عمران خان ڪو انقلابي ڪونهي. عمران خان انقلابي ته ڇا پر هڪ اهڙو جمهوريت پسند به ناهي، جهڙن جمهوريت پسندن جا نالا هو پنهنجي تقريرن ۽ انٽرويوز ۾ ورجائيندو رهندو آهي. عمران خان خانداني سياست جو علمبردار نه هجي پر هن جي تحريڪ انصاف مٿان شخصي آمريت ايتري آهي، جيتري زرداريءَ يا نواز شريف جي! ان جو سڀ کان وڏو ثبوت اهو آهي ته هن پنهنجي پارٽيءَ ۾ پنهنجي پوروڇوٽ ڪا به قيادت اڀرڻ نه ڏني آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو نوجوانن کي سياسي سرگرميءَ ۾ وڏي پئماني تي وٺي آيو پر هن ننڍي پئماني تي به انهن جي سياسي تعليم ۽ تربيت جو بندبست نه ڪيو. هن کي تاريخ ان ڳالهه جو تمغو ڏيندي ته هن عورتن ۾ سياسي سوچ پيدا ڪرڻ ۽ خاص طور تي شهرن جي مڊل ڪلاس عورتن کي سياسي تحريڪ ۾ سمائڻ جي سلسلي ۾ تمام وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي پر هن پنهنجي پارٽيءَ ۾ عورتن کي اها نمائندگي ڪنهن به صورت ۾ نه ڏني آهي، جنهن مان اهو نظر اچي ته عمران خان صنفي انصاف جو قائل آهي. هو عورتن ۽ نوجوانن کي پنهنجي سياسي مقصد لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته هن جي سياست جو ٽارگيٽ عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ خوشحالي آڻڻ ۽ جيڪي به پراڻ پسند ۽ مدي خارج قوتون آهن، انهن کي ختم ڪري ملڪ کي نئين دور ۾داخل ڪرڻ جو عزم هو ڪڏهن کان وٺي ڇڏي چڪو آهي. عمران خان کي هن مهل اقتدار گهرجي ۽ اهو اقتدار جنهن ۾ هو پنهنجي ذات کي هڪ بادشاهه وانگر بيهاري سگهي. هو هن ملڪ جو ائين بادشاهه بڻجڻ چاهي ٿو، جيئن نواز شريف يا جيئن زرداري!
دنيا جي تاريخ هر قسم جي بادشاهن سان ڀريل آهي. هڪڙا بادشاهه ظالم هئا ۽ ٻيا خداترس هئا. هڪڙا بادشاهه پڪا مذهبي هئا ۽ هڪڙا بادشاهه وڏا من موجي ۽ عياش هئا. هڪڙن بادشاهن وڏا محل ۽ تعميراتي عجوبا ٺهرايا ۽ ٻين بادشاهن پراڻا آثار به ڊهرايا. هڪڙا بادشاهه شڪار جا شوقين هئا ۽ ٻيا بادشاهه جيتن جڻين تي به پير نه ڏيندا هئا. هڪڙا بادشاهه علم ۽ فن جا رسيا هئا ۽ ٻيا علم ادب جا دشمن هئا. هڪڙا بادشاهه پرامن هئا ۽ ٻين بادشاهن جي تلوارن مان ڪڏهن به رت نه سڪو. ان حوالي سان بادشاهه مڙوئي بادشاهه رهيا آهن پر ڪي ڪهڙا ڪهڙا؟ عمران خان به پنهنجن سياسي مخالفن جيان هڪ بادشاهه ئي آهي پر هن جو مزاج الڳ آهي. هو پاڻ کي ان صف مان ڪڍي نه ٿو سگهي. هو پنهنجي لاءِ اهو چئي نه ٿو سگهي ٿو هو هن پنهنجي پارٽيءَ ۾ اهي خوبيون پيدا ڪيون آهن، جيڪي ڪنهن به مهذب معاشري جي پارٽيءَ ۾ هجڻ گهرجن. هو پاڻ جهڙي طرح وڏي ٺٺ ۽ ٺانگر سان ويٺو ۽ ليٽيو پيو هوندو آهي ۽ ٻيا هن جي آڏو ٻانهن وانگر ويٺا نظر ايندا آهن، ڇا هو ٻين کي اها اجازت ڏيندو ته هو هن سان اهڙو سلوڪ ڪن؟ ظاهر آهي ته نه! ان ڪري عمران خان به پنهنجي طبيعت ۾ هڪ بادشاهه ۽ شهنشاهه آهي. اها الڳ ڳالهه ٿي سگهي ٿي. آئون هڪ ڀيرو ٻيهر لکان ٿو ته ”ٿي سگهي ٿي“ ته هو پنهنجن سياسي مخالفن وانگر ڪرپٽ نه هجي پر جيڪڏهن فارن فنڊنگ ڪيس ۾ هن جا پرڪار پڌرا ٿيا آهن ته ان مان گهٽ ۾ گهٽ اها ڳالهه ته واضح ٿي وئي آهي ته هو غلط بياني ڪرڻ کي سياست ۾ غلط نه ٿو سمجهي.
