سنڌ ۾ ٻيلن جي تباھي ۽ انھن جي ٻيھر بحالي وارو سوال اڄ بھ ايترو ئي جواب لاءِ تَسو آھي جيترو ورھئين اڳ ھو. اھا سنڌ جيڪا سدائين ھرطرفان ڦُرلُٽ جي گھيري ۾ رھي آھي، تنھن جا سُور ايترا آھن جو ڪھڙي ڪھڙي سُور جي دارون لاءِ دانھون ڪجن!؟ پر پوءِ بھ ڪم تھ ڪرڻو ئي آھي ۽ پنھنجي ديس جا دنگ سِڌا ڪرڻ واري پنڌ ۾ ٻيلا ڪيئن ٿا وساري سگھجن. تنھن ڪري لازمي آھي تھ سنڌ ۾ وطن دوست ڌرين کي ٻين مسئلن سان گڏ سنڌو جي ٻيلن کي ٻيھر بحال ڪرائڻ واري جدوجھد کي بھ جاري رکڻ گھرجي. ھونئن تھ سنڌ جي ٻيلن جي تباھي جا ڪئين دور رھيا آھن پر اسان جي ٻيلن پويان ضيا آمريت واري دور کان جيئن ھي رياست ھر قسم جي بيرحمي سان پئي، سو تاريخ جو ھڪ ڪارو دور آھي.
سنڌ جي ٻيلن جي تاريخ تي ٿورو ڌيان ڌرجي تھ چون ٿا ٻي عالمي جنگ کان اڳ سنڌ ۾ ٻيلا ئي ٻيلا ھوندا ھئا. 1825ع ۾ سنڌو درياھه ۾ ٻيڙن ۽ 1858ع ريل وڇائجڻ سان سنڌ ۾ ٻيلن جو واپاري استعمال شروع ٿيو ۽ ايئن 1857ع کان 1895ع جي وچ ۾ سنڌ ۾ ٻيلا وڏي بيدردي سان وڍيا ويا. ۽ پوءِ 1935ع کان ٻيلن جي واڍي جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو سو لڳاتار ويھه سالن تائين بيدردي سان ھلندو رھيو. پر ڳالهھ رڳو اتي جيئن تھ ختم ڪونھ ٿيڻي ھئي سو ڪانھ ٿي ۽ پوءِ جيئن خيرن سان ورھاڱو ٿيو تيئن ئي سنڌ اڳي کان بھ ننڌڻڪي ٿي وئي ۽ پوءِ اھو سلسلو اڄ ڏينھن تائين ھلندڙ آھي.
بھرحال سنڌ جي ان ننڌڻڪائي جي تاريخ ۾ ھلندي ھلندي جڏھن 2010ع واري مھا ٻوڏ آئي ھئي، تڏھن ھر ماڻھو وٽان اھو ٻُڌڻ لاءِ مليو ھو تھ اڄ جيڪڏھن سنڌو جا ٻيلا موجود ھجن ھا ته ايئن جيڏانھن ڪيڏانھن ٻوڙان ٻوڙ ڪڏھن به نھ ٿئي ھا. دليل اھو ھو تھ ٻيلا فطرت جي اھا ديوار آھن، جيڪا پاڻي جي زور کي روڪي، ان جي وھڪري جي تِک تيزي کي پنھنجي اندر ۾ جڏھن ڦيرائيندي آھي تھ پاڻي بندن کي گھٽ نقصان ڏيئي سگھندو آھي. اھا بلڪل ھڪڙي اھڙي عام فھم ڳالھه ھئي جيڪا ھر ننڍي وڏي کي تھ سمجھه ۾ آئي پئي پر جن ان ڳالھه کي نٿي سمجھيو، سي ھئا ھن ملڪ جا لالچي حڪمران، جن سنڌ جي لکين ايڪڙ ٻيلن جي ايراضي پنھنجن کي پوکي لاءِ ليز تي ڏيئي ٻيلا وڍرائي ڇڏيا ھئا. حالانڪ مھا ٻوڏ کان پوءِ سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ مان حڪومت کي اھي صلاحون آيون ھيون تھ اوھان اڳ ۾ ٻيلن جي جيڪا بھ تباھي ڪئي سا وڃي ٻَن ۾ پوي پر ھاڻ جڏھن درياھه پنھنجي مٿان ٿيل قبضو پاڻ ڇڏايو آھي تھ ٻيلي ھاڻ رحم ڪريو ۽ درياھه جي زمين درياھه کي موٽائي ڏيو. اھڙي صلاح ۾ حڪومت کي اھا حقيقت اکين سان ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ھئي تھ ٻوڏ سبب درياهھ جي پيٽ ۾ پاڻمرادو جيڪي ڪروڙين وڻ ٻوٽا نڪري آيا آھن، توھين اھي اتي ئي رھڻ ڏيو بس. اھي وڻ ٻوٽا پاڻھي ئي پنجن سالن جي اندر سموري درياھي ڪچي کي اڳي جيان ڍڪي ڇڏيندا ۽ سمورو ديس سائو ٿي پوندو. پر افسوس جو ايئن نھ ٿي سگھيو ۽ حڪمرانن جي چَھيِتن اھي ساڳيون ٻنيون ٻيھر کيڙيون ۽ ٻيلو نھ وڌي سگھيو.
