ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

9 تڪن تي چونڊ، ساٿين تي بي اعتمادي!

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

منهنجو ڪالم فيس بڪ جي دوستن (fb friends) پاران سالن کان اپلوڊ ۽ شيئر ٿيندو رهيو آهي جيئن ٻين ليکڪن ۽ تجزيو ڪندڙن جو ٿيندو آهي. اھي ڪالم جيئن ته ملڪ جي ڏينهون ڏينهن ڦرندڙ گھرندڙ سياسي لقا بابت لکان ٿو ته تمام ٿورا فرينڊز منهنجي راءِ سان سھمت نه ھوندا آهن جنهن جو اظهار پنهنجي ڪمينٽس ذريعي بروقت ڪندا آهن. گذريل خميس تي ڇپيل ڪالم جو عنوان ھو، “عمران خان ۽ صدر علوي جا عيش ختم” جنهن تي تبصرو ڪندي ٻن ٽن دوستن پنهنجي راءِ مطابق لکيو ته عمران خان جي عوامي مقبوليت ايتري قدر سگھاري آهي جو ڪابه عدالت کيس پاڪستان جي سياست مان ڪڍي آئوٽ نه ٿي ڪري سگھي. منهنجي ھن ھيڊنگ توڙي ڪالم ۾ ھڪڙو به جملو ايئن لکيل ناھي جيئن ڪجھه دوستن سمجهيو آھي. عيش ختم ته عمران خان جا ان ڏينهن ٿي ويا هئا جنهن ڏينهن کيس بي اعتماديءَ جي رٿ وسيلي پرائيم منسٽر هائوس مان ڪڍيو ويو ھو. آئون اڳ ۾ به لکي چڪو آهيان ته ھن کان اڳ وزيراعظم جناب محمد خان جوڻيجي، بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف کي به ڪڍيو ويو ته هنن ڪڏهن به نڪرڻ شرط عوامي جلسن جلوسن سان سياسي طاقت ڏيکاري پنهنجن مخالفن خلاف اھڙو احتجاج يا مزاحمت نه ڪئي جيئن عمران خان ڪري پيو.
عمران خان ته سياست بدران واڳ ڌڻين کي باقاعدي بليڪ ميل ڪري رهيو آهي. ڪڏهن کين نيوٽرل چئي ٽوڪ ھڻي ٿو ته ڪڏهن وري مير جعفر ۽ مير صادق جھڙا لقب ڏيئي بدنام ڪندو رھي ٿو. انھيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته جھڙي تھڙي جمھوريت ۾ به اڄ گھڻي حد تائين اختلاف، احتجاج ۽ اظھار جي آزادي ماڻھن کي نصيب ٿي چڪي آهي جنهن لاءِ اسان جي وڏڙن بي مثال قربانيون ڏنيون. پر احتجاج جو ھي ڪھڙو طريقو آهي ته تحريڪ انصاف جي استعيفا ڏيندڙ ڊي سيٽ ٿيل 9 ئي قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي سيٽن تي پارٽيءَ جو سربراهه انوکو ۽ لاڏلو عمران خان پاڻ اليڪشن لڙندو! مطلب ته پارٽي جي سربراهه کي اھا پڪ ئي ڪونهي ته سندس جيڪي 9 ساٿاري اميدوار پنهنجي پنهنجي علائقي جي ھنن تڪن مان چونڊون کٽيندا رهيا آهن تن کي ووٽرن پاران سٺي موٽ نه ملندي! يا ھيئن سمجهون ته ملڪ جي مختلف علائقن ۾ پکڙيل ھنن سڀني تڪن ۾ انھيءَ ڪري ليڊر پاڻ بيٺو آهي ته جيئن 9 ئي تڪن مان کٽڻ کان پوءِ دنيا کي ٻڌائي سگهي ته ھو عوام جي دلين تي راڄ ڪري ٿو تنهن ڪري ئي کيس ھي سوڀاري موٽ ملي آهي. ھنن ٻنھي صورتن ۾ ڏسجي ته عمران خان جيڪڏهن اڌ کان وڌيڪ سيٽن تان ھارائي ويو ته پوءِ پاڪستان ۾ سندس يونيورسل پاپولرٽي واري ھام اجائي ثابت ٿيندي. جيڪڏهن فقط ٻه ٽي سيٽون کٽيندو ۽ ٻيون وڃائي ويٺو ته پوءِ سندس کجل خواري ٿيندي ۽ ان کان بچڻ خاطر ھو شھباز شريف جي حڪومت مٿان ڌانڌليءَ جا الزام مڙهي پاڻ کي پبلڪ آڏو مظلوم بڻائي پيش ڪندو. عمران خان جي 9 سيٽن تان اليڪشن لڙڻ واري فيصلي مان اڃا به ھڪڙي ٻي ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته اڳوڻو وزيرن اعظم بي اعتماديءَ واري رٿ جي منظوري ۽ پي ايم هائوس مان نيڪالي کان پوءِ ھاڻي پنهنجي ڪنھن پراڻي ساٿي تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.