عمران خان کي معلوم آهي ۽ هاڻي هن کي ممڪن آهي ته ٻين کان ڪجهه وڌيڪ معلوم هجي ته پاڪستان ۾ جمهوريت جي آڏو اصل رڪاوٽ ڪهڙي آهي پر ان رڪاوٽ جي طرف عمران خان جو رويو ڪهڙو آهي؟ ڇا هو ان رڪاوٽ کي ملڪ مٿان مستقل طور تي هٽائڻ جو خواهشمند آهي يا هو ان رڪاوٽ تي به پير رکي اقتدار جي مسند ماڻڻ چاهي ٿو؟ ظاهر آهي ته عمران خان جا مسلسل بيان اهڙين اپيلن وانگر آهن، جيڪي ڪنهن جي روح ۾ رحم پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيون وينديون آهن. عمران خان صرف ۽ صرف پاور ۾ اچڻ ۽ هر قيمت تي پاور ۾ اچڻ جي لاءِ حيران ۽ پريشان آهي. اهو ئي سبب آهي ته هو جلد کان جلد اليڪشن ٿو چاهي. هن جي چونڊ سڌارن يا ٻين معاملن کي بهتر بڻائڻ واري عمل سان ڪا به دلچسپي ناهي. هن کي جلد کان جلد اقتدار گهرجي. هو وڌيڪ وقت انتظار به نه ٿو ڪري سگهي. ڇو ته هن ۾ اقتدار جي لاءِ جيڪا ڪشش آهي. اها هن کي هر قسم جي سمجهوتي ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري چڪي آهي. هن جهڙي طرح پنهنجي لبرل لائف اسٽائل کي ڇڏي ۽ بنهه ترڪ ڪري هٿ ۾ تسبيهه کنئي آهي ۽ پاڻ کي ملڪ جو مومن سياستدان ثابت ڪرڻ جي مهم تي جهڙي ريت هو نڪتو آهي، ان مان ئي پڌرو آهي ته هن جو ٻيو ڪنهن سان ڪجهه نه وڃي. هن کي اقتداري شان شوڪت گهرجي. ممڪن آهي ته هن کي ڪرپشن ۽ چوريءَ جي مال ۾ ڪا دلچسپي نه هجي. ممڪن آهي ته هو قومي دولت کي لٽڻ ڦرڻ وارو مزاج نه رکندو هجي پر هن کي اهي پروٽوڪول ضرور گهرجن، جيڪي پاڪستان جهڙي غريب ملڪ ۾ به وڏي دولت لٽائي پنهنجي حڪمران کي آڇيا ويندا آهن.
