ملڪ ۽ سنڌ ۾ رياست پيشيور صحافين کي ڪڏهن به برداشت نه ڪيو آهي. جنهن لا صحافي توڙي ادارا قيمت به چڪائيندا رهيا آهن. ماضي کان هيل تائين صحافين پاران اظهار جي آزاديءَ لاءِ ادا ڪيل ڪردار ۽ لکڻين سان تاريخ ڀري پئي آهي. جنهن کان وقت جا حڪمران ڏڪندا به رهيا آهن. پو مختلف طريقن سان اهڙي صحافت کي ختم ڪرڻ لا حڪمرانن وسان ڪين گهٽايو آهي. اهو سلسلو اڄ به جاري آهي. پيشيور ۽ کرن صحافين جي جڏهن تاريخ لکي ويندي ته اختر بلوچ جو نالو به انهن ۾ ضرور شامل هوندو. اختر بلوچ کڻي جنم ميرپورخاص ۾ ورتو هو پر هن زندگيءَ جو آخري ماڳ ڪراچيءَ کي ئي ٺاهيو هو، جنهن ڪراچي اختر بلوچ کي شهرت تي بلندين تي به پهچايو.
هن گم ٿيل ويل ڪراچيءَ کي دريافت ڪري اهڙن تحقيقاتي بلاگن تي ٻڌل “ڪرانچي والا” ڪتاب به صحافين ۽ پڙهندڙ جي هٿن ۾ ڏنو هو. هن انهن بلاگز ۾ ڪراچيءَ جي قديمي عمارتن، ماضي جي ڪردارن، مسارجي ويل قبرستانن، لٽجي ويل داستانن، گم ٿي ويل هوٽلن، يهودين جي قبرستانن سميت انيڪ ڪهاڻين ۽ موضوعن کي منظر عام تي آندو هو. اختر بلوچ جديد اجگر شهر کي به هڪ کان 2 صدي پٺيان کڻي پوري جاگرافي سمجهائڻ وارو صحافي هو. جنهن جي اردو به ڪمال جي هئي. ان اردو جي مهارت ۽ تحقيقاتي ڪم جي ڪري ئي ڪراچيءَ جي يونيورسٽين ۾ شاگردن کي پڙهائيندو هو. اختر بلوچ پنهنجي جوانيءَ جا ڏينهن صحافت کي ارپيندي حيدرآباد کي ئي پهرين صحافتي شهر چونڊيو هو. جتي هو کنڀي گم به ڪيو ويو. جنهن جو آواز اٿارڻ لا عاصمه جهانگير به حيدرآباد پريس ڪلب ٻاهران ڪيمپ هڻي ويٺي هئي. جنهن ڏينهن هن کي اغوا ڪيو ويو، ان ڏينهن تي حيدرآباد ۾ عاصمه جهانگير جو پروگرام رکيل هو. اختر بلوچ ايڇ آر سي پي، انساني حقن جي تنظيم جو سرگرم اڳواڻ ۽ بنيادي ميمبر هو، جنهن انساني ظلم خلاف ڀرپور آواز اٿاريو. جنهن جي ڏوهه ۾ هن قربانيون به ڏنيون ۽ نجي جيلن خلاف هن وڏو ڪم ڪيو. ڪيترائي ماڻهو زميندارن جي نجي جيلن مان آزاد ڪرايا.
اختر بلوچ جي رات ڪراچي پريس ڪلب حوالي هوندي هئي. اها ميز ئي سندس آفيس هئي، جتان جو پاڻي هن کي روز نوان خيال ڏيندو هو. هن پاڻي ۽ ڪراچي پريس ڪلب جي ميز تي ڪراچيءَ جو صحافي ڪو شاندار ناول لکي سگهي ٿو. هر هڪ جي برانڊ جو ذڪر ته سينيئر صحافي مجاهد بريلوي به لاجواب ڪندو آهي. اختر بلوچ جو پنهنجي زندگيءَ ۾ سڀ کان اهم ڪم سماج ۾ ڌڪاريل کدڙن فقيرن تي هو، جن جي زندگيءَ تي هن “تيسري جنس” جي نالي سان 2 جلدن تي ٻڌل ڪتاب به لکيو. هو اهو ڪتاب لکڻ ۾ ان ڪري به ڪامياب ويو هو جو هن کدڙن فقيرن جو اعتماد کٽيو هو. اڄ به ڪير کدڙن تي ڪتاب لکندو آهي ته سندس ڪتاب کي ريفرنس طور اڳيان رکندو آهي. هن ان تاريخي ڪارنامي جو ڪڏهن به ذڪر نه ڪيو، اختر بلوچ هڪ انسائيڪلوپيڊيا هو، هن ميرپورخاص ۾ نائي پاڙي ۾ سک ديو خواجه سرا تي پڻ بهترين لکيو هو. جنهن کي سهڻي فقير به سڏيندا هئا. جيڪو اڳ ۾ سک ديو هو. 6 فٽ قد هوندو هو. جتي ويجهو امام بارگاهه هئي. ورهاڱي کان پوءِ سک ديو انڊيا هليو ويو، وري واپس آيو. هن اسلام قبول ڪيو. جنهن جو نالو عبدالله رکيو ويو. جتي بي اولاد عورتون اولاد گهرڻ اينديون هيون.
