ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي ته ڪنهن هڪ ڏينهن تي تمام وڏيون خبرون ميڊيا ۾ تمام گهڻو شور مچائڻ لڳنديون آهن. گذريل ڏينهن به ڪجهه اهڙو ئي هو. صبح جو ملڪي ميڊيا جي وڏي تشويش جي خبر اها هئي، جنهن ۾ ڪوئيٽا جو ڪور ڪمانڊر جنهن هيلي ڪاپٽر ۾ اچي رهيو هو، ان جو رابطو فوجي ايويشن کان ٽٽي ويو. اهڙي طرح پاڪستان جي حڪمرانن ۽ سياستدانن جون ٽوئيٽس ان سلسلي ۾ افسوس جي اظهار سان ٽمٽار ٿي ويون. ڇو ته اها ڪا معمولي ڳالهه نه هئي. بلوچستان جي حوالي سان جيڪو ڪجهه ٿيندو رهيو آهي ۽ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو اسان جي اکين آڏو آهي ۽ هن مهل جڏهن بلوچستان جا ماڻهو بدترين ٻوڏ کي منهن ڏئي رهيا آهن ته ان مهل بلوچستان مان ايندڙ اهڙي خبر ان صوبي کي وڌيڪ فوڪس ۾ آڻي ٿي، جنهن صوبي جو عام ماڻهو تمام مشڪل زندگيءَ جي گهيري ۾ آهي. جنهن کي بنيادي انساني حق حاصل ناهن. جيڪو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيو آهي. ان غريب عوام کي آخر هن جا انساني ۽ جمهوري حق ڪڏهن حاصل ٿيندا؟ ڪڏهن بلوچستان مان اها باهه وسامندي؟ ڪڏهن بلوچستان خوش ٿيڻ جو حق حاصل ڪندو؟ جڏهن اهي سوال بحث جو موضوع بڻيل هجن ته ان مهل بلوچستان مان آيل اها خبر تمام گهڻي تشويش جو ڪارڻ بڻجي وڃي ٿي ته ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا جيڪو سيلاب کان پوءِ رليف جي ڪمن ۾ رڌل هو، تنهن جو هيلي ڪاپٽر هوا ۾ اڏامندي اوچتو رابطي مان نڪري وڃي ته ان سلسلي ۾ هڪ پورو نظام پريشانيءَ ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو.
بلوچستان ۾ پيش آيل هيلي ڪاپٽر جو اهو واقعو به بلوچستان جي جاگرافيائي صورتحال جي سلسلي ۾ هڪ مخصوص معنيٰ رکي ٿو. بلوچستان بنيادي طور تي پکيڙ جي حوالي سان ملڪ جو سڀ کان وڏو صوبو آهي. هي اهو صوبو آهي، جنهن ۾ پهاڙن جا طويل ۽ ڊگها سلسلا آهن. هن صوبي ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيندو آهي، ان ۾ اتان جي زميني صورتحال جو تمام وڏو هٿ هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي ته جڏهن ڪا بدامني ٿيندي آهي، تڏهن به ان ۾ صوبي جي پهاڙن جو ڪردار اهم بڻجي ويندو آهي ۽ جڏهن عام ماڻهن جي مشڪلاتن جو ڪو باب کلندو آهي ته ان ۾ به پهاڙن جو عمل دخل هوندو آهي. اسان کي هن ڀيري به بلوچستان ۾ آيل ٻوڏ جو سبب پهاڙن کان ايندڙ برساتي پاڻي هو. اهي پهاڙ جن جي پاڇي ۾ بلوچ عوام هڪ دور کان زندگي گذاري رهيو آهي، انهن جي لاءِ ڪڏهن مڪمل طور تي تحفظ ۽ سڪون جو سبب بڻبا؟ اهو سوال بلوچستان جي حسرتن جو اظهار آهي. پر هن مهل ته پورو نظام ان سوال جي چوڌاري چڪر ڪاٽي رهيو آهي ته جيڪو حادثو فوجي هيلي ڪاپٽر سان پيش آيو، اهو ڪڏهن، ڪٿي ۽ ڪيئن ٿيو ۽ ان جا اصل ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ ڇو ته اها ڪا معمولي ڳالهه ناهي. اهو تمام حساس معاملو آهي. هڪ طرف بلوچستان جو عوام عذاب ۾ هجي ۽ ٻي طرف اهڙو حادثو پيش اچي، جنهن سان صوبي جي دفاع جو سوال ڳنڍيل هجي ته مسئلي ۾ تمام گهڻي سنجيدگي پيدا ٿي پوي ٿي.