عمران خان کان اھو وسري ويو آهي ڇا ته سندس وفاقي وزير علي محمد خان جو تڪ خيبرپختونخواهه ۾ آهي جتي تازو گاديءَ واري شهر پشاور جي ميئر کان وٺي قبائلي علائقن تائين مولانا فضل الرحمان جي جمعيت علما اسلام جا ميئر/ناظم ۽ يو سي چيئرمين مڪاني ادارن جا سربراهه بڻجي چڪا آهن. اھي چونڊون ته مولانا جي جماعت اڪيلي سر لڙيون ھيون. پر ھاڻي ته حڪومت ڪندڙ پي ڊي ايم جون سموريون پارٽيون ھرھنڌ ھڪڙو ئي گڏيل اميدوار بيهاري سگهن ٿيون جن کي ٻيون به سھوليتون حاصل ھونديون. نيوٽرل ڌر جي سياسي مداخلت جي ڪري جيڪا ڪمزور پوزيشن ٿي ويئي آهي، ان کي نظر ۾ رکندي ڪوبه اھڙو فيصلو نه ٿو ڪري سگھي جنھن سان وڌيڪ خواري ٿئي. مون کي خاطري آهي ته ھنن نون ئي تڪن ۾ ڄنگھه اڙائڻ جي کين ھمت ئي نه ٿيندي.
مٿي مون ذڪر ڪيو آهي اھڙيون ڪمينٽس ڪندڙ fb friends جو جيڪي سمجهن ٿا ته مون عمران خان کي پاڪستان جي سياسي آکاڙي مان آئوٽ ڪري ڇڏيو آهي، انهن جي ڄاڻ لاءِ عرض ڪريان ٿو ته جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کي اسٽيبلشمينٽ ڦاسيءَ جي سزا ڏني ۽ سندس نياڻي محترمه بينظير ڀٽو ھن ملڪ جي سياست ۾ پير پاتو ته ان وقت جي سڀني کان وڏي مقبول عوامي سياسي پارٽي پ پ جا مخالف صحافي ۽ ليکڪ باقاعدي اھا دعويٰ ڪري لکندا ھئا ته ڀٽو خاندان جو ڪوبه فرد ھاڻي اقتدار ۾ اچي نه سگھندو. محمد خان جوڻيجو صاحب کي جنرل ضياءَ جي اسٽيبلشمينٽ پير صاحب پاڳاري جي مدد سان پاڻ آندو ۽ ڪوڙ ڳالهائي چوندو هو ته جوڻيجي صاحب جو نالو منھنجي استخاره (چلو ڪاٽڻ) تي نازل ٿيو. انھيءَ استخاري جو ڪھڙو حشر ڪيائين سو تاريخ جو حصو آهي. بينظير ڀٽو شايد ٽيون ڀيرو به نواز شريف وانگر سال 2008 ۾ جنرل مشرف جي دور ۾ آمريڪا ۽ عرب رياستن جي گارنٽي مطابق پاور ۾ اچي وڃي ھا پر ھوءَ به پنهنجي پيءُ ۽ ڀائرن جيان ڪسجي ويئي. وڏو مثال ته طاقتور پنجابي سياسي ليڊر ميان نواز شريف جو آھي جنھن کي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪيو اسان جي سڳوري اسٽيبلشمينٽ پر جيڪڏهن ھو عمران خان جي 9 ئي تڪن تي ٿيندڙ چونڊن کان اڳ ۾ اچي ضمانت ڪرائي، ھنن سڀني تڪن جو پنھنجي نياڻي مريم نواز سان گڏ گشت ڪري ته ھن سڄي راند جو تختو اٿلائي سگھي ٿو. مون کي ڪنهن به سرمائيدار ۽ ڪارخانيدار سياسي اڳواڻ سان ٽڪي جيتري به ھمدردي ناھي. پر اڄوڪين حالتن ۾ جيڪا مقبوليت نواز شريف ۽ سندس نياڻي مريم کي پنجاب اندر نصيب ٿي آهي سا عمران خان وٽ ھرگز نه آهي. جيڪڏهن تحريڪ انصاف ھڪ پاپولسٽ پارٽي ھجي ھا ته عمران خان کي 9 تڪن مان ضمني اليڪشن ۾ بيهڻ بدران جمھوري روايتن جو قدر ڪندي، اتان جي لوڪل نمائندن کي ٽڪيٽون ڏيڻ کپن ھا.
ھي ته سنئين سڌي بيعزتي آهي انهن ووٽرن جي جيڪي چاھين ٿا ته سندن تر ۾ رهندڙ اميدوار چونڊجي جنهن سان سندس گهر جو در کڙڪائي ملي سگهن.
ھاڻي اچان ٿو عمران سرڪار جي وفاقي وزير داخلا شيخ رشيد جي انھيءَ ھوائي توائي بيان تي جنهن ۾ فرمايو اٿس ته ھڪ مھيني اندر پي ڊي ايم حڪومت جا ٽپڙ گول ڪري ڇڏينداسون.
آخر ڪيئن؟ ھو تڙتڪڙ ۾ اھو بيان ڏيڻ مھل ھڪڙي ڳالهه وساري ويٺو آهي ته جڏهن کان پرڏيهي ڪمپنين، عرب شھزادن ۽ سندس يار عارف نقوي جي ڳرين رقمن جو انڪشاف دستاويزي ثبوتن سان ٿيو آهي تڏهن کان تمام گهڻا سنجيده ماڻهو تحريڪ انصاف جي ليڊر کان نفرت ڪرڻ لڳا آهن. ھو سمجھن ٿا ته ھن شخص کي وطن دوست ۽ ايماندار سمجهي اسان ويھن سالن کان انھيءَ ڪري ڪروڙين رپيا چندو ڏنو ته عمران خان اسان جي ٻچڙن جو مستقبل سنواريندو پر هيءَ شخص ته ٺڳ، بي ايمان ۽ ڌن دولت جو پوڄاري نڪتو. ڪروڙين ماڻھن جي اميدن ۽ ارمانن جو خون ڪندڙ ثابت ٿيو.
شيخ رشيد جي باري ۾ ايندڙ ڪنهن موقعي تي لکندس. باقي اڄ به جيڪڏهن شفاف چونڊون ٿين ۽ ھن ملڪ جا ووٽر اڳوڻي وزير اعظم عمران خان کي ٻيهر وزيراعظم جي عهدي لاءِ چونڊين ته آئون عوام جي مينڊيٽ جو احترام ڪندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button