ناول جو اھم حصو اروڙ جي فتح کانپوءِ شروع ٿئي ٿو. اروڙ وٽ سٺي لڙائي ٿئي ٿي جنھن ۾ سنڌي لشڪر جي اڳواڻي راجڪماري ڪندي آھي. جڏھن تھ ھوڏانھن خالد ثقفي جي اڳواڻيءَ ۾ ابو يزيد ۽ ابو ھشام ھوندا آھن، جڏھن تھ حجاج بن يوسف جي ھدايتن موجب بن قاسم کي پٺئين پاسي رکيو ويندو آھي تھ جيئن کيس ڪو زخم نھ رسي. بن قاسم بلڪل ڪونھ ٿو وڙھي. تمام وڏي جنگ کانپوءِ راجڪماري عرب فوجن جي سپھ سالار خالد ثقفي کي ماري وجھي ٿي. جڏھن تھ عرب فوج ھڪ طريقي موجب ھڪڙي اوزار تي ھڪڙي تير باز کي تمام مٿي کڻي بيھاريندا آھن جيڪو مھاراجھ ڏاھر جو نشانو وٺي قتل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو. مھاراجھ جي شھادت کانپوءِ سنڌي فوج ۾ ڀاڄ شروع ٿئي ٿي ۽ راجڪماري کي پڪڙي وجھن ٿا. ايئن ھڪڙي ٽريجڊي جنم وٺندي آھي ۽ انھي ٽريجڊيءَ ۾ عرب لشڪر پاران تمام وڏا ھٿ ڪنڊا ڏيکاريا ويا آھن، جن کي استعمال ڪري دوکيبازي ذريعي سنڌي فوج کي ھارائڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿا. انھن دوکن ۾ سنڌ جي غدار مذھبي اڳواڻن جو حصو بھ ھوندو آھي جيڪي اروڙ جي جاگرافيائي ڪمزورين کي جاچي عربن ڏانھن موڪلين ٿا ۽ عرب انھن طريقن کي استعمال ڪن ٿا. جڏھن اروڙ فتح ٿي وڃي ٿو تھ سنڌين لاءِ اھو انتھائي ڀيانڪ ھوندو آھي. ايئن اھو منحوس ڏينھن بھ سنڌين لاءِ اچي ٿو. ھوڏانھن راجا ڏاھر جي گھر واري ۽ ٻيون عورتون محل ۾ ھونديون آھن ٻھ سپاھي ڊوڙي وڃي خبر ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر کين سمجھه ۾ نھ ايندو آھي تھ اھا بري خبر انهن کي ڪيئن ڏجي؟ سو پھرين اھي ديوان صاحب سان ڀاڪر پائي روئن ٿا ۽ پوءِ ٻڌائين ٿا تھ سنڌي جنگ ھارائي ويا آھن، تنھنڪري ڪنھن نموني مھاراڻي ۽ سندن ننڍي ڌيءَ کي ڪٿي محفوظ جڳھه تي موڪليو وڃي نھ تھ اھي تحفي طور قيد ڪري خليفي ڏانھن موڪليون وينديون. ديوان صاحب ڳرين وکن سان وڃي ٿو ۽ اڃا خبر ٻڌائي ڪونھ ٿو تھ مھاراڻي چوي ٿي تھ اسان سموريون ڳالھيون ٻڌي ورتيون آھن. ديوان انھن کي منٿ ڪندي چوي ٿو تھ توھان ملتان واري پاسي نڪري وڃي نھ تھ عرب توھان کي قيدياڻيون ڪري وٺي ويندا پر مھاراڻي انڪار ڪري ٿي ۽ چوي ٿي تھ ھيڏي ساري رعيت ۽ عوام کي اسان ڪيئن ڇڏي ڀڄي وڃون اھو اسان جو وڙ نھ آھي. ان کانپوءِ مھاراڻي ۽ سندن ننڍڙي ڌيءَ ٻين سنڌياڻين سان گڏ ڪنوار جا ويس وڳا پائين ٿيون ۽ ھوڏانھن تمام وڏي باهه جون تياريون شروع ڪري ڇڏين ٿيون. اھو انتھائي ھيانءُ ڏاريندڙ منظر ھوندو آھي جنھن کي پڙھندي ھر پڙھندڙ سڪتي ۾ اچي ويندو آھي. ھڪ طرف سنڌي لشڪر جو شڪست کائڻ، ٻئي طرف مھاراجھ ڏاھر جو شھيد ٿيڻ ۽ راجڪماريءَ جو قيد ٿيڻ تھ ٻئي طرف سنڌ جي گادي واري محل ۾ تمام وڏي باهه جيڪا آسمان سان ٽڪرائيندي نظر ايندي آھي. اھي سمورا منظر ناول ۾ اھڙي نموني چٽيل ھوندا آھن ڄڻ تھ اھا سموري المياتي واردات سنڌ سان ٿي رھي آھي ۽ ان باهه جا شعلا ۽ چڻنگون اڄ بھ ڄڻ مفتوح قوم جي شڪل ۾ اسان کي ساڙي رھيون آھن ڄڻ اھا شڪست اڄ بھ سنڌين جي سر تي پئي ڦيرا ڏئي.
جڏھن مھاراڻي، سندن ڌيءَ ۽ ٻيون سنڌياڻيون ھار سينگار ڪري تيار ٿين ٿيون تھ باهه جا شعلا بھ تيز تر ٿيندا ويندا آھن. ھوڏانھن ابوھشام ۽ يزيد محل ڏانھن نڪري پوندا آھن تھ جيئن مھاراڻي کي ڀڄڻ نھ ڏجي. بن قاسم کي جنگ فتح ٿيڻ کانپوءِ وٺي ايندا آھن ۽ ابو ھشام وارن سان گڏ بن قاسم بھ اچي ٿو، اڃا محل وٽ پھچن ئي ڪونھ ٿا تھ ان کان اڳ محل ۾ موجود غيرت مند سنڌياڻيون پاڻ کي تمام وڏي باهه جي آڙاهه جي حوالي ڪري ڇڏين ٿيون. عرب لشڪر انسان بو انسان بو ڪندي جڏھن محل ۾ داخل ٿين ٿا تھ عام سپاھي مال غنيمت ڏانھن ڊوڙن ٿا، جڏھن تھ اڳواڻ محل ۾ داخل ٿين ٿا پر ان کان اڳ مھاراڻي سمورين عورتن سان جئي ڀواني جئي ڀواني جو ورد ڪندي باهه جي حوالي ٿين ٿيون ۽ عرب سپاھي اھو منظر ڏسي خوف ۾ واپس عرب لشڪر ڏانھن ڊوڙن ٿا. جنگ جي ميدان ۾ طرحين طرحين جا لاش وکريل ھوندا آھن جن کي ڌار ڌار ڪيو ويندو آھي ڇو تھ سنڌين جي لشڪر ۾ ڪافي مسلمان بھ ھئا جيڪي محمد بن علافي سان گڏ اموي حڪومت کان بغاوت ڪري اچي سنڌ ