ممتاز منگي
عمران خان نيازي سرڪار جڏهن کان وجود ۾ آئي آهي، تڏهن کان هن جي اهليت ۽ نااهليت جو بحث ٿيندو رهي ٿو، هن جي سياسي مخالفن هن جي ذات ۽ هن جي سرڪار تي پهرين ڏينهن کان ئي اهو چئي تنقيد ڪئي ته” هي نااهل اڳواڻ آهي تنهن ڪري هن جي حڪومت هن ملڪ کي بهتر ڪرڻ جي بجاءِ وڌيڪ برباد ڪندي.” مخالف ڌر جي ان تنقيد کي شروعاتي مرحلي ۾ عام سطح تي طنز ۽ طعنو سمجھي روايتي انداز سان نظر انداز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويو ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ هڪ غير يقيني ڪيفيت ۾ مبتلا رهندي اها به اميد رکي وئي ته ممڪن آهي ته هو پنهنجي ذات ۾ ڪجهھ نه ڪجهھ ايماندار هجڻ جي ڪري ڪا بهتري آڻي ۽ ان اميد سان عوام ماڻهو مخالف ڌر جي تنقيد کي نظر انداز ڪندو رهيو.
عمران سرڪار جيڪي واعدا ڪيا انهيءَ واعدن ۽ اقرارن جو ورجاءُ پاڻ نٿا ڪريون پر هڪ اعتراف جيڪو هن کليل لفظن ۾ ڪيو ته هنن کي حڪومت جي انتظامي معاملات جو تجربو نه هو انهيءَ ڪري مشڪلاتون پيدا ٿي رهيو آهن، انهيءَ ۾ هن ان ٽيم جو ذڪر به ڪيو جنهن جي دعويٰ هو ڪندو رهيو ته هن سان باصلاحيت ۽ ٽيڪنو ڪريٽ جي هڪ پوري ٽيم موجود آهي پاڻ اهو طعنو نٿا ڏيون ته هو ان دعويٰ سان به يوٽرن ڪري ويو پر پاڻ صرف هي سوال آڏو رکون ٿا ته پوري انساني تاريخ ۾ جيڪي به وڏا انقلاب آيا آهن ۽ جيڪي انقلاب عظيم تبديليءَ جي سند رکن ٿا جن کي هاڻي به وڏي فخريا انداز سان پيش ڪيو ٿو وڃي ڇا انهن جو يا ان اڳواڻن جو حڪومت ڪرڻ جو ڪو پهريان تجربو هيو؟ يقينن نه پاڻ انقلاب جي ساڄي ۽ کاٻي ڌر جي بحث ۾ نٿا وڃون پر اهي تبديليون ڀلي ساڄي ڌر جي طرفان آيون هجن پر انهن جو فائدو عوام کي رسيو هجي انهن کي پوري ايمانداريءَ سان کاٻي ڌر جي انقلابين انتهائي جذبي سان ساراهيو آهي ۽ انهن جي واکاڻ ڪئي آهي ساڳي طرح کاٻي ڌر جي انقلابن کي ساڄي ڌر جي حقيقت پسندن ۽ سياستدانن (جيڪي عوام دوستيءَ جا قائل رهيا آهن) انهن ساراهيو آهي، جيئن علامه اقبال ڪارل مارڪس جي لاءِ چيو ته ” نيست پيغمبر، مگر در بغل داردڪتاب” يعني هو پيغمبر ته ناهي پر هن جي بغل ۾ ڪتاب آهي. ساڳئي طرح اقبال لينن جي باري ۾ هن جو مشهور نظم لينن “خدا ڪي حضور ۾” پيش ڪندي جيڪا واکاڻ ڪئي ۽ جذبات ۾ اچي ڪري هن لکيو “جس کيت سي دهڪان ڪو ميسر نه هو روزي اس کيت هر خوشهگندم ڪو جلادو، اٺو ميري دنيا کي غريبون ڪو جڳا دو”
هر عوام دوست ۽ انقلابي سڀني جو محبوب هجي ٿو ۽ رهيو آهي رهندو ايندو. چوڻ جو مطلب هي آهي ته لينن، مائوزيتنگ، چون لائي، فيڊل ڪاسترو کان وٺي ڪيترائي اهڙا اڳواڻ ٿي گذريا آهن جن جو حڪومت سازيءَ تي پهريان تجربو نه هو، پر اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ هنن پوري سماج کي ڪٿي بهتر ڪيو ته ڪٿي ڪايا ئي پلٽ ڪري ڇڏي.
