ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

قانون جا ليڪا لتاڙيندڙ پوليس

Editorial

ملڪ ۾ پوليس جي ڪاررواين جي باري ۾ خبرون اخبارن ۾ رپورٽ ٿينديون رهنديون آهن. جن ۾ گهڻو ڪري پوليس جا عوام سان ڪيل ڪلور هوندا آهن. جهڙي ريت ملڪ جي ٻين حصن جي پوليس جي نفسيات آهي، اها ساڳي نفسيات سنڌ پوليس جي پڻ آهي، جيڪا هر وقت بيوس ماڻهن تي پنهنجو داٻو قائم رکڻ لاءِ قانون جا ليڪا لتاڙيندي آهي. ڪوڙن مقابلن ۾ ماڻهو مار مهم شروع ڪرڻ ۽ زوري ماڻهن کي گهران کنڀي کڻي وڃڻ پوليس جي کاٻي هٿ جو کيل آهي. تنهن هوندي به پوليس کان ڪو پڇاڻو نٿو ڪيو وڃي ۽ ڪوبه متاثرن جي دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار نه هوندو. عام طور تي جڏهن عوام سان ڪا ناانصافي ٿيندي آهي ته اهو پوليس ڏانهن دانهڻ ويندو آهي ته جيئن ان جو ڪو داد فرياد ٿئي پر هتي ته صورتحال اهڙي آهي جو گهڻي ڀاڱي ماڻهو پوليس جا ئي ستايل هوندا آهن. تنهنڪري اهي ماڻهو وڌ ۾ وڌ پريس ڪلب آڏو ڪو مظاهرو ڪري پنهنجي ڳالهه اختيارين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ڪالهه جيڪي ٻه خبرون رپورٽ ٿيون آهن، انهن مان هڪ نوجوان کي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي مارڻ جي آهي ته ٻي وري پيرسن کي گهران کنڀي وڃن جي آهي.
خبر موجب گهوٽڪي ۾ بي سيڪشن پوليس قومي شاهراهه ڀرسان جاڙي واهه سرور چوهاڻ وٽ مقابلو ڄاڻائي ڪشمور مان کنڀي گم ڪيل نوجوان مجيد شر کي ماري ڇڏيو ۽ پسٽل هٿ اچڻ جي دعوى ڪئي آهي. ان ڏس ۾ ايس ايڇ او ايوب ڊوگر ٻڌايو ته پنهنجي عملي سان گڏ قومي شاهراهه ڀرسان جاڙي واهه سرور چوهاڻ وٽ گشت ڪري رهيو هئس ته ان دوران چئن ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، جنهن ۾ هڪ ڏوهاري پنهنجي ئي ساٿي جي گولي لڳڻ سبب مارجي ويو، جڏهن ته 3 ڄڻا فرار ٿي ويا. هوڏانهن مارجي ويل نوجوان جو لاش تعلقي اسپتال آندو ويو، جتي سندس سڃاڻپ مجيد شر طور ٿي بي سيڪشن پوليس موجب مارجي ويل ڏوهاري جي قبضي مان هڪ پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون آهن. جڏهن ته فرار ٿيندڙ سندس ساٿين جي گرفتاري لا ڪوششون ڪري رهيا آهيون. بي سيڪشن ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي مقابلو جو ڪيس ڪرايم نمبر 51/2022 انڊر سيڪشن 324,353,398,401 تحت داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب مارجي ويل ڏوهاري جو ڏوهي رڪارڊ گڏ ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف مارجي ويل نوجوان جي پي مدد علي شر دانهيو آهي ته پوليس منهنجي پٽ کي گذريل ڏينهن ڪشمور مان سندس دوست رحيم بخش مزاري سميت کنڀي گم ڪري ڇڏيو هو، جنهن کانپو پوليس منهنجي پٽ کي ماري ڇڏيو آهي. هڪ ٻئي خبر موجب خانپور مهر پوليس مرادئو پٽ ۾ چڙهائي ڪري پيرسن غوث بخش مهر کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو. جنهن جي خلاف مهر برادري جي ماڻهن عورتن ۽ ٻارن سان گڏجي پوليس ۽ بااثر ماڻهن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته نور محمد مهر، دلمراد، قادر بخش، مير حسن، محمد مراد، لطف علي ۽ ٻيا اسان جي زمين تي زبردستي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، جنهن ڪري ڄاڻايل ماڻهو اسان کي روزانو حراسان ڪري رهيا آهن. اڄ به جوابدارن پوليس کي ساڻ ڪري اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪئي، جنهن دوران اهلڪارن گهرڀاتين تي تشدد ڪري پيرسن شخص غوث بخش مهر کي کنڀي گم ڪيو آهي. هنن ٻڌايو ته اسان جو پيرسن بيمار آهي، کيس ڪجهه ٿيو ته جوابدار ۽ خانپورمهر پوليس ذميوار هوندي.
جيڪڏهن پوليس جو ڪم رڳو اهو وڃي بچيو آهي ته اها عوام کي آزارڻ لاءِ جڙتو مقابلا ڄاڻائي قتل ڪندي يا وري ڪنهن کي کنڀي گم ڪندي ته پوءِ قانون توڙي پوليس جهڙو ادارو عوام جي ڪهڙي خدمت ڪري رهيو آهي ۽ اهڙي اداري مان عوام کي ڪهڙو لاڀ حاصل ٿي سگهي ٿو. هي غيرقانوني عمل آهن، جن جي جيتري به نندا ڪجي سا گهٽ آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي، جيڪي به پوليس وارا انهن وارداتن ۾ ملوث آهن، انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪري کين سزائون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button