افغانستان جي شهر ڪابل ۾ القائده جو اڳواڻ ايمن الظواهري آمريڪي ڊورن حملي جو نشانو بڻجي ويو اسامه بن لادن کان پوءِ الظواهري پنهنجي تنظيم القاعده جو انتهائي مضبوط ۽ بااثر اڳواڻ هيو ايمن الظواهري بنيادي طرح مصر سان تعلق رکندڙ ايم بي بي ايس ڊاڪٽر هو سرد جنگ جي دوران وچ اوڀر ۾ عرب قومي پرستي کان پوءِ مسلم قوم پرستي تڏهن وڌيڪ طاقتور ٿي اڀري جڏهن ان پوري تحريڪ جو رخ افغانستان ۾ روسي مداخلت کان پوءِ هڪ نئين جهادي نعري سان اڳتي وڌايو ويو، جڏهن ڪميونسٽ دشمني ۾ يا افغانستان جي ثور انقلاب کان پوءِ سرخ انقلاب جو خطرو يا سوويت يونين جو غلبو نه رڳو هن خطي کي ڏڪائي رهيو هو پر سرخ فوجين جي پيش قدمي جو خطرو وچ اوڀر جي عرب رياستن کي به محسوس ٿي رهيو هو ڇو ته عرب قوم پرستي ۾ هڪ وڏو عنصر اسرائيل دشمني ۽ انهيءَ کان نفرت جي هجڻ جي ڪري آمريڪا مخالف به هيو جو 70 واري ڏهاڪي ۾ جمال عبدالناصر سخت ترين آمريڪي سامراج جو دشمن رهيو ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ سامراج دشمني جو اثر وڌڻ جي ڪري لبيا ۽ عراق به هڪ مضبوط محاذ قائم ڪري رهيا هئا آمريڪي سامراج عرب قوم پرستي ۽ سامراج دشمني جي وڌندڙ طاقت جي خلاف وڌ کان وڌ پنهنجو مورچو بادشاهتن ۾ ڳولهيندي ڪوشش ڪئي هئي ته سعودي کي پنهنجي اثر ۾ آڻجي پر تن ڏينهن ۾ ئي اسرائيلي جارحيت ايتري شدت سان وڌي جو سعودي عرب جو بادشاھه شاھه فيصل به پنهنجي سخت ناراضگي جو رويو ظاهر ڪندي آمريڪين کان پاسيرو ٿيندي تيل جي هٿيار کي استعمال ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي، ان ڌمڪي کي هڪ سازشي حملي يعني شاھه فيصل جي ڀائٽي کان شاھه فيصل جي قتل جي سازش رٿي وئي شاهھ فيصل جي قتل ٿيڻ کان پوءِ صورتحال قدم به قدم عرب قوم پرستي جي خلاف ٿيندي پنهنجا پاسا بدلائڻ شروع ڪيا جمال عبدالناصر جي مري وڃڻ ايران عراق جنگ جي بحران کان پوءِ صدام حسين جو ڪويت تي حملو ڪرڻ سان عرب قوم پرست تحريڪ ڪمزوري ٿيڻ شروع ٿي ۽ انهيءَ کان پوءِ انهن سڀني بحرانن گڏجي ڪري هڪ دفعو وري عرب قوم پرستي سامراج دشمني جي نعري سان القاعده جي صورت ۾ اڳتي وڌندي نظر آئي.
القاعده جي باني اسامه بن لادن جي لاءِ هي به مشهور آهي ته هن جي خاندان جا واپاري ڳانڍاپا آمريڪي اسلحه ساز ڪمپنين سان انتهائي ويجھا هيا جو هن ان ڪاروباري چين سان خود ايران کي به جنگ ۾ هٿيار وڪرو ڪيا هيا پر حالتون قدم به قدم پوري عرب قوم پرستي کي دٻاءُ ۾ آڻيندي کين مجبور ڪيو ته هو پنهنجو ٺڪاڻو وچ اوڀر مان ڪڍي وڃن افغانستان ۾ سوويت يونين جي واپسي کان پوءِ مجاهدن جي گڏيل اتحاد جي حڪومت جڏهن اندروني تضادن جو شديد شڪار ٿي وار لارڊز افغانستان جي اندر مافيائن جيان ڦهلجي ويا جنگ ۾ پروڻ ٿيل افغانستان هڪ نئين پيڙا ۾ داخل ٿي ويو ته ان کان پوءِ طالبان جي انٽري ٿي.
طالبان جي حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ هڪ وڏي معاشي بحران جو شڪار رهندي افغان حڪومت جي لاءِ القاعده هڪ آڪسيجن پائپ ثابت ٿي. القاعده کي هڪ طرف پيسي جي طاقت هئي ته ٻئي طرف جهاد جي نعري جو هٿيار هيو، طالبان معاشي طور ڪمزور به هيا ته نظرياتي طور القاعده جا اتحادي ٿيڻ به سندن فطرت ۾ هيو، انهيءَ سياسي فطرت کين قائل ڪيو ته هو پوري افغانستان جو گرائونڊ القاعده جي حوالي ڪري ڇڏي. ٻڌايو پيو وڃي ته تڏهن اسامه بن لادن طالبان حڪومت جي اندر نان ڊڪليئر حڪمران هو. ملان عمر جي حڪومت نالي ماتر هئي، اهوئي سبب هيو جو تمام عرب قوم پرست جيڪي اسرائيل ۽ آمريڪي مسلسل جارحيتن کان تنگ اچي فتح جي آخري اميد سان القاعده جي نيٽورڪ ۾ ايندا ويا تڏهن ڏسندي ئي ڏسندي پوري دنيا کي ڌوڏيندڙ تاريخ جو هڪ خوفناڪ دهشتگردي جو واقعو نائن اليون جو ٿيو، جنهن ۾ عرب قوم پرستن آمريڪا ۾ تعليم پرائيندي اتي ئي هڪ پلانگ ڪئي ۽ دهشتگردي جي تاريخ ۾ هڪ حيران ڪندڙ باب جو اضافو ڪندي پبلڪ ٽرانسپورٽ ايئر لائن جا ٻه جهاز هاءِ جيڪ ڪري آمريڪا جي شهر واشنگٽن ۾ ٽوئن ٽاورن تي خودڪشي حملو ڪيو، جنهن حملي پوري آمريڪي کي ڌوڏي ڇڏيو. نه رڳو آمريڪا ڌڏيو پر پوري دنيا انهيءَ جو ڌوڏو ۽ خوف محسوس ڪيو ۽ پوءِ القاعده جي خلاف طاقت جو استعمال ڪندي آمريڪي حڪمرانن افغانستان تي چڙهائي ڪئي.
صدر بش پهريان طالبان حڪومت کان اسامه جي گھر ڪئي اسامه جي ٻانهن نه ڏيڻ کان پوءِ پورو افغانستان جنگ جي شعلن ۾ ٻرڻ لڳو، ڏسندي ئي ڏسندي آمريڪي فوجون نيٽو جي اتحادين سان پوري افغانستان ۾ داخل ٿي ويون پر اسامه بن لادن کين ڪٿي به نه مليو ۽ پوءِ چور سپاهي جو آمريڪي ڊرامو دنيا ڏسندي رهي. هڪ اميد اها ڪئي ٿي وئي ته هاڻي افغانستان جي اندر آمريڪي پنهنجي قبضي کان پوءِ پوري افغانستان کي جديد بنيادن تي تعمير ڪندي ۽ جديد جمهوري سياست کي اڳتي وڌائيندا. پر حسب عادت آمريڪي سامراجين افغانستان کي جنگ جو ميدان ئي رکيو.