ڪوئيٽا ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي جي هيلي ڪاپٽر سان جنهن ڏينهن حادثو پيش آيو، ان ڏينهن بلوچستان جي ڀر واري ملڪ افغانستان جي گاديءَ واري شهر ڪابل ۾ هڪ اهڙو واقعو رونما ٿيو، جنهن جي اهميت عالمي آهي. اهو واقعو بين الاقوامي ميڊيا جي لاءِ تمام گهڻي اهميت وارو آهي، جنهن واقعي جو اطلاع آمريڪا جي صدر بائيڊن ڏنو آهي. جنهن چيو آهي ته آمريڪا افغانستان جي مک شهر ڪابل ۾ ڊرون حملي جي ذريعي پنهنجي گهر جي بالوڪوني ۾ بيٺل القاعده جي سربراهه ايمن الظواهريءَ کي ماري ڇڏيو آهي. آمريڪي صدر ان سلسلي ۾ اهو به چيو آهي ته ان حملي ۾ ٻيو ڪو شهري ته ڇا پر ايمن الظواهريءَ جا پنهنجا گهر وارا به محفوظ رهيا آهن. ڇو ته انهن جو نشانو صرف ۽ صرف مصر ڄائو ايمن الظواهري هو ۽ انهن پنهنجي نشاني کي چٽي اهو ثبوت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هو پنهنجي دشمن کي ڪڏهن به ۽ ڪٿي به ختم ڪرڻ جي قوت رکن ٿا. آمريڪا جو اهو حملو هن جي افغان هار کي بيلنس ته نه ٿو ڪري سگهي پر پوءِ به آمريڪا جو پنهنجو فوجي مورال ضرور بلند ٿيو آهي.
آمريڪا جي اهڙي قدم تي افغانستان جي طالبان حڪومت رسمي قسم جو احتجاج ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته اهو حملو دوها سمجهوتي جي ڀڃڪڙي آهي. جڏهن ته ان سلسلي ۾ آمريڪا وٽ به اعتراضي سوالن جا انبار ٿي سگهن ٿا. جيڪڏهن طالبان کي اها شڪايت آهي ته انهن جي ملڪ مٿان آمريڪا ڊرون حملو ڇو ڪيو ته هو به اهو چئي سگهن ٿا ته انهن جي حڪومت القاعده جي اهم ترين ماڻهوءَ کي پنهنجي گاديءَ واري شهر ۾ رهڻ ڇو ڏنو؟ ظاهر آهي ته طالبان اهو ڪڏهن به تسليم نه ڪندا ته انهن جي معلومات ۾ به هو ته ڪو القاعده جو اهو اڳواڻ ڪابل ۾ رهي ٿو، جيڪو اساما بن لادن کان پوءِ القاعده جو سربراهه بڻيو ۽ جنهن جي روپوشي آمريڪا جي لاءِ تمام وڏو چيلينج هئي. ڇو ته هن جي باري ۾ جڏهن اهي افواهه اڏاميا هئا ته هو طبي سببن جي ڪري هاڻي هن دنيا ۾ نه رهيو آهي ته هن پاران اهڙو وڊيو بيان آيو هو، جنهن مان معلوم ٿي پئي سگهيو ته هو نه صرف زنده آهي پر هو پنهنجي پراڻي ڪرت سان به لڳو پيو آهي. آمريڪا جي لاءِ ايمن الظواهريءَ جو وجود پنهنجي سپر پاور هجڻ واري دعويٰ مٿان سواليا نشان هو.
القاعده جي سربراهه مٿان ٿيل ڪابل ۾ حملي واري ڏينهن تي ئي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنهنجو اهو تير هلائي ڇڏيو، جيڪو ان جي ڪمان ۾ گذريل ساڍن ستن سالن کان وٺي هو. اهو تير جنهن کان تحريڪ انصاف تمام گهڻي خوف ۾ هئي. تحريڪ انصاف کي خوف هو ته هن مٿان اليڪشن ڪميشن جو اهو فيصلو ڪنهن وڏي ڇپ وانگر ڪرندو، جيڪو ان ڪيس جي سلسلي ۾ هو ته تحريڪ انصاف غيرملڪي شهرين ۽ ڪمپنين کان فنڊ ورتا آهن ۽ اهي فنڊ ملڪي قانون جي مطابق ڏوهه آهن ۽ اهي ڏوهه ان پارٽيءَ غلط بيانيءَ مان ڪم وٺندي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کان لڪايا آهن.
