سنڌ ۾ لينن بابت مدي خارج بيان ڏنا ويندا آهن پر لينن جي زندگي جا گهڻا پهلو اڄ به لڪل آهن. لينن ڇا هو ڇا نه هو، اها دعويٰ ڪرڻ لاءِ باقاعدي ريسرچ جي ضرورت آهي ڪنهن مجبوري سبب ريسرچ نه ٿي ڪري سگهجي ته اٻوجهه سنڌي عوام اڳيان هام نه هنئي وڃي جنهن مان وقتي مفاد حاصل ٿيندو پر مستقبل ۾ تعليم يافته نسل ان اٻهري قومي خدمت جي نالي ۾ ٿيل هير ڦير پڪڙي وٺندو.
طارق علي اٺهتر ورهين جو ڪُراڙو تاريخدان آهي، صحافي مظهر علي خان ۽ طاهره خان جو پٽ آهي. سندس والدين جو پاڪستاني ليفٽ تي اثر رهيو آهي. مظهر علي ميان افتخار جي پاڪستان ٽائيمز اخبار جو تڏهن ايڊيٽر ٿيو هو، جڏهن فيض احمد فيض راولپنڊي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. طارق علي سٺ جي ڏهاڪي ۾ آڪسفورڊ پڙهڻ ويو. ان دور ۾ ڀٽو به هن نوجوان کي پنهنجي ڪوڙڪي ۾ ڦاسائڻ گهريو هو پر طارق علي پاڻ بچائي ويو.Can Pakistan Survive? ۾ ڀٽي جي سياست جا ڇوڏا لاهي سگهيو. پاڪستان ۾ رهي ها ته کيس تنگ ڪيو وڃي ها. اڄ تائين ٻاهر ئي رهي ٿو ۽ لکڻ نه ڇڏيو اٿائين. 2017ع ۾ روس جي انقلاب کي صدي پوري ٿيڻ تي هنThe Dilemmas of Lenin : terrorism, war, empire, Love, revolution ڪتاب لکيو، جيڪو برطانيه جي ورسو پبليڪيشن کان ڇپرايو ويو. ساڳئي سال سلاووئي ججڪ به لينن جي دور حڪومت تي ڪتاب مرتب ڪيو، مطلب ته هاڻي لينن تي کاٻي ڌر جي اسڪالرن جا ڪتاب موجود آهن، جن کي پڙهي لينن جو تجزيو ڪرڻ سولو ٿيو آهي.
طارق علي جو رويو لينن ڏانهن تنقيدي به آهي ۽ انڌي تعريف نه ڪئي اٿائين، لينن جي ڊِليماز تي سوال اٿاريا اٿائين ۽ انقلاب جي ناڪامي جا سبب جاچي ٿو. مان ڏٺو آهي ته مشهور عظيم هستين کي سمجهڻ بدران سندن واهه واهه ڪري جان ڇڏائي ويندي آهي، اها روش غلط آهي. اسان کي عظيم ماڻهن جي ڪتابن ۽ عملن کي جاچي سلجهيل نموني بحث ڪرڻ جي اهليت پيدا ڪرڻ گهرجي. لينن جي سياست سمجهڻ لاءِ واٽ اِز ٽوُ بي ڊَن، اپريل ٿيسز ۽ اسٽيٽ اينڊ رووليوشن، امپيريلزم دَ هائيسٽ اسٽيج آف ڪيپيٽلزم ۽ 1918 کان 1923ع تائين سندن تقريرون ۽ خط پڙهيا وڃن پوءِ چئجي ته فلاڻا فلاڻا ليننِسٽ آهن.
جون 1914ع ۾ سئرايوو شهر ۾ هڪ سرب آرچڊيوڪ فرينز فرڊينڊ کي قتل ڪيو جنهن تي جرمني آسٽرو هنگري سامراج کي ٽيڪ ڏني ته سربيه سان جنگ جو اعلان ڪري. سربيه جي صلاف قوم جي دفاع لاءِ روس ميدان ۾ لٿو. جرمني فرانس ڏانهن وڌڻ لڳو ته برطانيه جرمني خلاف جنگ ۾ داخل ٿيو ۽ ائين پهرئين عالمي جنگ (1914- 1918) شروع ٿي ۽ پوري دنيا کي ليپٽ ۾ آندائين. اهو الڳ ۽ طويل داستان آهي پر ٿلهي ليکي ايترو سمجهجي ته پهرين عالمي جنگ ۾ آسٽريا، هنگري، عثمانيه، روس ۽ جرمن سامراج ٽٽي پيا هئا ۽ عوامي انقلاب خلاف فاشزم کي هٿي ڏياري وئي. ورسائي معاهدي ۾ جرمني کي جنگ شروع ڪرائيندڙ ڏوهاري قرار ڏنو ويو ۽ مٿس ڏنڊ مڙهيو ويو.
