شيخ اياز لکيو آهي ته ”اهو محقق لفظ شايد حقي مان نڪتو آهي. ڇو ته حقو به پرائي ٽانڊي تي ٽيگرجي دونهان ڪڍندو آهي.“
شيخ اياز جي ان تبصري ۾ هڪ تلخي ضرور آهي پر ان جو سبب اهو ناهي ته شيخ اياز تحقيق کي پسند نه ڪندو هو. شيخ اياز علم جي هر صورت سان محبت ڪندو هو. جيڪڏهن شيخ اياز جي علم سان محبت نه هجي ها ته هو ايترا گهڻا ڪتاب ڇو پڙهي ها؟ هن وٽ سڀ کان وڌيڪ اهميت ڪتابن جي هئي ۽ هو ڊاڪٽر جي روڪڻ جي باوجود به ڪتاب پڙهڻ کان باز نه ايندو هو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته شيخ اياز کي ڪتابن سان چاهه هو ۽ ڪتاب جي معنيٰ ئي علم آهي. علم جنهن جي هڪ صورت ۽ اها به اعليٰ صورت تحقيق آهي. ان حوالي سان ثابت ٿئي ٿو ته شيخ اياز کي تحقيق جي لاءِ عزت هئي ۽ تمام گهڻي عزت هئي پر هن کي انهن محققن کان چڙ هئي، جيڪي اصل ۾ محقق نه هئا پر پنهنجي مٿان محقق هجڻ جو پوش چاڙهي سنڌ ۾ وڏي ٺٺ سان هلندا هئا ۽ انهن ان محقق هجڻ واري حيثيت کي پنهنجن ذاتي فائدن جي لاءِ استعمال ڪيو. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته آخر شيخ اياز محقق لفظ تي ايترو تلخ تبصرو ڇو ڪري ها؟
شيخ اياز جي ان تبصري ۾ موجود تلخيءَ جي حقيقت ان مهل اسان جي مٿان واضح ٿي وڃي ٿي، جڏهن اسان ڏسون ٿا ته سنڌ ۾ محققن هڪ به ڪارنامو سرانجام نه ڏنو آهي. هونءَ ته ”سنڌ ۾ تحقيق جو جائزو“ هڪ پي ايڇ ڊي جي ٿيسز ٿي سگهي ٿي پر مان هن جاءِ تي صرف هڪ مثال پيش ڪرڻ چاهيان ٿو. اهو مثال ان ڪري منهنجي ذهن ۾ آيو آهي ته هن وقت محرم مهينو هلي رهيو آهي ۽ ان مهيني جا پهريان ڏهه ڏينهن تمام گهڻي سوڳ ۽ درد وارا هجن ٿا. جيتوڻيڪ ڪربلا جي واقعي کي صديون گذري ويون آهن پر اڄ تائين ان درد کي تازو رکڻ جي سلسلي ۾ اسان جي شاعرن، اديبن ۽ عالمن هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ان حوالي سان اسان سنڌ ۾ اڳ ڪڏهن به اهڙو ويڇو نه ڏٺو جيڪو هاڻي آهستي آهستي پيدا ٿي رهيو آهي. اڳ سنڌ ۾ جڏهن به محرم جو مهينو ايندو هو ته سڀني جي مٿان افسوس ۽ سوڳ سان گڏ خير خيرات لازمي ٿي ويندو هو. پر هاڻي ماڻهن هڪ ٻئي جي وچ ۾ فرقيواريت جون لڪيرون ڪڍڻ شروع ڪيون آهن ۽ اهو عمل تمام گهڻو تڪليف ڏيڻ وارو آهي. پر هن وقت اسان جو موضوع سنڌ يا سماج ۾ وڌندڙ فرقيواريت ناهي. هن وقت اسان جو موضوع آهي ته سنڌ جا محقق هن مهل تائين اهو طئه ڪري ڇو نه سگهيا آهن ته سنڌ جي شاهه يعني شاهه لطيف جي رسالي ۾ موجود سر ڪيڏارو واقعي به لطيف جو آهي يا نه؟
سنڌ ۾ جن محققن لطيف جي رسالي کي سهيڙيو آهي، انهن ۾ ڪن سر ڪيڏاري کي لطيف جو سر قرار ڏنو آهي ۽ ٻين انڪار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته لطيف اهو سر نه لکيو آهي. لطيف اهي بيت نه لکيا آهن، جيڪي ڪربلا جي واقعي جي حوالي سان آهن. جڏهن ته اسان کي سنڌ جي ڪلچر ۾ ڪربلا جي تذڪري جي ڀرپور جهلڪ ملي ٿي. اسان کي معلوم آهي ته ڪهڙي ريت ڪربلا جو واقعو اسان جو گواهه آهي ته اسان سدائين سچ جو ساٿ ڏنو آهي ۽ ڪوڙ کان نفرت جو اظهار ڪيو آهي. اسان کي سچ سان محبت جو سبق اسان جي شاعرن ۽ اسان جي صوفي سالڪن بزرگن بخشيو آهي.