طالبان جي طاقت کي سياسي طور تي ڪمزور ڪرڻ جي بجاءِ جنگ جي ميدان ۾ ۽ جنگي حڪمتِ عملين سان طويل ڪندي 20 سالن جو عرصو گذاريو ۽ پوري سياسي جنگي صورتحال ساڳئي برقرار رکي اهو اندازو ترقي پسند سوچ رکندڙن کي هيو ته آمريڪي مفاد يعني آمريڪي سامراجي مفاد دنيا جي امن ۾ ڪڏهن به مستحڪم رهي نٿا سگھن تنهن ڪري هنن کي جنگ جو ماحول قائم رکڻ جي لاءِ مالي ۽ جاني نقصان ڪرڻ کان پوءِ به صورتحال کي جيئن جو تيئن اڳتي رکڻو آهي ۽ هنن اهوئي ڪري ڏيکاريو ته جڏهن هو افغانستان کان نڪتا تڏهن هڪ ڊرامائي تبديلي نظر آئي ٿيڻ ته ائين گھربو هيو ته يو اين جون امن فوجون يا عارضي حڪومت قائم ڪرڻ جي حڪمتِ عملي کي هڪ پاسي رکندي جو بائيڊن حڪومت اڻ سڌيءَ طرح طالبان جي حوالي افغانستان کي ڪري ڇڏيو ان وقت جو صدر اشرف غني ڊالرن جا ٿيلها ڀري ملڪ کان ٻاهر نڪتو ۽ طالبان فتح جا نغما ڳائيندي پنهنجي حڪومت جو اعلان ڪيو. تڏهن ئي پوري امن پسند دنيا اهو چئي رهي هئي ته طالبان پنهنجي مزاج ۽ فطرت ۾ ڪا به تبديلي نه آڻيندا. پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت باربار دنيا کي اهو يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ته طالبان تاريخ مان گھڻو سبق سکيو آهي هاڻي اهي طالبان ناهن هي طالبانن جو نئون نسل وڌيڪ تعليم يافته ۽ لبرل آهي پر وقت اهوئي ثابت ڪيو ته تنظيمين جي نظرياتي فطرت نسلن سان تبديل ناهي ٿيندي اهائي رهندي آهي الظواهري جي قتل کان پهريان پاڪستاني طالبان جو مرڪز به مسلسل افغانستان ئي رهندو آيو آهي پاڪستان حڪومت گھڻن ڪوششن جي باوجود پاڪستاني طالبان کي افغانستان مان بي دخل ڪرائڻ ۾ ناڪام ويا آهن انهن جي وڌندڙ ڪاررواين کان پوءِ پي ٽي آئي جو اڳواڻ عمران خان به طالبان جي لاءِ اهي بيان نٿو دهرائي پر دنيا جي اڳيان هاڻي اهو واضح پيو ٿيندو وڃي ته افغانستان جي اندر طالبان جي حڪومت هڪ دفعو وري دنيا جي مذهبي انتهاپسند دهشتگرد ٽولن ۽ تنظيمن پنهنجو قلعو ٺاهڻ شروع ڪيو آهي الظواهري جو ڪابل ۾ اچي ڪري رهڻ ۽ وري آمريڪي ڊرون حملن جو شروع ٿيڻ ٻڌائي ٿو ته افغانستان ۾ چاليھه سالن جو بحران هڪ دفعو وري واپس پيو اچي وري ڊرون حمله وري آمريڪي اڏا ۽ دهشتگرد ڪاروايون هن خطي کي پنهنجي نشاني تي آڻي رهيا آهن جيڪڏهن هن خطي جون تمام رياستون ۽ حڪومتون گڏجي ڪري ڪا حڪمتِ عملي جوڙين ٿيون ته صورتحال ڪنٽرول ۾ اچي سگھي ٿي ( جنهن جو امڪان تمام گھٽ ۽ نالي ماتر آهي) ۽ جي نه ته پوءِ خطري ۾ رڳو افغانستان نه پر هي پورو خطو اچي ويندو.