آمريڪي اسپيڪر نينسي پلوسي تائيوان واري دوري تي چين پاران سخت ڌمڪي ڏيڻ کان پوءِ تائيوان جي دوري جي آگاهي ڏيڻ کان سواءِ ايشيائي ملڪن جي دوري تي رواني ٿي وئي آهي. ان کان اڳ عالمي نيوز بليٽن ۾ ان ڳالهه تي بحث هلندڙ هو ته چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ وڌي ويل ڇڪتاڻ کان پوءِ نينسي تائيوان جو دورو ملتوي ڪندي؟
آمريڪي اسپيڪر نينسي پلوسي پاران ڏور اوڀر جي ايشيائي ملڪن جي دوري ۾ تائيوان جو دورو ڪرڻ واري اعلان کان پوءِ چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگي حالتن واري ڇڪتاڻ پيدا ٿي پئي هئي. آمريڪا هوسٽن ۾ انٽل ايڪچوئل پراپرٽي چوري ڪرڻ جو الزام هڻي چيني قونصل خانو بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ موٽ ۾ چين پاران تبت ويجهو چنگدو ۾ آمريڪا لاءِ اسٽريٽجڪ طور وڏي اهميت رکندڙ قونصل خانو بند ڪري 200 آمريڪي سفارتڪارن ۽ اهلڪارن کي چين ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. نينسي ڊيموڪريٽ پارٽي پاران ايندڙ متوقع صدارتي اميدوار آهي. ان ڪري غير معمولي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ پنجن ڪانگريس جي ميمبرن جي اڳواڻي ڪندي ڄاڻايل دوري ۾ تائيوان جو متنازع دورو شامل ڪيو هو. نينسي ڏور اوڀر جي انهيءَ دوري ۾ ملائيشيا، سنگاپور، جاپان، جنوبي ڪوريا کان پوءِ تائيوان وڃڻ چاهيو ٿي. هوءَ سومر جي ڏينهن کان دوري تي رواني ٿي چڪي آهي.
ٻه ڪروڙ 39 لک آبادي وارو تائيوان جو ٻيٽ چين جي سرحد کان 160 ڪلوميٽر پري آهي. چين جي آزادي جي وقت به تائيوان اتي موجود هو. مغربي ملڪن اصلي چين جي بدران تائيوان کي جهموريه چين (آر او سي)جو درجو ڏئي اقوام متحده جو ميمبر بڻائي ڇڏيو هو. پر اڳتي هلي آمريڪا جڏهن سياسي طور تي سرد جنگ ۾ چين کي سوويت يونين کان الڳ ڪرڻ چاهيو، جنهن جي لاءِ آمريڪا جي تائيوان ۾ دلچسپي گهٽجي وئي. آمريڪا ان لاءِ پاڪستان جي مدد سان هينري ڪسنجر کي لڪ چوريءَ ۾ چين جو دورو ڪرايو. ان وقت جي صدر ايوب خان ۽ وزير خارجا ذولفقار علي ڀٽي جي سفارتي مدد سان ڪوه مريءَ ۾ هينري ڪسنجر جي اعلانيل دوري دوران سمگلنگ واري انداز ۾ چيني دورو ڪرايو ويو ۽ چيني قيادت ۾ مائوزيتنگ ۽ چووائين لائي سان گڏجاڻي ڪرائي، آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ ڄميل برف کي ڳاريو. اها ان وقت جي بيڪ ڊور ڊپلوميسي جي وڏي مهم هئي. انهيءَ سياسيءَ پيش رفت جي نتيجي ۾ آمريڪا ۽ نيٽو پاران سرد جنگ ۾ سوويت يونين ۽ وارسا پيڪٽ وارن ملڪن کي سوڙهو ڪرڻ هو. اڳتي هلي افعان جنگ کان پوءِ سوويت يونين کي منطقي انجام تي پهچايو ويو. انهيءَ بيڪ ڊور ڊپلوميسي جي بنياد تي آمريڪا اڳتي هلي چين کي تسليم ڪيو. جنهن جي بنياد تي چين کي اقوام متحده ۾ شامل ڪري سلامتي ڪائونسل جو ميمبر بنائي ويٽو پاورز جو حق به ڏياريو ويو.