ڪربلا جو واقعو اسان کي ان نظر سان نه ڏسڻ گهرجي ۽ دنيا ۾ تمام گهڻا بهتر ماڻهو ان کي فرقيواريت جي حوالي سان ته ڇا مذهبي تفاوت جي حساب سان به ليکي ۾ نه آڻيندا آهن. ننڍي کنڊ ۾ اهڙا هندو شاعر به آهن، جن امام حسين جي شان ۾ قصيدا لکيا ۽ جن ڪربلا جي ڪوس تي اهڙي شاعري ڪئي، جن ۾ درد جا شعلا هئا. ڇا اسان کي انهن شاعرن جي شاعريءَ تي حيرت جو اظهار به ٿيڻ گهرجي؟ بلڪل به نه. ڇو ته شاعر حساس هوندو آهي ۽ اهو ڪنهن جي مٿان به ظلم برداشت نه ڪري سگهندو آهي. اهو ئي سبب آهي ته شيخ اياز لکيو آهي ته:
”جنهن تي به ٿيو
جنهن وقت ٿيو
جنهن جاءِ ٿيو
سو مون تي ظلم ٿيو آهي!“
اها ڪيفيت جيڪا مٿين شعر ۾ بيان ٿيل آهي، اها ڪيفيت هر شاعر جي هجڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪنهن شاعر ۾ اها ڪيفيت ناهي ته هو شاعر ئي ناهي. شاعر جو ويڇن کان مٿي اڀرڻ لازمي آهي. جيڪو ويڇن کان مٿي نه ٿو وڌي اهو شاعر ناهي. ساڳي طرح سان اهو شرط انهن محققن جي مٿان به لاڳو ٿئي ٿو، جن جو ڪم صرف ۽ صرف تحقيق ڪرڻ آهي. جيڪڏهن محقق هڪ خاص مڪتب فڪر سان واسطو رکندو ته هو پنهنجي تحقيق واري ڪم سان انصاف ڪيئن ڪري سگهندو؟
سنڌ ۾ جيڪڏهن تحقيق جو تصور اهڙن خيالن تي مشتمل هجي ها ته هوند اسان کي اها ڳالهه به سمجهه ۾ اچي ها ته لطيف سنڌ جي عوام جي احساسن ۽ جذبن جو شاعر هو. جيڪڏهن سنڌ جا ماڻهو هن مهل تائين اهو سمجهن ٿا ته لطيف جي رسالي ۾ ڪربلا جي حوالي سان ڏنل بيت لطيف جا آهن ته پوءِ اسان کي اها به پڪ هجڻ گهرجي ته لطيف جي باري ۾ ڪربلا جي پس منظر جا بيت جيڪي عوام دعويٰ ٿو ڪري ته لطيف جا آهن، سي لطيف جا هجڻ گهرجن. ڇو ته لطيف هڪ عالم کان وڌيڪ هڪ عام سنڌي ماڻهوءَ کي ويجهو آهي ۽ عام سنڌي ماڻهوءَ کي لطيف جي ساڃاهه وڌيڪ آهي.
اسان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته اسان وٽ ڪربلا جي واقعي کي مخصوص مذهبي فرقي جي فرق کان سواءِ درد جي ڪيفيت ۾ قبول ڪيو ويندو آهي ۽ سنڌ ۾ اها روايت رهي آهي ته سنڌي ماڻهن ڪڏهن به ڪربلا جي سلسلي ۾ مذهبي تشريحات ۾ پنهنجو پاڻ کي نه ڀٽڪايو آهي ۽ سنڌ جي ماضيءَ ۾ ته اهو ڪجهه قطعي به نه هو.