اختر بلوچ ڪراچيءَ جي ريگل چوڪ تي به لاجواب لکيو آهي. ريگل چوڪ 60ع جي دور ۾ شاگردن ۽ 80ع جي دور ۾ صحافين جي تحريڪ جي تاريخ سلهاڙيل آهي. اڳ ۾ اهي احتجاج ڪراچي پريس ڪلب نه پر ريگل چوڪ تي ٿيندا هئا. جنهن کي سياست جو ڳڙهه به سڏيو ويندو هو، هن اتان جي قديمي هوٽلن تي به شاندار انداز سان لکيو آهي. ائين حيدرآباد جي حيدر چوڪ تي به شاندار انداز سان لکي سگهجي ٿو. جتي هاڻ پي ٽي آ ۽ مذهبي پارٽين جا جلسا، ريليون ۽ آفيسون ته نظر اچن ٿيون پر کاٻي ڌر ۽ قوم پرستن جي پارٽين اتان پير پوئتي ڪري ڇڏيا آهن. قديمي هوٽلن جي جا تي هاڻ چانهه جون هوٽلون ۽ ٻين عمارتن ۾ گهڻيون وڪيلن جون ئي آفيسون ملن ٿيون. عاشورن جي ڏينهن ۾ اختر بلوچ صدر واري علائقي ۾ هڪ مندر اندر تعزيو به ڳولي لڌو هو، جنهن کي هن رپورٽ به ڪيو. جنهن جي نگراني محموده بيگم عورت ڪندي هئي، 1957ع تائين محموده جي ما جنت به مندر جي نگران رهي. اهڙا قديمي مندر ۽ رکيل تعزيا ٻيا به هوندا، جنهن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان لا اختر بلوچ جهڙي اک رکڻي پوندي.
اختر بلوچ کان وڌيڪ ڪراچي پريس ڪلب جي تاريخ تي ٻيو ڪير بهتر نٿو لکي سگهي. اڄڪلهه ته حڪومت ۽ حڪمران به صحافين جي لکيل تاريخ کي وسارڻ لا وسان نٿا گهٽائين، جنهن لا هر روز صحافين جي هڪ نئين تنظيم وجود ۾ آڻي هر سال ڪروڙين روپيا ڏنا وڃن ٿا، اختر بلوچ اهڙين تنظيمن کان پاسيرو رهندي صحافين مان به ڪردار ڳولي ايندو هو. ڪراچي پريس ڪلب جي ستار ڀائي تي به هن لکيو. وڏن سياستدانن ۽ ڪراچي پريس ڪلب جي رشتي تي به اختر بلوچ لکندو رهيو، جنهن جا بلاگز به شايع ٿيندا رهيا.
ڪراچي پريس ڪلب ۾ تمام پڙهيل لکيل صحافي ابراهيم جليس تي هن ڇا ته ڪمال جو لکيو آهي، اختر بلوچ لکيو هو ته ڪراچي پريس ڪلب ۽ صحافين جي جدوجهد جو اڻ ٽٽ رشتو رهيو آهي. اختر بلوچ لکيو هو ته ابراهيم جي لکڻين کان حڪمران ڊڄندا هئا، ان لا چوندا هئا ته ابراهيم مري وڃي ته سندس لکڻين جو خوف به اسان جي اندر مان مري ويندو. هن کي الائي ڪيتريون مراعتون آڇيون ويون پر هن انڪار ڪيو. پنهنجي ضمير ۽ لکڻين سان سچائيءَ سان بيٺل رهيو. ابراهيم جليس جڏهن هندستان مان ڪراچي آيو ته هن لا پيٽ پالڻ مشڪل هو، هن کي مشڪل سان شام جو نڪرندڙ اخبار ۾ ايڊيٽر طور نوڪري ملي، جنهن کان پوءِ هو “مساوات” اخبار سان سلهاڙجي ويو، جتي هن لا ڪم ڪرڻ ڏکيو بڻجي ويو. هن ڏکين حالتن دوران بينظير ڀٽو سان به ملاقات ڪئي. ابراهيم جليس ۽ اختر بلوچ جهڙن صحافين جي زندگيءَ کي ڏسجي ٿو ته سڌ پوي ٿي ته صحافت سچ به سياسي معاشي ۽ جاگرافيائي حالتن تي عبور رکڻ جو نالو آهي. نه ته اڄ جيڪو مين پڙي ۽ ڀتي خوريءَ لا ڊڪ ڊوڙ شروع ڪري ٿو ته ترت پاڻ کي پريس ۽ ميڊيا جو لقب ڏيارڻ ۾ دير نه ڪندو آهي. حقيقت ۾ اهو پاڻ کي سماج جي اندر وائکو ڪري رهيو هوندو آهي. جنهن کي صحافتي ٻوليءَ ۾ صحافي يا رپورٽر نه پر انفارمر سڏيو ۽ لکيو ويندو آهي.
هڪ پڙهيل لکيل صحافي هجڻ جي وڏي شاهدي ليون ٽراٽسڪيءَ کان وڌيڪ ڪير ڏئي سگهي ٿو، جنهن “انقلاب روس” ڪتاب ۾ لکيو آهي. ڪرنسڪيءَ جي حڪومت خلاف رسا ڪشي هلي پئي ته روس ۾ فرانس جو نئون سفير پهچي ويو. جنهن کي بريفنگ ڏيڻ لا پيٽروگراڊ ۾ صحافي ڪلارڊ اينٽ کي سڏايو ويو. جنهن سفير سان ملاقات ڪئي، ان صحافي روس جي سياست، جاگرافي ۽ تبديل ٿيندڙ حالتن تي جاندار نموني سان ڳالهايو، ايتري قدر سفير کي بالشويڪ ۽ منشيوڪ جو مسئلو به سمجهايو. ان ڪري هي صحافت جي ميراث اختر بلوچ ۽ سندس سنگ ۾ پرويل ساٿين وٽ ئي آهي. جنهن کي ڪير به ختم نٿو ڪري سگهي.