تائيوان ۽ ان جو پسمنظر: 1949 کان اڳ چين ۾ شانگڪائي شيڪ جي پارٽي ۽ ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ مائو جي وچ ۾ وڏي عرصي تائين گهرو ويڙهه هلندڙ هئي. 1949 ۾ انهيءَ جنگ ۾ ڪامريڊ مائوزيتنگ جي ڪميونسٽ پارٽيءَ ٽن سالن جي لانگ مارچ جي نتيجي ۾ سڄي چين تي ڪنٽرول ڪري ورتو. جنهن کان پوءِ شانگڪائي شيڪ ۽ ان جي ساٿين تائيوان ٻيٽ ۾ ڀڄي پناهه ورتي.” ٻي مهاڀاري جنگ ۾ جرمني کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ دنيا ۾ سوويت يونين نئين انداز ۾ اڀري آيو هو. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن 1947 ۾ انڊيا مان برطانيا واپس ٿي چڪو هو. جڏهن ته ڏور اوڀر ۾ جاپان کي شڪست ملڻ کان پوءِ انڊين پيسفڪ سمنڊ تي واقع وڏي آبادي وارو ملڪ چين ڪميونسٽ پارٽي جي ليڊرشپ ۾ آزادي حاصل ڪئي هئي. چين تي ڪميونسٽ پارٽي جي قبضي مغربي ملڪن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو هو. موٽ ۾ مغربي ملڪن چين جي بدران تائيوان کي هٿي ڏئي عالمي سطح تي اڳيان آندو ۽ سفارتڪاريءَ لاءِ چين جي حيثيت وارو ملڪ قرار ڏنو. انهيءَ پسمنظر ۾ جڏهن آمريڪا لڪ چوريءَ ۾ سوويت يونين جي مقابلي ۾ چين سان پنهنجا تعلقات جوڙي ورتا، ته ان کان پوءِ تائيوان کان سياسي طور تي پاسيرو ٿي ويو. هانگ ڪانگ جيڪو ماضي ۾ چين جو حصو هو ۽ معاهدي تحت هڪ سئو سالن تائين برطانيا جي قبضي ۾ ڏنو ويو هو. 1997 ۾ هانگ ڪانگ تي برطانيا جا سئو سال پورا ٿي وڃڻ کان پوءِ، چين هانگ ڪانگ تي پنهنجو قبضو ڪرڻ جي بدران ان کي ٻن نظامن وارو ملڪ قرار ڏنو. 1980 کان چين ۽ تائيوان جي وچ ۾ بهتر تعلقاتن جي شروعات ٿي. چين تائيوان تي ڪنهن به مغربي ملڪ جي چڪر کان بچائڻ لاءِ ان کي چين جو حصو قرار ڏئي، هڪ ملڪ ۾ ٻن نظامن وارو فارمولو ڏنو. چين اهڙي انداز ۾ هانگ ڪانگ ۽ تائيوان جي عوام کي چين سان ڳنڍڻ جو نئون گس ڳوليو هو. جنهن جي بنياد تي هانگ ڪانگ ۽ تائيوان جي ڪمپنين وڏي انداز ۾ چين ۾ ڪاروبار ڪيو ۽ پنهنجي واپار ۽ تجارت کي چين جي وڏي مارڪيٽ سان ڳنڍي وڌيڪ مضبوط ڪيو. هن وقت جڏهن عالمي سطح تي چين جو واپار، ڪاروبار ۽ سياسي اثر رسوخ وڌڻ لڳو آهي، ته چين ٻيهر مغربي ملڪن خصوصي طور آمريڪا کي ڪکڻ لڳو آهي. ان ڪري پئسفڪ ۾ آمريڪا چين جي خلاف ڪوبه موقعو هٿان وڃائڻ نٿو چاهي. ان جو مثال 2013 ۾ پيسفڪ ۾ فلپائن پاران چين جي خلاف بحري قانون جي خلاف ورزي جو الزام هڻي جنيوا جي عالمي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرايو هو. ان ڪيس ۾ به مغربي قوتون چين جي خلاف ٿي بيٺيون. عالمي عدالت 2016 ۾ ثالثي ڪنوينشن تحت