ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عوام جون حڪمرانن مان اميدون

Editorial

عوام جي هر حڪومت مان اها اميد هوندي آهي ته اها سندس مسئلن کي حل ڪري آسانيون پيدا ڪندي ۽ جيڪو عوام سياستدانن کي ووٽ ڏئي اقتدار تي ويهاري ٿو، ان کي مهانگائيءَ کان ڇوٽڪارو ملندو، ان لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا ويندا ۽ ان کان سواءِ زندگيءَ جون گهربل سهولتون به کيس فراهم ڪيون وينديون پر هن وقت تائين جيڪي به حڪومتون آيون آهن، انهن گهڻو ڪري عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بدران رڳو عوام لاءِ پريشانيون پيدا ڪيون آهن. عوام پنهنجن حقن لاءِ احتجاج ڪندو آهي. تنهن هوندي به عوام جي ڄڻ ته حڪمرانن کي پرواهه ئي ڪانهي. عمران خان جي حڪومت ۾ جيڪي ڪلور هن وزير اعظم هوندي عوام سان ڪيا، اهي ڦٽ اڃا تائين تازه آهن. مٿان وري پي ڊي ايم جي حڪومت جڏهن کان آئي آهي ته اها وري عوام جي انهن ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي رهي آهي، جنهن جي ڪري عوام لاءِ ساڳي ماني ساڳ سان آهي. نه ان جي مهانگائيءَ مان جان ڇٽي آهي، نه ان کي ڪو رليف مليو آهي ۽ نه ئي وري ان جي مسئلن کان هاڻوڪا حڪمران ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار آهن. رڳو دلاسا آهن، جيڪي هر ڀيري عوام کي ڏنا ٿا وڃن. پي ڊي ايم جا حڪومتي عهديدار هر ڀيري عوام سان اهڙيون خبرون ڪندا رهندا آهن، ڄڻ انهن عوام کي بچائڻ لاءِ حڪومتي وهنوار پنهنجي هٿ ۾ کنيو هجي. پر سچ ته اهو آهي هر سياستدان پنهنجن مفادن لاءِ ئي سياسي اقتدار ماڻڻ چاهيندو آهي.
پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان الزام هنيو آهي ته وچ اوڀر جي هڪ ملڪ سي پيڪ کي تباهه ڪرڻ لاءِ عمران خان کي اسپانسر ڪيو. جيڪڏهن عمران خان جي حڪومت نه وڃي ها ته اڄ پاڪستان جا ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃن ها. پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان گوادر بندرگاهه جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، ملڪي معيشت کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. عمران خان اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ويو آهي، جنهن مان نڪرڻ آسان ناهي، کيس ووٽ ڏيڻ ملڪ جي تباهيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ آهي. آمريڪا ۽ آءِ ايم ايف جي اثر مان نڪرڻ لاءِ پهريون قدم سي پيڪ هو. هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان جي حڪومت نه وڃي ها ته اڄ پاڪستان جا ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃن ها، عدم اعتماد کان اڳ حڪومت جو مدو پورو ڪرڻ جي فيصلي ۾ نواز شريف شامل هو، اختلاف جي جنهن ڌٻڻ ۾ عمران خان ڦاسايو، ان مان نڪرڻ سولو ناهي. سندس چوڻ هو ته اڱاري ۽ اربع تي حڪمران اتحاد جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ معاشي استحڪام جا فيصلا ٿيندا، اسٽيبلشمينٽ، بيورو ڪريسي ۽ ٻين کي ملڪ جي بهتري لاءِ سوچڻو پوندو، طاقتور کي عقل ناهي ۽ عقلمند وٽ طاقت ناهي، پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏيڻ ملڪ کي تباهه ڪرڻ برابر آهي. ان ڳالهه ۾ڪو شڪ ناهي ته عمران خان پنهنجي اقتدار دوران ملڪي معيشت کي واقعي به تباهه ڪيو ۽ ان سي پيڪ جي سڄي رٿا کي رول بيڪ ڪري ڇڏيو. ان جيڪي معاشي خواب عوام کي ڏيکاريا هئا، اهي به پورا نه ڪري سگهيو ۽ ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪرڻ ۾ هن وسان ڪين گهٽايو پر هاڻ ته اقتدار پي ڊي ايم وٽ آهي، ان هن وقت تائين ڇا ڪيو آهي. پي ڊي ايم جي حڪومت پيٽرول، گئس ۽ بجليءَ جا اگهه ايترا ته وڌائي ڇڏيا آهن جو عوام کي هاڻ عمران خان جي دور ۾ سستائي محسوس ٿي ٿئي. جڏهن ته عمران خان جي دور ۾ جيڪا مهانگائي جي لهر آئي هئي، ان سان عوام جي زندگي سخت متاثر ٿي هئي. ملڪ مان مهانگائيءَ جو خاتمو رڳو اڳوڻي حڪومت جي غلطين کي بيان ڪري نٿو آڻي سگهجي ۽ نه ئي انهن ڳالهين سان ملڪي معيشت بهتر ٿي سگهي ٿي.
اسين سمجهون ٿا ته پي ڊي ايم جي حڪمرانن کي عوام آڏو سچ بيان ڪرڻ گهرجي. انهن کي گهرجي ته اهي کليل نموني عوام کي ٻڌائين ٿا ته انهن جي وس ۾ اهڙُو ڪجهه ناهي، جنهن سان عوام جي ڀلائي ٿي سگهي. جيڪڏهن هاڻوڪي حڪومت جا هٿ به عمران خان جي حڪومت وانگر ٻڌل آهن ته پوءِ عوام لاءِ ڪي به سک جا ڏينهن نه ايندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button