ويٽنام جي هوچي منهه جي زندگي اسان جي اڳيان آهي، اهڙي طرح يورپ جا ڪيترائي سياستدان ۽ آمريڪا جا ڪيترائي سياستدان يا ليٽن آمريڪا جا اڳواڻ اسان جي اڳيان وڏي کان وڏو دليل آهن. اهليت جي لاءِ تجربي کان وڌيڪ اهميت ان نقطي جي هوندي آهي ته هو اهل آهي يا نه، ۽ اهليت جي شروعات پارٽي ٺاهڻ جي عمل کان سياست جي عمل کان شروع ٿئي ٿي، هڪ اهل ليڊر سڀ کان پهريان پارٽيءَ جي جوڙجڪ اهڙي بنيادن تي ڪندو جو اها پارٽي پنهنجي سياسي اهليت جو ڀرپور مظاهرو ڪندي عوام جي وين گارڊ يعني قيادت
ڪندڙ نظر ايندي آهي ۽ جڏهن ان پارٽي کي حڪومت ملندي آهي ته اهو يقين جي آخر حد هوندي آهي ته هن پارٽيءَ کان اهڙو ڪو به عمل نه ٿيندو جو ان تي نااهليت جو داغ لڳي سگھي.
مشڪلاتن کي اهليت ئي منهن ڏيندي آهي پاڪستان جي تاريخ ۾ حڪومتي اهليت جو مظاهرو سڀ کان وڌيڪ ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي دور ۾ ڪيو جو هن جنگ جي شڪست کاڌل ملڪ کي معاشي بحران جي اونداهين کان ڪڍي بلندين تي آندو، هاڻي انهيءَ جي گھڻ رخن تي بحث ڪري سگھجي ٿو پر هي اعتراف پوري تاريخ ڪري رهي آهي ته هو هڪ بلاصلاحيت اڳواڻ هو اهوئي سبب آهي جو هڪ اهل اڳواڻ هجڻ ڪري هن نااهلن کان به بهتر ڪم ورتو جيئن هڪ انجنيئر يا تعميراتي ماهر استاد مزدورن کان محل ٺهرائيندو آهي. بلڪل ائين ۽ اهڙي طرح سان جنهن جو اعتراف ڀٽي جا پوئلڳ نه پر ان جا سياسي مخالف هن جي زندگي ۾ به ڪندا هئا، 77 جي اليڪشن ۾ جماعت اسلامي جي باني مولانا مودودي صاحب ذوالفقار ڀٽي کي چيو هو ته تنهنجا ماڻهو ڌانڌليون ۽ زور زبردستيون ڇو ٿا ڪن مان تون کي يقين ٿو ڏياريان ته تنهنجي پارٽي اليڪشن کٽندي ڀلي ڪجھه سيٽون گھٽ وڌ ٿين يا ووٽن جو تناسب هيٺ مٿي رهي، پر عوام ۾ تنهنجي لاءِ سٺي موٽ موجود آهي توهان غلطي نه ڪيو، هي هيو هڪ وڏي عالم جو حقيقت پسنديءَ جو اظهار ۽ 77ع جي دور ۾ اها حقيقت هئي ته ذوالفقار علي ڀٽي تي سول ڊڪٽيٽر ۽ ٻيا غرور جا الزام لڳندا هئا يا هو مخالفن کي جمهوري انداز سان ڊيل ڪرڻ جي بجاءِ ٻيا هٿڪنڊا استعمال ڪندو هو، پر حڪومتي اهليت جو اعتراف خارجه پاليسيءَ کان داخلي ۽ معاشي پاليسين تائين ايترو هيو جو ڪو به انهيءَ کان انڪار نه ڪري سگھندو هو ۽ نه هن وقت تائين ڪري سگھيو آهي.
