دستگير ڀٽي
پاڪستان جا اصل واڳ ڌڻي جن کي اسٽيبلشمينٽ جهڙي ڪنن کي وڻندڙ محاوري ۾ خدا جي خلق تائين پهچايو ويو آهي، سا واقعي انهي انگريزي لفظ يا محاوري مطابق پاڻ کي يا پنهنجن هٿن سان چونڊايل سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن کي صحيح معنيٰ ۾ Establish ڪرڻ ۾ ڪڏهن سوڀاري ٿي آهي يا ان جو اسٽيبلش ڪيل هر سياسي نظام توڙي حڪومت جو سربراهه عوام پاران هر ڀيري رد ڪيو ويو آهي؟ ٻين لفظن ۾ هيئن کڻي لکان ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ گذريل ٻاهتر سالن ۾ حڪومتون ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ لا پنهنجي سگهه کي ڪتب آڻي جيڪي به تجربا ڪيا آهن ڇا انهن مان ڪو هڪڙو به تجربو سڻائو ٿيو آهي يا اهڙا سمورا تجربا ناڪام ٿيا آهن، جيئن تازو چونڊايل وزيراعظم عمران خان وارو تلخ ۽ ڪڙو تجربو! ڇهين آڪٽوبر تي هڪ اداري جو سربراهه بدلائڻ وارو جيڪو اعلان ڪيو ويو ۽ آفيسرن کي به بدلي ڪيائون، ان تي اڄ سترهن ڏينهن لنگهي وڃڻ باوجود سندن پنهنجو ئي لاڏلو وزيراعظم اڃا تائين ڇو راضي نه ٿيو آهي. اهو سوال ته اٽي ۽ روزگار لا پريشان مسڪين ماڻهن کان وڌيڪ انهن سگهارن واڳ ڌڻين کي پريشان ڪندڙ هوندو جن جو فيصلو ڪڏهن به ايترن ڏينهن تائين هوا ۾ نه لٽڪيو آهي! هاڻي ته اها حقيقت عالم آشڪار ٿي چڪي آهي ته آگسٽ 2014ع ۾ اڃا جڏهن تڏهوڪي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف جي “چونڊيل سرڪار” کي هڪڙو سال به پورو نه ٿيو هو، تڏهن عمران خان ۽ مولانا طاهر القادري کي اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي چئن مهينن لا ڌرڻو هڻائي نواز شريف جي حڪومت کي جڏو ڪرڻ جي سازش به اسٽيبلشمينٽ پاڻ سٽي هئي. ڌرڻي ۾ شريڪ هزارين مردن ۽ زالن کي ماني، ٽڪي ۽ ٻيو گهربل سامان پڻ سرڪاري خزاني مان گهرائي ڏيندا رهيا. ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد کي چوڌاري ڪڙو چاڙهي، وزيراعظم نواز شريف جي حڪومت کي ايترو معذور ۽ اپاهج ڪري ڇڏيائون جو هو ٻه اڍائي مهينا پي ايم هائوس ڇڏي وڃي لاهور واري پنهنجي ذاتي رهائش ڏانهن لڏي ويو. مخالف ڌر جي اڳواڻ عمران خان جي حق ۾ اڀ ڦاڙ نعرا هڻائڻ نه رڳو خوبصورت نعرا ٺاهيا ويا پر عمران خان جي شان ۾ اهڙا گيت ۽ گانا رڪارڊ ڪرايا ويا جو جيڪو ماڻهو سياست ۾ دلچسپي ۽ ڌيان نه ڌريندو هو، سو به انهن گيتن کي ٻڌي جهمريون پائڻ ۾ مست ٿي ويندو هو. آئون ڌرڻي کان هڪ ڏينهن اڳ اسلام آباد پهچي ويو هئس ته جيئن اکين ڏٺو احوال لکڻ ۾ سولائي ٿئي، اهو احوال سنڌ ايڪسپريس ۾ ئي پنهنجي ڪالمن ۾ لکندو هئس. مون ڏٺو ته هزارين ماڻهو پنهنجين زالن ۽ نياڻين سوڌا عطا الله عيسيٰ خيلوي نالي ڳائڻي جي هن ڪلام تي باقاعدي نچڻ لڳندا هئا:
جب آئيگا عمران، سب ڪي شان
بنيگا نيا پاڪستان