سامونڊي حدون مقرر ڪرڻ وارو فيصلو ڏنو هو. ان کان سواءِ خطي ۾ سامونڊي حدن ۽ سمنڊ ۾ تيل جي ذخيرن واري ملڪيتي معاملن تي فلپائن، ويٽنام، ملائيشيا، تائيوان ۽ برونائي پاران چين جي خلاف اختلافي دعوائون هلندڙ آهن. انهن دعوائن وارن ملڪن جو آمريڪا وڏو حمايتي بنيل آهي. هوڏانهن علائقي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ هن ئي مهيني آمريڪي وزير خارجا ۽ چيني هم منصب جي وچ ۾ انڊونيشيا جي بالي شهر ۾ جي ــ 20 جي ڪانفرنس جي موقعي تي پنج ڪلاڪن جي ڊگهي ملاقات به ڪئي آهي.” جڏهن ته ان کان اڳ اهڙي ڇڪتاڻ اڳوڻي صدر ٽرمپ جي ايامڪاري ۾ ٿي. صدر ٽرمپ تائيوان جي خاتون صدر کي فون تي مبارڪ ڏني. 2016 ۾ تائيوان جي موجوده صدر سوئي انگ وين جيڪا ڊيموڪريٽڪ پروگريسو پارٽي جي صدر آهي. هوءَ تائيوان ۾ چيني پاليسين جي سخت مخالف آهي. (انهيءَ پاليسيءَ جي بنياد تي 2020 ۾ چيني حمايت واري پارٽي ڪي ايم ٽي جي مقابلي ۾ ٻيهر صدر چونڊجي آئي آهي.) جڏهن ته چين صدر ٽرمپ پاران فون ڪري مبارڪ ڏيڻ واري پيش رفت تي سخت اعتراض واريو ۽ تائيوان جي خلاف فوجي مشقون شروع ڪري ڏنيون هيون. جنهن کان پوءِ وائيٽ هائوس وضاحت ڪئي، ته اها مبارڪ باد صدر ٽرمپ جو نجي معاملو هو. ان سان آمريڪي خارجه پاليسي جو واسطو نه آهي. هوڏانهن ٽرمپ کان پوءِ جوبائيڊن جي صدر ٿي اچڻ کان پوءِ واشنگٽن پهرين بيان ۾ چين جي خلاف سخت موقف ڏنو. جنهن ۾ عالمي سطح تي ڪورونا ڦهلائڻ ۽ چين ۾ ڪورونا جي ٽيسٽ ليب تائين رسائي ڏيڻ کان سواءِ، تائيوان جي مٿان جنگي مشقون ختم ڪرڻ وارو بيان ڏنو. جنهن کان پوءِ پئسفڪ سمنڊ واري علائقي جي ملڪن ۾ چين جي خلاف آمريڪي ڇڪتاڻ ۾ اضافو آيو آهي.
ڪواڊ ۽ آڪس: آمريڪا، انڊيا، آسٽريليا ۽ جاپان معاهدو:
ڪواڊ چئن ملڪن، آمريڪا، انڊيا، آسٽريليا ۽ جاپان جو اسٽريٽجڪ اتحاد آهي. جيڪو 2007 ۾ ان وقت جي جاپاني وزير اعظم شنزو آبي، بظاهر سونامي کان بچڻ لاءِ تشڪيل ڏنو هو. جنهن جي بنياد تي چئني ملڪن جي فوجن پئسفڪ سمنڊ ۾ گڏيل مشقون ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ڪيو هو. ويتر 2008 ۾ آسٽريليا پاڻ مرادو اتحاد کان الڳ ٿي ويو. ان کان پوءِ هي اتحاد ڪو گهڻو فعال به نه رهيو. پر جڏهن آمريڪي صدر ٽرمپ پاران 2017 ۾ چين سان پئسفڪ سمنڊ ۾ ٻيٽن کي فوجي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ واري معاملي تي ڇڪتاڻ وڌي وئي. جنهن کان پوءِ ٻيهر ڪواڊ واري اتحاد کي سرگرم ڪيو ويو. هن اتحاد جي بنياد تي چين جي خلاف ڪورونا ويڪسين ڊپلوميسي کي هٿ ۾ کنيو ويو. جنهن تحت آمريڪا چين جي خلاف ايشيا پيسفڪ ۾ وڏو محاذ کڙو ڪري ورتو آهي.
