ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

برسات متاثرن لاءِ معاوضو، هڪ بهتر فيصلو

Editorial

سنڌ ۾ برساتن جو سلسلو شروع ٿيڻ کان پوءِ آبادگارن توڙي غريب ماڻهن سان جيڪي ڪجهه ٿيو آهي، ان نقصان جو ازالو ڪرڻ لازمي آهي. عام طور تي جڏهن به برساتون وسنديون آهن ته نقصان ٿيڻ کان پوءِ عوام کي پنهنجي حال تي ڇڏيو ويندو آهي، جڏهن ته ان جي واهر ڪرڻ حڪومت ۽ انتظاميا جي ذميواري هوندي آهي. هن سال شروع ٿيل برساتن جو سلسلو اڃا به هلندو رهندو، اهو ايترو جلدي ختم ڪونه ٿيندو. پر ڇا ان لاءِ حڪومتي سطح تي اڳواٽ تياري ڪئي وئي آهي. عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪجهه ڪيو ويو آهي؟ ڪالهه ان حوالي سان هڪ سٺي خبر آئي آهي، جنهن موجب حڪومت برسات ۾ ٿيل نقصان جو ڪاٿو لڳائيندي. اهو هڪ سٺو اپاءُ هوندو.
صوبائي ڪابينا صوبي جي ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي آهي ته انساني جانين جي نقصان، گهرن، فصلن جي نقصان، روڊن جو ڄار ۽ نيڪالي واري سسٽم جو ڪاٿو لڳائڻ شروع ڪيو وڃي ته جيئن متاثرن کي معاوضو ڏيڻ لاءِ وفاقي حڪومت سان رابطو ڪيو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير مڪاني ادارن واري کاتي کي هدايت ڪئي ته ڪراچي ۽ ٻين ضلعن ۾ ٽٽل روڊن ۽ نيڪال واري لائينن جي مرمت ڪرائي وڃي. هن اهڙو فيصلو ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪابينا اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري، چيئرمين پي اينڊ ڊي ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته تيز برساتن صوبي جي شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي. وڏي وزير جي زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته کجيءَ جو فصل تيار ٿي چڪو آهي پر خيرپور ۾ تيز برساتن سبب هارين کي اربين رپين جو نقصان پهتو آهي. هن صوبي ۾ خريف جي فصلن کي نقصان جو معاملو پڻ اٿاريو. سنڌ ڪابينا جي سفارش تي سنڌ جي وڏي وزير صوبي جي سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته اهي جاني نقصان، ڪچي ۽ پڪي گهرن، روڊن جي ڄار، نيڪال سسٽم سميت سمورن نقصانن جو جائزو وٺن ته جيئن معاوضي جي منظوري لاءِ وفاقي حڪومت سان رابطو ڪجي. هن وڌيڪ چيو ته سندس حڪومت به پنهنجي وسيلن سان متاثر ماڻهن جي مدد ڪندي. ڪابينا 53 تعليمي ادارن کي هلائڻ لاءِ سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن جي سربراهيءَ ۾ 7 رڪني مئنيجمينٽ بورڊ ٺاهڻ جي تجويز جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن ۾ 31 اسڪول ۽ 22 مدرسن کي ايف اي ٽي ايف جي شرطن تي پورو ڪرڻ لاءِ پنهنجي تحويل ۾ ورتو آهي. ڪابينا ڳوٺن جي سولرائيزيشن لاءِ متبادل توانائي جهڙوڪ سولر پي وي ٽيڪنالاجي فراهم ڪرڻ لاءِ توانائي کاتي جي تجويز جي منظوري ڏني. توانائي واري وزير امتياز شيخ ڪابينا کي ڄاڻ ڏيندي چيو ته ڳوٺن کي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ مني/مائڪرو گرڊ، سولر هوم سسٽم لڳايو ويندو. امتياز شيخ چيو ته وليج اليڪٽريڪل پلان تحت ڳوٺن کي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ سولر هوم سسٽم لڳايو ويندو. هن چيو ته ڳوٺن جي سولرائيزيشن منصوبي تحت ڳوٺن کي بجلي ڏيڻ لاءِ تڪڙو ۽ اقتصادي حل ثابت ٿيندو. ڪابينا ان تجويز جي منظوري ڏني ۽ وڏي وزير توانائي کاتي کي هدايت ڪئي ته ڊويزنل سطح تي انهن ڳوٺن ۾ جن ڳوٺن ۾ بجلي ناهي اتي سولرائيزيشن لاءِ پري ڪواليفائي ڪري.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت پاران برسات متاثرن لاءِ هڪ سٺو فيصلو ڪيو ويو آهي پر ان ڳالهه جو خيال رکڻ ضروري آهي ته ڪاٿو لڳائڻ کان پوءِ امداد توڙي امدادي رقم متاثرن تائين پهچڻ لازمي آهي، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ گهڻو ڪري ائين ٿيندو آهي جو جڏهن عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪا رقم جاري ٿيندي آهي ته اها متاثرن تائين پهچڻ کان اڳ ۾ ئي هڙپ ٿي ويندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ انهن کي ڪو لاڀ نه ملي سگهندو آهي. اهڙي ريت هن ڀيري به جيڪڏهن رليف لاءِ ملندڙ رقم بهتر نموني استعمال نٿي ٿئي ته متاثر ماڻهن جي نقصان جو ازالو نه ٿي سگهندو. تنهنڪري ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته جيڪي به متاثر آهن، انهن تائين رليف پهچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button