تحريڪ انصاف جي مٿان اها تهمت هن جي اڳوڻي ۽ پارٽيءَ جي بانيءَ ميمبر اڪبر ايس بابر پاران هنئي وئي. هن جو اهو الزام هو ته تحريڪ انصاف ڪوڙ ڳالهايو آهي ۽ هن مالي فراڊ ڪيو آهي. هن ڪروڙين روپين جي هيراڦيري ڪئي آهي. اهو عمل به ڪرپشن جي زمري ۾ داخل آهي. ڇو ته پاڪستان جو قانون ڪنهن به صورت ۾ اهو قبول ڪري نه ٿو سگهي ته ڪا پارٽي ٻاهرين شهرين ۽ انهن ڪمپنين کان پئسا وٺي، جن جي باري ۾ چيو ويو آهي ته اهي ڪمپنيون ڪوڙيون ۽ جڙتو آهن. اهي ڪمپنيون ان ڪري ٺاهيون ويون هيون ته جيئن ٻاهران ايندڙ مال لڪايو وڃي. تحريڪ انصاف هڪ تمام وڏي پارٽي آهي ۽ هڪ اهڙي پارٽي آهي، جيڪا چندو ڪٺو ڪرڻ ۽ ان جي لاءِ وڏيون مهمون هلائڻ جو تجربو رکي ٿي.
عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جي قيادت پنهنجي مٿان آيل ان فيصلي کي عدالت ۾ چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ انڪار ڪيو آهي ته هن ڪنهن قسم جي مالي دوکيبازي ڪئي آهي. پر جيڪي ثبوت هن مهل سامهون آيا آهن، انهن کان انڪار ڪرڻ آسان نه آهي. هونءَ ته پاڪستان ۾ اهڙو ڪجهه به ٿيندو رهيو آهي، جنهن ۾ قانون جي توهين جو مڪمل طور تي نقشو پيش هوندو آهي پر اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته هن ملڪ ۾ ڪو آئين ۽ ڪو قانون به آهي ۽ اهو قانون جڏهن به عمل ۾ ايندو آهي، تڏهن ڪٿان نه ڪٿان ڪو نه ڪو ان جو شڪار ٿيندو آهي. هن ڀيري عمران خان جي مٿان اليڪشن ڪميشن جو جيڪو فيصلو آيو آهي، اهو ڪنهن به طرح سان ان پاناما ڪيس کان گهٽ ناهي، جنهن جي بنياد تي عمران خان ميان نواز شريف کي وزارت اعظميٰ جي ڪرسيءَ تان لهرائي سڌو جيل موڪليو هو ۽ ان سان گڏ هو نااهل به ٿي ويو هو.
عمران خان جي مٿان به ساڳين الزامن ۽ ساڳين سزائن جا پاڇا پئجي رهيا آهن. اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ تحريڪ انصاف کي جيڪو شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو آهي، ان ۾ چيو آهي ته ”اهي غيرقانوني فنڊ ڇو نه ضبط ڪيا وڃن؟“ اهي فنڊ ته ضبط ڪيا ويندا ۽ معلوم ناهي ته هن مهل تحريڪ انصاف جي اڪائونٽ ۾ ايترا پئسا آهن يا نه جو ايتري رقم جي حساب سان سزا طور تي ان کي ضبط ڪجي؟ پر ان فيصلي سان اصولي ۽ قانوني طور تي عمران خان جي پارٽيءَ واري قيادت کي سڌو سنئون خطرو درپيش آهي. ڇو ته پاڪستان جي قانون ۾ ليڊر جو امين ۽ صادق هجڻ لازمي آهي. جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن پاران فيصلي جي صورت ۾ تحريڪ انصاف جي مٿان چٽي پوي ته ان جي نتيجي ۾ عمران خان جي قيادت به لوڏي ۾ اچي ويندي ۽ ان سان به اهو ڪجهه ٿي سگهي ٿو، جيڪو نواز شريف سان ٿيو آهي. ان جو مطلب ته پاڪستان ۾ پارٽين جا قائد قانوني طور تي قيادت نه ڪرڻ جوڳا ثابت ٿيندا ۽ جيڪڏهن اهو ڪجهه ٿيو ته اهو هڪ الڳ تماشو ٿيندو.
عمران خان جي عوامي شهرت هن معاملي ۾ هن جي ڪيتري مدد ڪري سگهندي؟ اهو به ڏٺو ويندو. پر هڪ ڳالهه طئه آهي ته عمران خان ان سزا کان پوءِ پنهنجي سياسي انداز ۾ اهو سڌارو آڻڻ لاءِ مجبور ٿي سگهي ٿو، جنهن جي تقاضا هن کان ملڪي اسٽيبلشمينٽ ڪندي رهي آهي. عمران خان جي چمڪندڙ شخصيت کي لڳل اهو داغ هن جي حامين جي نظر ۾ ڪا به اهميت نه ٿو رکي. ڇو ته ان کان اڳ ۾ به عمران خان جي مٿان تمام گهڻا الزام لڳا آهن پر هن جي حامين انهن کي ڪڏهن به ڪا اهميت نه ڏني آهي. هن ڀيري به هن جا حامي عمران خان جي حق ۾ نعرا هڻندا ۽ حمايت ۾ تاڙيون وڄائيندا.