پورا چار مهينا اهڙن گيتن تي جوان جماڻ ڇوڪريون به ناچ ڪنديون هيون. ماڻهو پنهنجا گهر گهاٽ ڇڏي ڊي چوڪ تي اها آس لڳائي ويٺا رهندا هئا ته عمران خان ايندو ۽ اسان کي نئون پاڪستان ٺاهي ڏيندو. اهو نئون پاڪستان ته ڪو نه ٺهيو، پر پراڻي پاڪستان جا به عمران خان هڻي لاهه ڪڍي ڇڏيا. دنيا ۾ جڏهن به ڪنهن عوامي اداري خاص ڪري چونڊيل ايوان يا پارليامينٽ جي پيڙهه ۾ عوام جي سچن پچن ووٽن جو ڪانڪريٽ وجهڻ بدران هتان هتان گڏ ڪيل سرون، پٿر، سروٽا وجهي بنياد رکيو ويو آهي ته پارليامينٽ جي ان عمارت هڪ ته جٽا نه ڪيو آهي ۽ ٻيو ته ان عمارت ۾ جيڪي ڏار پوندا آهن، تن کي وقتي طرح چونو هڻي صدارتي آرڊيننس وسيلي سنڀالڻ جي هر ڪوشش ناڪام ٿي ويندي آهي. اهڙي جڏي ۽ ڪمزور عمارت جي ڀيٽ ۾ فوجي آمريت يعني مارشل لا ڊڪٽيٽرشپ به جٽادار ثابت ٿيندي آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي عمارت کي هڪڙو منظم ادارو ۽ ان جا لکين اهلڪار ڪلهو ڏيئي بيٺل هوندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو ٽين دنيا جي انيڪ ملڪن اندر مارشل لا جو مدو ڏهن کان ٽيهن سالن تائين محڪوم ۽ مظلوم عوام کي ڀوڳڻو پيو آهي. اسان وٽ جڏهن کان وزيراعظم عمران خان جي سرڪار (اتحادين جا سروٽا ۽ پٿر بنياد ۾ وجهي) کڙي ڪئي ويئي آهي، تڏهن کان پاڪستان جا ماڻهو هڪڙو ڏينهن به سک نه سنڀريا آهن. سکيا ماڻهو به ڏکيا ۽ رنج ٿي چڪا آهن. خبر ناهي ته ڇو ڪروڙين ماڻهن کي اهڙي ڪمزور ۽ جڏي پارليامينٽ جي آسري تي جيئڻ بدران ڦٿڪڻ، پچڻ ۽ پڄرڻ تي مجبور ڪيو ويو؟ ڇا اها ڪا عالمي سطح جي چال هئي ته ڪنهن به صورت ۾ عمران خان کي زوري ٿاڦيو وڃي پو ان لا ڀلي کڻي ٻين مقبول عوامي سياسي اڳواڻن جا ووٽ چوري ڪرڻا پون؟ هاڻي ته خود عمران خان جو پڳ مٽ ساٿي ۽ شگر ملز مافيا جو مکيه مهرو جهانگير ترين اها ڳالهه مڃي ٿو ته جيڪڏهن هو پنهنجو ذاتي جهاز ڀرائي چونڊيل نمائندن کي خريد ڪري عمران خان حوالي نه ڪري ها ته پنجاب ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت ٺهي نه سگهي ها. ڇا وڪري جو وکر بڻيل هنن صوبائي توڙي قومي اسيمبلي جي ميمبرن رڳو في سبيل الله عمران خان ۽ عثمان بوزدار کي ووٽ ڏيئي سوڀارو ڪيو هوندو يا ان لا پنهنجي ضمير جو ملهه به ورتو هوندائون ۽ ظاهر آهي انهي مقصد خاطر قومي خزاني کي ئي ٻرو ڏنو ويو هوندو. پر جيئن ته پاڪستان ۾ جزا ۽ سزا وارو دستور ناهي ۽ قانون جي بالادستي کي روزانو چٿيو ۽ چيڀاٽيو وڃي ٿو، تنهن ڪري ڪنهن به جوابدار کان ڪڏهن به سچائي سان پڇا ڳاڇا نه ٿي سگهي آهي. ملڪ جو وڏو اڌ حصو پاڪستان کان ڌار ٿي ويو، جنهن جي اصل ڪارڻ جي جاچ لا تڏهوڪي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي جسٽس حمود الرحمان جي سربراهي ۾ تحقيقاتي ڪميشن جوڙي، جاچ رپورٽ جڏهن ڀٽو صاحب پڙهي ته ڏٺائين هن ۾ ته سمورو ڏوهه مٿس ۽ اسٽيبلشمينٽ تي لڳايو ويو آهي. تنهن ڪري ان رپورٽ کي غائب ڪرائي ڇڏيائين. تاريخ ذوالفقار علي ڀٽي سان جيڪو حشر ڪيو، سو ته اسان جي ايندڙ نسلن لا به هڪڙو وڏو سبق آهي. پر هتي تاريخ مان سبق پرائڻ جو ڪوبه رواج ناهي، اهو ئي نتيجو آهي جو اڄ اسان جو ملڪ هڪڙي اونداهي غار اندر ڌڪي چڪو آهي. جتي ڪروڙين مسڪين ماڻهن کي اها پروڙ ئي نٿي پوي ته مستقبل ۾ ڇا ٿيندو؟