عمران خان جي اقتداري لالچ جي ڀيٽ ته نواز شريف يا آصف زرداريءَ سان ٿي سگهي ٿي پر اها به حقيقت آهي ته هن ۾ محنت ڪرڻ ۽ سمجهڻ سوچڻ جي خوبي آهي. هو ڪو سرڪاري گڏو ٿي ويهڻ جو تمنائي ناهي. هو پنهنجي پارٽيءَ ته ڇا پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ متحرڪ ۽ محنتي سياسي فرد آهي. هن جيڪا به سياسي سگهه حاصل ڪئي آهي، اها پنهنجي شخصي محنت جي خوبين سان ڪئي آهي. هن ۾ سياسي علم ۽ عقل پوري پي ڊي ايم کان وڌيڪ آهي. هن ۾ سياسي چالن چلڻ جو فن انهن سياستدانن کان وڌيڪ آهي، جيڪي ميڪاوليءَ کان پوءِ پاڻ کي ئي سياسي سمجهه جا مالڪ سمجهندا آهن. عمران خان جي آڏو انهن جي حيثيت ڪهڙي آهي؟
عمران خان جي شهرت هن وقت شخصي شهرت آهي. هن پنهنجي سياسي ساک کي آمريڪا مخالف موڙ ڏئي جنهن طرح سان وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي، هو ان تان پوئتي هٽندو به نظر آيو آهي. جڏهن ته هن جا اهي عزم ۽ ارادا هوا ۾ اڏامي ويا، جن ۾ عمران خان پاڻ کي پاڪستان جي پوري سياسي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي علامت ڪري پيش ڪيو هو. اها علامت هن مهل پنهنجي شڪست جي پاڻ شاهدي ڏئي رهي آهي. عمران خان تمام گهڻو اثرانداز ٿي پئي سگهيو ۽ ملڪ جي سياسي ڪلچر کي تبديل ڪرڻ جي سلسلي ۾ هن جو نالو وڄي به سگهيو. پر هن کي تاريخ ۾ نالو روشن ڪرڻ بدران اهو اقتدار گهربل هو، جيڪو تمام گهڻين شرطن سان مشروط هوندي به هن لاءِ انتهائي پرڪشش هو ۽ آهي. هو هن مهل به سموري سرگرمي وزير اعظم ٿيڻ لاءِ ڪري رهيو آهي ۽ ممڪن آهي ته هو ايندڙ وقت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جو اقتداري تاج پنهنجي سر مٿان سجائڻ ۾ ڪامياب به ٿي وڃي پر ان جو مطلب اهو نه ٿيندو ته هو پنهنجن سياسي مخالفن کان ايترو مختلف ٿي سگهي جو ان جي حوالي سان مورخ اهي لفظ لکڻ جي لاءِ مجبور ٿي وڃي، جيڪي ڪنهن ڪنهن لاءِ لکيا ويندا آهن.
سياست جي اقتداري چالن جي سلسلي ۾ هن مهل اهو نعرو پوري شدت سان نه ٿو هنيو وڃي پر ويجهي توڙي ڏوراهين ماضيءَ ۾ اهو نعرو پنهنجي پوري زور سان هنيو ويندو هو ته ”ايڪ زرداري سڀ پر ڀاري“ جڏهن ته عملي طور تي اهو سچ ناهي. اهو نعرو نه ته زرداري تي ٺهي ٿو ۽ نه وري نواز شريف تي پورو لهي ٿو. اهو نعرو جيڪڏهن ڪنهن جي مٿان فٽ اچي ٿو ته اهو عمران خان آهي پر اها شرط لازمي طور تي ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته عمران خان جنهن ميدان جو سياسي پهلوان آهي، اهو ميدان انقلابي يا عوامي يا جمهوري يا تاريخي جدوجهد جو ميدان ناهي. اهو ميدان صرف ۽ صرف اقتداري سياست جو ميدان آهي. هو تبديليءَ جو نعرو کڻي آيو پر هن پنهنجي لاءِ جيڪا پچ چونڊي اها اقتداري راند جي پچ هئي. هو تاريخي تبديليءَ جو ڪپتان نه بڻجي سگهيو. هو اقتداري گيم جو ڪپتان ضرور بڻجي ويو.
هن وقت جو منظرنامو ڪجهه هن ريت آهي ته هڪ طرف عمران خان آهي ۽ ٻي طرف ملڪ جا سمورا سياستدان آهن، اهي سڀ پريشان آهن ته هو ڪنهن طرح سان پنهنجي مخالف کي مات ڪري سگهن پر هن کي هن مهل تائين هو ڪمزور به نه ڪري سگهيا آهن. جڏهن ته عمران خان جي ناڪام حڪومت هن کي عوامي سطح جي غيرمقبول شخصيت بڻائي رهي هئي پر عمران خان کي اقتدار کان الڳ ڪري هن جي مخالفن هن کي هڪ ڀيرو ٻيهر پاپولر ڪري ڇڏيو ۽ پهريان کان به وڌيڪ شهرت هن جي حصي ۾ آئي. اها اقتدار جي راند هن مهل پوري شدت سان جاري آهي. ان اقتداري راند ۾ امپائر جي مدد سان يا پنهنجي ڪوشش سان، جيڪو به کٽي، اصل هار عوام جي حصي ۾ ايندي.