انهيءَ ڪري شيخ اياز چيو هو ته “سنڌ ٻه سياستدان پيدا ڪيا هڪ چچ بن سيلاج ۽ ٻيو ذوالفقار علي ڀٽو” ڀٽي جي اهليت کي بلوچ قوم پرست به تسليم ڪندا رهيا، انهيءَ ڪري ته هو حڪومت سازي ۽ سياست ۾ اهل هيو هن کي ڪنهن به نااهل جو طعنو نه ڏنو، پر هن حڪومت جي هي تاريخي سچائي آهي ته هن کي مخالف ته نااهل سڏن ٿا هن جا پنهنجا پوئلڳ به نجي ڪچهرين ۾ عمران خان تي تنقيد نااهليت جي جملي کان شروع ٿا ڪن، هن وقت تائين هن جي اهليت جو ڪو به عمل نظر ناهي آيو، معيشت کان سياست تائين خارجه پاليسيءَ تائين ڍنگو ئي ڍيري لڳو پيو آهي. عمران خان جي حڪومت سازي ۾ جيتري به نااهليت هجي هو سياسي دنيا ۾ ڪيترو به نااهل هجي هن جو آئيڊيل ڀلي ڪو انقلابي نه هجي پر هو سياست جي دنيا ۾ تمام وڏو چالاڪي وارو قدم کڻندي هن پاڻ کي ثابت ڪيو آهي ته هو ڪيترو چالاڪ آهي هن کي اها خبر آهي ۽ هو سمجھي ٿو ته نااهليت جو اعتراف ڪرڻ جي بجاءِ يا مخالفن سان پنهنجي اهليت جي اثر ڇڏڻ جي بجاءِ جهيڙي جي حڪمتِ عملي اختيار ڪجي اسان عام زندگيءَ ۾ اهو هر روز مشاهدو ڪندا آهيون ته نااهل ماڻهن جا ٻه گروھه هوندا آهن هڪڙو اهو جيڪو کليو پنهنجي نااهليءَ جو اعتراف ڪندو آهي اهڙا نااهل اڳتي هلي ڪري پاڻ ۾ اهليت پيدا ڪري ويندا آهن پر ٻيا اهي جيڪي پنهنجي نااهليءَ جي ڪمزوريءَ کي لڪائڻ جي لاءِ اهليت جو مقابلو شعوري عملي صلاحيت سان ڪرڻ جي بجاءِ جهيڙي جو سهارو وٺندا آهن، علمي بحثن ۾ به اسان کي اهوئي نظر ايندو آهي ته هر نااهل طاقتور دليل ۽ مخالف جي بحث جو جواب گار ۽ تشدد سان ڏيندو آهي، ڪيترائي ٻار اهڙا اسان کي نظر ايندا آهن جيڪي جڏهن راند هارائيندا آهن ته پوءِ جهيڙو ڪري ڦٽائيندا آهن اسان جو خان ڀائي به ان ئي حڪمتِ عمليءَ تي عمل ڪندي هن پهريان جهيڙو سياسي مخالفن سان اهڙو شروع ڪيو جو وزير اعظم هجڻ جي باوجود هي مظلوم بڻيو ڦرندو رهيو آهي اها تنقيد رڳو مخالف جماعتن تي ناهي ڪئي پر هن جي حملي کان صحافت ۽ عدليه به بچي ناهن سگھيا، تنهن ڪري اهوئي طريقو اختيار ڪندي هاڻي ان واپس پيج تي موٽي آيو. هن اسٽيبلشمينٽ سان اختلاف ڪري جيڪو جهيڙو شو آف ڪيو آهي انهيءَ مان هو صاف اهو پيغام ڏيڻ ٿو چاهي ته هاڻي اسٽيبلشمينٽ به هن جي ڪم ۾ رڪاوٽون پيدا ٿي ڪري تنهن ڪري سڀاڻي عمران خان کليو هي اظهار ڪندو ته هن کي ڪنهن به ڪم ڪرڻ نه ڏنو، هو پنهنجي نااهليت کي هر محاذ تي جهيڙي ۾ گڙٻڙ ڪري لڪائڻ جي تمام وڏي حڪمتِ عمليءَ تي عملي ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ نئون باب هي به لکيو ويندو ته نااهليت کي لڪائڻ جي لاءِ جهيڙي جي حڪمتِ عملي عظيم هٿيار آهي.