست ۾ ڪرپشن جي ذڪر کان به پري هو ۽ جنهن سدائين پنهنجن اصولن تي سياست ڪئي، اڄ هن جي پيروي ڪرڻ جي دعويٰ ڪندڙ مسلم ليگ جي نالي ۾ جيڪي به سياسي پارٽيون ٺاهي ويٺا آهن، انهن جا چهرا اوهان جي آڏو آهن. ميان نواز شريف ته هن مهل ملڪ جو تمام وڏو ليڊر ۽ ٽي ڀيرا وزير اعظم ٿيندڙ شخص آهي. هن جي پارٽي وڏي پارٽي رهي آهي ۽ هن جي پارٽيءَ جو نالو به مسلم ليگ آهي پر ڇا هن جي شخصيت کي قائد اعظم جي شخصيت سان ڀيٽي به سگهجي ٿو؟ اسان هن ڀيٽ جي سلسلي ۾ چوڌري شجاعت جو ذڪر به قائد اعظم جي توهين سمجهون ٿا. پر جيڪڏهن اسان ان ڀيٽ جي حوالي سان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي ڏسون ته جنهن عهدي تي ڪالهه ذوالفقار علي ڀٽو هو، ان عهدي تي اڄ بلاول ڀٽو زرداري ۽ هن جو والد صاحب ويٺو آهي. ڇا اهو زوال ناهي؟ ساڳي طرح سان اسان جيڪڏهن سنڌ جي قومپرست سياست جو جائزو وٺون ته سائين جي ايم سيد ۽ جلال شاهه ۾ اسان کي واضح فرق نظر ايندو. اسان کي عبدالواحد آريسر ۽ هن جي پارٽيءَ جي موجوده سربراهه جي قد ڪاٺ ۾ جيڪو فرق ملندو، اهو حقيقي آهي ۽ ان جا ثبوت آهن. جيڪو ڪجهه به ٿيو آهي، اهو زوال جو سفر آهي.
اسان کي سياسي زوال جي پڪ ٿيڻ کان پوءِ سوچڻ گهرجي ته آخر ان زوال جا سبب ڪهڙا آهن؟ ڇو ته اهو زوال صرف هتي ناهي پر اسان کي پنهنجي آس پاس به ان قسم جو زوال نظر اچي ٿو. پاڪستان ۾ سياست جو زوال آهي ته ان جو مطلب اهو ناهي ته ڪو ڀارت بچيل آهي. ڀارتي سياست جو به حال تمام گهڻو برو آهي. ڇو ته اتي جنهن قسم جي سياست ٿي رهي آهي، ان ۾ اها جمهوري ۽ سيڪيولر جهلڪ به موجود ناهي، جيڪا ڀارتي سياست جو اثاثو هئي. ساڳي طرح سان اسان کي چين ۾ به اهو ڪجهه نظر ايندو. جتي مائوزيتنگ هو، اتي جيڪا قيادت ويٺل آهي، ان ايترو فهم ۽ فراست آهي؟ آمريڪا ۽ روس جو به اهو حال آهي. لينن جي ملڪ ۾ پيوٽن ۽ ابراهم لنڪن جي ملڪ ۾ بائڊن ويٺو آهي. جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، اهو تمام افسوسناڪ آهي. پر اصل سوال ته وري به پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته آخر ان سياسي زوال جا سبب ڪهڙا آهن؟
سياسي زوال جا سبب هونءَ ته تمام گهڻا ٿي سگهن ٿا پر جيڪو اهم سبب سمجهه ۾ اچي سگهي ٿو، اهو هي آهي ته سياست ڪالهه هڪ آدرش هوندي هئي ۽ ماڻهو سياست ۾ ڪو ڪارنامو سرانجام ڏيڻ ايندا هئا پر هاڻي سياست هڪ ڪاروبار بڻجي وئي آهي. جڏهن ته مون کي اهو حق به نه ٿو پهچي ته مان سياست کي ڪاروبار قرار ڏئي ڪاروبار لفظ جي ڪنهن به طرح سان توهين ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان. ڇو ته ڪاروبار جي به هڪ حيثيت آهي ۽ ڪاروبار لفظ منهنجي نظر ۾ هڪ برو لفظ ناهي. پر جيڪڏهن ڪاروبار ۾ ڪوڙ شامل ٿي ويندو ۽ ڪاروبار ڪرپشن جي منظم صورت اختيار ڪري وٺندو ته پوءِ اسان ان کي برو چوڻ ۾ ڪنهن به قسم جي تڪليف محسوس نه ڪنداسين. هن مهل سياست هڪ ڪرپٽ ڪاروبار جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي. اهو ئي سياست جي زوال جو اهم ۽ بنيادي سبب آهي. جڏهن به سياست آدرش کان هيٺ ڪري، ڪاروبار بڻجي ويندي، تڏهن اوهان کي يقين ڪرڻو پوندو ته سياست جو زوال شروع ٿي ويو آهي. سياسي زوال جي اها نشاني صرف هن ملڪ ۾ نه پر اوهان کي پوري دنيا ۾ نظر ايندي. ڇو ته دنيا گهڻي وقت کان وٺي دل کي ڇڏي دماغ جي پويان هلي رهي آهي. جڏهن ته آدرش دماغ ۾ نه پر دل ۾ پيدا ٿيندا آهن ۽ دل ۾ رهندا آهن.