ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ وڌيڪ برساتون ۽ گهربل اپاءُ

سنڌ ۾ گذريل مهيني برساتن جو سلسلو ڪجهه هفتا جاري رهيو جنهن سبب ماڻهن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو پر هاڻي موسميات کاتي هڪ ڀيرو ٻيهر خبردار ڪندي وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي موجب اهو برساتن جو نئون سلسلو وڌيڪ پري ناهي، اهو سڀاڻي کان ئي اثرانداز ٿي سگهي ٿو. چيف ميٽرولوجسٽ ٻڌايو آهي ته آگسٽ ۾ پڻ معمول کان وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي ۽ چوماسي جو نئون سسٽم سڀاڻي کان سنڌ تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو. هن سسٽم تحت ٺٽي، بدين، سجاول، عمر ڪوٽ ۽ ٿرپاڪر ۾ تيز برسات جو امڪان آهي. هوڏانهن ڪراچي ۾ 6 کان 9 آگسٽ جي وچ ۾ تيز برسات پوندي. چوماسي جو هڪ ٻيو سسٽم 10 آگسٽ کان سنڌ تي اثرنداز ٿيندو جڏهن ته 11 آگسٽ کان ڪراچي ۾ برسات جو سلسلو ٻيهر شروع ٿي سگهي ٿو. چوماسي جو هي سسٽم 15 آگسٽ تائن جاري رهي سگهي ٿو ۽ هن سسٽم سبب ڪراچي سميت سنڌ ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي.
ان اڳڪٿي کان پو ڪلهه کان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ جيئن ئي وسڪاري جي مند شروع ٿيندي آهي ته انتظامي نااهلي به اسان کي هر جا تي نظر اچڻ شروع ٿي ويندي آهي. جيڪي اپا انتظاميا کي برساتن کان اڳ وٺڻ گهرجن، اهي برساتن کان پو به نه ورتا ويندا آهن، جنهن جي ڪري نتيجو اهو نڪرندو آهي ته وڏن شهرن کان وٺي ننڍن شهرن تائين سڀئي پاڻي ۾ ٻڏل نظر ايندا آهن. مطلب ته برسات جيڪا رحمت آهي، سا ادارن جي نااهلي جي ڪري زحمت بڻجي ويندي آهي. برساتن جي ڪري واهڻن وستين ۽ شهرن جي روڊن رستن سميت گهرن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي موجود هوندو آهي، جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته هتان جو انفرااسٽرڪچر ڪيترو ناڪاره آهي. ڪنهن به شهر ۾ انفرااسٽرڪچر ٺاهڻ وقت ان ڳالهه جو خيال رکيو ويندو آهي ته برسات جي ڏينهن ۾ اتي پاڻي گڏ نه ٿي سگهي ۽ نه ئي ان کي نيڪال ڪرڻ ۾ دير ٿئي. بلڪه جيئن ئي برساتن جو سلسلو شروع ٿئي ته پاڻي به نيڪال ٿيندو رهي، پر اسان وٽ اڄ به شهرن ۾ پاڻي نيڪال ڪرڻ جو جوڳو بندوبست نه ٿيل آهي. جنهن جي ڪري ٿوري به برسات پوڻ تي شهر پاڻي سان ڀرجي وڃن ٿا. گهٽين کان وٺي روڊن رستن تائين هر جا تي پاڻي ئي پاڻي هوندو آهي. ماضي جي حڪومت ته هر وقت ان ڳالهه تي زور ڏيندي رهي ته ايندڙ وقت جيڪي برساتون پونديون انهن لا حفاظتي اپا ورتا ويا آهن. پر جيڪا صورتحال سامهون آئي، انهي مان اهو سامهون آيو ته حڪومت رڳو ڳالهين جي حد تائين ماڻهن کي آٿت ڏيندي رهي. گذريل 15 سالن جو رڪارڊ کڻي ڏسجي ته خبر پئجي ويندي ته حڪومت شهري نظام کي بهتر ڪرڻ لا ڪهڙا اپا ورتا.
جيئن ته هاڻي چوماسي جون برساتون وسي رهيون آهن، تنهنڪري، برسات جو پاڻي نيڪال ڪرڻ جي حوالي سان پهريون اپا ته اهو ورتو وڃي جو پاڻي جا جيڪي به لنگهه آهن، انهن کي بهتر ڪري پاڻي لا کوليو وڃي ته جيئن پاڻي انهن لنگهن مان آساني سان گذري وڃي. اڄ سنڌ جي سمورن شهرن جا گٽر اسان کي بند نظر ايندا، ڇاڪاڻ ته انهن کي کولڻ يا انهن کي بهتر ڪرڻ لا سالن جا سال ڪم ناهي ٿيو. جنهن جي ڪري برساتن واري مند ۾ جڏهن برساتن جو پاڻي گٽرن ۾ پوي ٿو، گٽر بند هجڻ ڪري اهي اٿلي پوندا آهن ۽ برساتن جو پاڻي مهينن جا مهينا شهرن ۾ بيٺو هوندو آهي. جنهن مان ڪيتريون ئي بيماريون جنم وٺنديون آهن. تنهنڪري وري به عوام ئي ٻٽي عذاب جو شڪار ٿيندو آهي، ڇا شهري انتظاميا ۽ سنڌ حڪومت هيترن سالن ۾ شهرن مان برسات جو پاڻي نيڪال ڪرائڻ جون رٿائون جوڙي نه پئي سگهي جو اڄ اهڙو ڪو نظام موجود نه آهي، جو برسات وسڻ کان پو ماڻهو سک جو ساهه کڻي اهو اطمينان ڪري ته برساتي پاڻي پاڻمرادو نيڪال ٿي ويندو. انهي لا ڪنهن به قسم جي مٿا ڪٽ نه ڪرڻي پوندي. هن دور ۾ به اسان جو عوام حڪومت کان مطالبو ڪندو رهندو آهي ته برسات جو پاڻي نيڪال ڪيو وڃي. جڏهن ته سڌريل سماجن ۾ اهو ڪو مسئلو ئي نه آهي. پاڻي جي فراهمي کان وٺي پاڻي جي نيڪال تائين اڄ به عوام دربدر ٿي رهيو آهي. هاڻي جيئن ته سنڌ ۾ وڌيڪ برساتون شروع ٿي ويون آهن، تنهنڪري، حڪمرانن کي گهربل اپائن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button