ھاڻ ڏھن ٻارنھن سالن جي ڦيري کان پوءِ سنڌو درياھه ۾ پاڻي جا ڀلا وھڪرا جاري آھن. سنڌ جو ڪچو وڏي حد تائين ٻُڏي ويو آھي ۽ خبرون اھي آھن تھ پاڻي اڃان اچڻو آھي تھ پوءِ ٿيڻ ڇا گھرجي؟ ان سوال جو ساڳيو ئي جواب آھي تھ سنڌ ۾ ھڪ سگھاري قسم جي “ٻيلا بچايو تحريڪ” ھلائي سنڌ حڪومت کي ان جو پابند بڻايو وڃي تھ اھا ٻيلي جون سموريون ليزون رد ڪري ۽ انھن وڻ ٻوٽن کي گھربل ڌيان سان بچايو ۽ پاليو وڃي، جيڪي سنڌو جي ھاڻوڪن وھڪرن کان پوءِ ڌرتي پاڻ ڄڻيندي.
جيتوڻيڪ اھا سادي سمجھه واري ڳالهھ آھي جنھن جو پاڻ ذڪر ڪري آيا آھيون. مطلب جيڪو ٿيو سو ٿيو پر ھاڻ جيڪڏھن حڪمران چاھين تھ وڌيڪ تباھي کان بچي سگھجي ٿو پر پاڻ ڄاڻون ٿا تھ حڪمران ايئن نھ ڪندا. حڪمران طبقن جا مفاد ۽ عام خلق جا حق سدائين ٽڪراءُ ۾ رھندا آيا آھن، سو پنھنجي ٻيلن جي بحالي واري صدا تي بھ ھُو ڪن ڪونھ ڌريندا. تھ پوءِ ٿيڻ ڇا گھرجي؟
ان سوال جو سادو جواب اھو آھي تھ سنڌ جي وطن دوست سياسي سماجي ڌرين ۽ خاص طور وڪيلن کي ان ڏس ۾ پنھنجو بنادير گھربل ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. ھي مھل آھي، جيڪڏھن ھي مُند ٽري وئي تھ سمجھو وري ڳالهھ ھٿ مان وئي. مُندون اڄڪلھه ماحول جي عالمي تبديلين جي اثر ھيٺ متوازن ناھن رھيون. ھڪڙا سال ڀَلن وسڪارن جا تھ ٻيا سال وري شديد سوڪھڙي جا ٻڌايا پيا وڃن. ھن سال سنڌ تي قدرت مھربان ٿي آھي، برساتون ڀليون پيون آھن، درياھه جو ڪچو ٻُڏي ويو آھي، تنھن ڪري ھيلوڪي انھي مھربان مُند جو ڀرپور فائدو وٺڻ گھرجي. ۽ اھو تڏھن ئي ممڪن آھي جڏھن سنڌ ۾ ٻيلن جي بحالي لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو وڃي. ياد رکڻ گھرجي تھ حڪمران ايترو آساني سان اھو نيڪ ڪم نھ ڪندا، تنھن ڪري سنڌ ۾ ٻيلن جي بحالي واسطي ھڪ گھڻ طرفي جدوجھد گھربل آھي. سنڌ ۾ ڪجھه ماحول دوست غيرسرڪاري تنظيمون ان ڏس ۾ ڪم ڪري بھ رھيون آھن پر پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا تھ اھڙين تنظيمن جو ھڪ محدود دائرو ھوندو آھي، جنھن کان اڳتي اھي نٿيون وڌي سگھن. جڏھن تھ سنڌ ۾ ٻيلن جي بحالي واري جدوجھد لاءِ ايتري محنت گھرجي جيتري سنڌ ۾ ٻين بنيادي انساني، قومي ۽ جمھوري حقن لاءِ ٿيندي رھي آھي. ان جو مثال ڪالاباغ ڊيم خلاف جدوجھد جو ڏيئي سگھجي ٿو. ان تناظر ۾ سنڌ جي سياسي ڌرين کي اڳيان اچي، پنھنجي عوام کي اھو ٻڌائڻو پوندو تھ ٻيلن جي تباھي سان کين ڪيترو نقصان ٿيو آھي ۽ ٻيلن جي بحالي سنڌ ۾ سُڪار جي ڪيئن ضامن آھي.
ان ڏس ۾ سنڌ جي وطن دوست وڪيلن کي سنڌ جي سمورن بار ڪائونسلن مان ٻيلن جي بحالي لاءِ گڏيل قراردادون پاس ڪري، لاڳاپيل اداري جي اختيارن کي عدالت ۾ گھرائي، کانئن اھو پڇاڻو ڪرڻ گھرجي تھ انھن تَنھن عدالتي حڪم تي ڪھڙي اڳڀرائي ڪئي آھي، جنھن ۾ ٻيلن جون غيرقانوني ليزون رد ڪري وڏيرن ۽ جاگيردارن کان ٻيلن جا قبضا واپس وٺڻ جو واضح حڪم موجود آھي. ان ڏس ۾ ٻيلي کاتي ڪجھه نالي ماتر ليزون رد ڪري خانھ پوري ڪئي تھ آھي پر اھو قدم اٽي ۾ لوڻ برابر بھ ناھي. سنڌ ۾ اڄ بھ لکين ايڪڙ ٻيلي جي زمين وڏيرن ۽ جاگيردارن جي قبضي ۾ آھي، جنھن زمين کي انھن پنھنجي جاگير ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي. درياھه جي پيٽ ۾ انھن وڏيرن ۽ جاگيردارن جا وڏا وڏا فارم ھائوس ٺھيل آھن، جتي جيڪي ڪُجھه ٿئي ٿو، تنھن لاءِ ڇا لکجي!؟ ڇو تھ ڳالهھ ڪرڻ کان ئي ڳري آھي.
تنھن ڪري ھاڻ وقت اچي ويو آھي تھ اسين سنڌ جي زندگي بچائڻ لاءِ ايئن اڳيان اچون، جيئن اڳيان اچڻ جو حق آھي. سنڌ ۾ ھن وقت جيڪو قومي تحرڪ آھي، ان تحرڪ ۾ سنڌ جي درياھه ۽ ٻيلن جي بحالي واري جدوجھد کي نئين سياسي ۽ قانوني انداز ۾ منظم طريقي سان جيڪا بھ سياسي ڌر شروع ڪندي، تنھن کي پاڻ اڳواٽ اھو ويساھه ٿا ڏياريون تھ ان کي اندازي کان وڌيڪ موٽ ملندي. ھاڻ اھو سنڌ جي وطن دوست ڌرين تي ڇڏيل آھي تھ ڪير ٿو اھا مھل ملھائي. باقي مھل مٿان چڙھي آئي اٿَوَ ميان!! اڳيان اچو ۽ مھل ملھايو تھ جيئن سنڌ ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر علڻ فقير جا اھي آلاپ گونجن تھ..
ميھون ڙي ميھار تُنھنجون ٻيلي ۾!!
ياد رکو ٻيلا بچي ويا تھ درياھه بھ بچي ويندو ۽ درياھه بچيو تھ سنڌ کي پوءِ لھر نڪو لوڏو.