شاهه لطيف جي سلسلي ۾ اسان کي ايتري سمجهه ته ضرور آهي ته لطيف کان ڪنهن جو به ڏک ۽ ڪنهن جي تڪليف برداشت نه ٿيندي هئي ۽ ان حوالي سان تاريخ ۾ جيڪو هيڏو وڏو ڪوس ٿيو ۽ جهڙي طرح نبي سڳوري جي خاندان جو خون وهايو ويو ۽ ڪربلا ۾ پاڻي بند ڪرڻ ۽ معصومن جي نڙين ۾ پاڻيءَ بدران تير هلائڻ وارو ظلم جهڙي ريت پيش ٿيو آهي، ان تي هڪ شاعر جي اندر ۾ درد جي ڪيفيت ڪئين نه پيدا ٿيندي ۽ جيڪڏهن اها ڪيفيت پيدا ٿيندي ته اها پنهنجو اظهار ڪيئن نه ڪندي؟ جڏهن ان جو اظهار اسان شاهه جي رسالي ۾ ڏسون ٿا ته اسان کي مناسب ۽ فطري محسوس ٿئي ٿو پر حيرت انهن محققن تي آهي، جن لطيف جي رسالي مان سر ڪيڏارو ڪڍي ڇڏيو ۽ ان جي لاءِ انهن وٽ ڪي به ٺوس ۽ علمي توڙي ادبي دليل به موجود ناهن.
سنڌ ۾ تحقيق سان وڏي تعدي ٿي آهي. ان ڪري شيخ اياز جي نظر ۾ سنڌي محقق اهڙا هئا، جهڙا لفظ هن لکيا آهن. جيڪڏهن اسان جو ماضي اهڙو هو ته گهٽ ۾ گهٽ اسان جي حال کي بهتر هجڻ گهرجي پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان جو حال اسان جي ماضيءَ کان به بدتر آهي. اسان جي ماضيءَ ۾ پوءِ به ڪي حقي ٽائپ محقق پرائي ٽانڊي تي دونهون ته ڪڍندا هئا پر هاڻي ته رڳو رک رهي آهي. اسان جي ٻوليءَ ۾ تحقيق جي کوٽ ڪيتري نه افسوس جوڳي آهي؟ اسان کي ان جو احساس به ڪونهي. ان سلسلي ۾ علامه اقبال ڪهڙي نه ڪم واري ڳالهه ڪئي آهي. هن لکيو آهي:
”واءِ ناڪامي ڪه ڪاروان جاتا رها
اور ڪاروان ڪي دل سي احساس زيان جاتا رها“
جڏهن دلين مان زيان جو احساس به ختم ٿي ويندو آهي، تڏهن قومون به علمي ۽ فڪري طور تي ان مقتل ۾ پهچي وينديون آهن، جنهن مقتل جي باري ۾ اسان ڪيڏاري جي سر ۾ سورن جون مختلف ڪيفيتون محسوس ڪيون ٿا.
مون کي معلوم ناهي ته موجوده شاعرن وٽ عظيم شاعريءَ جا هن مهل ڪهڙا پئمانا موجود آهن؟ پر اسان جڏهن لطيف جا سر ڪيڏاري ۾ ڪجهه بيت پڙهون ٿا ته اسان جي دل گواهي ڏئي ٿي ته اهي بيت لطيف جا آهن. پر ان جو مطلب اهو ناهي ته سمورا بيت لطيف جا هجن. پر گهٽ ۾ گهٽ اهي لفظ ته لطيف کان سواءِ ٻيو ڪو شاعر لکي نه ٿو سگهي، جيڪي لفظ هن بيت ۾ آهن:
”ڪاري ڪڪر هيٺ، مون جهيڙيندي ڇڏيا
ڪارا ڪند هٿن ۾ اڙيل وڇيرا ويٺ
ٿئي تنين سان ڏيٺ. موٽڻ جنين مهڻو“
اهڙا لفظ صرف لطيف ئي لکي سگهي ٿو. اهڙا لفظ جيڪي ڪربلا جي ۾ بهادريءَ جو پهلو پڌرو ڪن ٿا.