هن جنگ ۾ 1917ع تائين روس جا 10 لک فوجي ۽ 20 لک هاري مارجي چڪا هئا، ملڪ ۾ بُک ۽ بيروزگاري وڌي وئي هئي. پٽلوف فيڪٽري ۾ پگهارون واڌئڻ لاءِ هڙتال جو سڏ ڏنو ويو ته سرمائيدارن ڪارخاني کي تالا ڏئي مزدورن کي نوڪري تان هٽائي ڇڏيو هو. ردعمل ۾ 25 فيبروري 1917ع ۾ 30 هزار ورڪر ۽ هارين جي وڏي انگ پيٽروگراڊ جو رُخ ڪيو، جنگ ۾ ڦاٿل زار نڪولس رومانوف فوجي ڪمانڊر کي گوليون هلائڻ جو حڪم ڏنو پر ڏيڍ لک سپاهين اهو حڪم نه مڃيو ۽ احتجاج ۾ شامل ٿي ويا. پيٽروگراڊ ۽ ماسڪو ۾ ورڪرن ۽ سپاهين سوويئٽون (ڪائونسلون) قائم ڪري ورتيون. ڊوما جي ميمبرن ۽ مينشوڪ عبوري بورجوازي حڪومت قائم ڪري ورتي ۽ زار نڪولس فرار ٿي ويو. لينن سئٽزرلئنڊ ۾ جلاوطن هو، فيبروري انقلاب جي خبر پهتس ته هن بالشويڪ پارٽيءَ کي نياپو موڪليو ته پاور سوويئٽن وٽ رکو، مينشوڪ ۽ سوشل رووليوشنريز حڪومت جو ساٿ نه ڏيو. اپريل 1917ع تائين لينن جرمني جي رستي فن لئنڊ اسٽيشن تي پهتو ۽ پيٽروگراڊ ۾ اپريل ٿيسز ڏنائين ته پاور سوويئٽن کي ملڻ گهرجي. مارڪس وٽ انقلاب جو تصور هيءُ هو ته دنيا ۾ برطانيه ۽ فرانس جهڙا جمهوري بورجوازي انقلاب ايندا جيڪي سرمائيداري خلاف وڙهندا ۽ آهستي آهستي سوشلزم ۽ ڪميونزم جا ڏاڪا طئه ٿيندا. لينن چيو ته ضروري ناهي ته ائين ئي ٿئي. سوويئٽن جو قائم ٿيڻ اصل انقلاب هو، تاريخ ۾ ائين ڪڏهن به نه ٿيو هو. پرولتاري انقلاب ۾ ورڪرن جي آمريت قائم ڪئي ويندي. سامراجي جنگ مان روس ٻاهر نڪري اچي. پوري دنيا جا ورڪر ملڪن تي زور رکن ته جنگ ختم ڪئي وڃي.
لينن جي اڳواڻي ۾ بالشويڪ پارٽي عوام کي ٻڌايو ته پرولتاري حڪومت ۾ اچڻ شرط وڏيرن ۽ جاگيردارن جون زمينون ضبط ڪري هارين ۾ ورهائيندا، پيداواري وسيلا سوويئٽن جي ڪنٽرول ۾ ڏيندا. ٽين انٽرنيشنل قائم ڪري دنيا ۾ ڪميونسٽ پارٽين جو ڄار وڇائي عوامي انقلاب آڻائيندا ۽ پوري دنيا ۾ انقلاب اچي ويندا. جولاءِ 1917ع ۾ عبوري حڪومت لينن خلاف گرفتاريءَ جو آرڊر ڏئي ڇڏيو ته لينن روس مان فرار ٿي ويو. آگسٽ ۾ جنرل ڪورنيلوف روس ۾ مارشل لا جو منصوبو ٺاهيو، عبوري حڪومت جي صدر ڪرينسڪيءَ فوج خلاف مينشوڪن ۽ بالشويڪن کي مدد جي اپيل ڪئي. سياسي قابليت، چٽائي، هڪ مقصد سبب لينن ٻڏتر جو شڪار نه ٿيو ۽ چيائين ته فوج خلاف بالشويڪن جو ڪرينسڪي سان اتحاد عظيم غلطي ٿيندي، انقلاب سان ويساهه گهاتي ٿيندي. اسان جو مقصد پرولتاري عوامي انقلاب آڻڻ آهي.
آڪٽوبر 1917ع ۾ اسٽيٽ اينڊ رووليوشن ڪتاب ۾ لينن انقلابي رياست جي سوال تي ريسرچ ڪئي. سياسي پاور سمجهڻ لاءِ رياست کي سمجهڻو پوندو نه ته سدائين مونجهارو رهندو. مالدارن جي پراڻي رياست ٽوڙي نئين رياست قائم ڪرڻي آهي، جنهن ۾ عملدارشاهن کي مراعتون ۽ سهولتون کسي سندن اجايو رعب ختم ڪيو ويندو. سوويئٽون هٿياربند ٿين ۽ عبوري حڪومت جي هٿياربند رياست سان مقابلو ڪن نه ته پئرس ڪميون جي انقلابين وانگر ماريا ويندا ڇو ته رياست معاشي مفادن جو دفاع تشدد وسيلي ڪندي آهي. روس ۾ بادشاهت ختم ٿي وئي ۽ جهموري رپبلڪ قائم ٿي ته لينن جمهوري رپبلڪ کي ختم ڪري سڌو پرولتاري رپبلڪ قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. زمين، ماني ۽ امن جا واعدا ڪيائين ۽ پاور ۾ اچڻ شرط اهي واعدا پورا به ڪيائين. 26 آڪٽوبر تي ريڊ آرميءَ ونٽر پئليس ۾ عبوري حڪومت کي هٽائي انقلاب آندو ويو. پهرئين عالمي جنگ نه لڳي ها ته روس ۾ انقلاب نه اچي ها ۽ لينن جلاوطنيءَ ۾ گمنام ٿي مري کپي وڃي ها.