ايشيائي پئسفڪ سمنڊ چين لاءِ اهم واپاري لنگهه آهي. هن سمنڊ جي ذريعي ساليانو وڏو واپار ٿئي ٿو. جنهن ۾ چين جو وڏو حصو شامل آهي. عالمي سطح تي تجارتي طور تي چين جي اهميت وڌي وڃڻ ڪري انهيءَ واپاري لنگهه تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اقوام متحده جي 76 اجلاس کان پوءِ آمريڪا پاران وڏي سفارتڪاري عمل ۾ آندي وئي. ڪواڊ جي ملڪن جو آمريڪا ۾ سيپٽمبر 2021 ۾ اجلاس ٿيو. جڏهن ته ان کان اڳ مارچ ۾ ڄاڻايل ملڪن جو ورچوئل اجلاس به ٿي چڪو هو. سرد جنگ جي زماني کان وٺي انڊيا ڪنهن به سپر پاورز جي بدران غير جانبدار ملڪن جي سٿ ۾ شامل رهيو آهي. ڪواڊ واري معاهدي جي باوجود آمريڪا ۽ برطانيا وري هن خطي ۾ آسٽريليا سان ايٽمي آبدوز ڏيڻ وارو ڪواس معاهدو ڪيو آهي. آسٽريليا برطانوي ڪالوني هجڻ ناتي برطانيا جي ذريعي آمريڪا پاران جوهري معاهدي ۾ آندو ويو آهي. اهوئي سبب آهي، جو انڊيا جي هن خطي ۾ وڌيڪ اسٽريٽجڪ اهميت هجڻ جي باوجود پنهنجي غير جانبداري کي برقرار رکڻ وڏو مسئلو بنجي ويو آهي.
نينسي پلوسي جو تائيوان وڃڻ وارو اعلان:
اهڙي ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ ٻرنديءَ تي تيل هارڻ وارو ڪم آمريڪي اسپيڪر نينسي پلوسي پاران ڏور اوڀر جي ايشيائي ملڪن جي دوري ۾ تائيوان وڃڻ وارو اعلان آهي. 25 سالن کان پوءِ آمريڪا جي سينيئر اڳواڻ پنجن ڪانگريس جي ميمبرز جي اڳواڻي ڪندي تائيوان جو دورو ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. (ان کان اڳ 1997 ۾ اڳوڻو اسپيڪر نيوٽ ڪنگرچ ڪانگريسي وفد جي اڳواڻي ڪندي دورو ڪيو هو. ان وقت به انهيءَ دوري جي نتيجي ۾ خطي ۾ وڏي ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي هئي.) نينسي ڏور اوڀر جي انهيءَ دوري کان اڳ، هن تائيوان جي دوري جي سڪيورٽي بابت هوائي ۾ انڊو پئسفڪ ڪمانڊ کان سڪيورٽي بابت بريفنگ ورتي هئي. نينسي جي تائيوان واري متوقع دوري جو چين سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي. چين نينسي جي متوقع دوري کان اڳ تائيوان جي مٿان ۽ سامونڊي علائقي ۾ فوجي مشقون شروع ڪري ڇڏيون آهن.
ايشيائي پيسفڪ ۾ فوجي ڇڪتاڻ:
چين تائيوان جي حوالي سان وڌندڙ ڇڪتاڻ کي يوڪرين روس جنگ سان ڀيٽي ٿو. چين آمريڪا تي الزام لڳايو آهي ته هو تائيوان جي بنياد تي خطي ۾ جنگي حالتون بنائي رهيو آهي. گذريل جمعي تي آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ چيني صدر شي جن پنگ جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه به ٿي. انهيءَ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو وڏو حصو نينسي پلوسي جي تائيوان جي دوري بابت هو. عالمي رپورٽن موجب چين هن وقت تائين آمريڪا کي ڇهه دفعا خبردار ڪري چڪو آهي. چين جي وزارت خارجا پاران نينسي جي دوري تي “دشمن جي انتظار ۾ فوجن کي صفن ۾ بيهارڻ سڏيو آهي” هوڏانهن روسي صدر ولاديمير پيوتن چين جي پاليسي جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو آهي ۽ پئسفڪ سمنڊ ۾ نيوي جون مشقون وڌائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.