ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

تباهه حال ليبر ڪالونيون

Editorial

شهرن ۾ جتي به پورهيت طبقو آباد آهي، اتي انهن کي ڪجهه سهولتون فراهم ڪرڻ لازمي هوندو آهي، جيئن ته اهو طبقو ايتري پئسي وارو ڪونه هوندو آهي، تنهنڪري ان لاءِ رهائش ۽ زندگيءَ جون ٻيون ضرورتون لازمي هونديون آهن. سنڌ ۾ جتي به پورهيتن لاءِ جوڙايل ڪالونيون آهن، اهي گهڻو ڪري سهولتن کان وانجهيل آهن. پيئڻ جي پاڻيءَ کان وٺي رهائش جي انتظام تائين ڪي به اهڙيون سهولتون نه آهن، جن مان پورهيت لاڀ وٺي سگهن. ڪاغذن ۾ اهي ڪالونيون ٺهيل هونديون آهن. چونڊيل نمائندا انهن لاءِ وڏا وڏا اعلان به ڪري ويندا آهن پر نتيجو ٻڙي نڪرندو آهي. جنهن جي ڪري وڏي ۾ وڏو مسئلو اهو آهي ته هڪ ته انهن پورهيتن لاءِ ڪالوني ڄڻ ته آهن ئي ڪونه ٻيو ته جيڪا زمين انهن کي مليل هوندي آهي. ان تي ڪنهن بلڊر جي اک ضرور هوندي آهي، جنهن جي ڪري اهي سدائين دربدر پيا ٿيندا آهن ۽ دانهيندا رهندا آهن ته ڪالونين کي پڪو ڪيو وڃي يا انهن کي گهٽ ۾ گهٽ اهڙي حالت ۾ ضرور آندو وڃي جو رهڻ لائق ٿي سگهن. پر تنهن هوندي به چونڊيل نمائندن جي ڪن تي جونءِ ڪانه سرندي آهي، نتيجي ۾ انهن لاءِ اهي ڌڪا ٿاٻا هوندا آهن. ڀان سيد ويجهو به پورهيتن لاءِ جوڙايل ڪالونيءَ جي حالت ڪجهه اهڙي ئي آهي، جنهن لاءِ ڳوٺاڻا احتجاج پڻ ڪري رهيا آهن.
ڀان سيدآباد ويجهو ڳوٺ رنگ ۾ اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه پاران پورهيتن لاءِ جوڙايل ليبر ڪالوني 28 سال گذرڻ باوجود مزدورن جي حوالي نه ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري ڪالونيءَ جا ڪوارٽر ڀوت بنگلن جو ڏيک ڏئي رهيا آهن. ڳوٺاڻن احتجاج ڪري مطالبو ڪيو آهي ته ڪالوني جلد مرمت ڪرائي اسان جي حوالي ڪئي وڃي. ڀان سيدآباد ويجھو ڳوٺ رنگ ۾ ڳوٺاڻن پاران ليبر ڪالوني سندن حوالي نه ڪرڻ خلاف ڳوٺ جي چڱي مڙس وڏيرو الھڏنو رنگ، ربنواز رنگ، وڏيرو لونگ، شھمير ۽ علي شير رنگ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڀان ڇني لنڪ روڊ تي ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته 1994ع ۾ ان وقت جي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه ڳوٺاڻن جي سھولت لاءِ ڪوارٽرن تي مشتمل ڪالوني ٺھرائي هئي، جنھن ۾ 6 دوڪان، مسجد، واٽر سپلاءِ اسڪيم ۽ ٽرانسفارمر سميت ٻيون سھولتون موجود هيون پر افسوس ھيءَ ڪالوني اڄ ڏينهن تائين ڳوٺاڻن حوالي نه ڪئي وئي آھي، جنھن ڪري ٺيڪيدار جي نااھليءَ سبب ڪالونيءَ جو ٽرانسفارمر توڙي پاڻي وارا موٽر ۽ ڪوارٽرن جا در ۽ دريون چوري ٿي ويون آھن، جڏھن ته گذريل برساتن دوران ڪجهه گھر ڊھي پٽ ٿي ويا آھن، جنهن ڪري اسان کليل آسمان ھيٺ رھڻ تي مجبور آھيون پر اسان جي ٺھيل ليبر ڪالوني اسان حوالي نه ٿي ڪئي وڃي، جيڪا وڏي زيادتي آھي. آخر ۾ ھنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ حد جي ايم اين اي سڪندر علي راھپوٽو کان مطالبو ڪيو آھي ته جلد ليبر ڪالوني ڳوٺ رنگ جي حقيقي مستحقن حوالي ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ مجبورن سي ايم ھائوس اڳيان ڌرڻو ھنيو ويندو. 28 سال ڪنهن به ريت ڪو گهٽ عرصو ناهي ۽ اها پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت هئي جنهن ليبر ڪالونيءَ جي منظوري ڏني هئي، هاڻ به پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت آهي، جنهن آڏو اهي پورهيت دانهين رهيا آهن پر حڪومت انهن جو آواز ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. ان حوالي سان سنڌ حڪومت کي تحرڪ وٺڻ گهرجي ته ليبر ڪالونيءَ جي ڪم ۾ ڪهڙيون رنڊڪون آهن ۽ ڪير آهن، جيڪي رنڊڪون وجهي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته اهو اتان جي پورهيتن جو حق آهي ته کين ليبر ڪالونيءَ جو ڪم مڪمل ڪري ڏنو وڃي. ان کان سواءِ اها به ڪوشش ڪئي وڃي ته ليبر ڪالونيءَ جي پلاٽ تي جتي جتي به قبضا ٿي ويا آهن، انهن کي هٽايو وڃي، ڇاڪاڻ ته اها ملڪيت انهن پورهيتن جي آهي. تنهنڪري اها انهن کي ئي ملڻ گهرجي. جيڪڏهن اها ڪالوني انهن پورهيتن حوالي ناهي ڪرڻي ته ان حوالي سان به حڪومت پنهنجو چٽو موقف رکي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ جتي به ليبر ڪالونين لاءِ پلاٽ رکيا ويا آهن يا جتي انهن جو اڏاوتي ڪم شروع ڪرايو ويو هو، اهو ڪم ترت پورو ڪيو وڃي. ان ڪم ۾ جيڪي به رنڊڪون هجن، انهن کي ترت ختم ڪيو وڃي ته جيئن پورهيتن کي رهڻ لاءِ بهتر سهولتون ملي سگهن. اهي سٺن گهرن ۾ رهي سگهن ۽ انهن جا ٻار به سٺي زندگي گذاري سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button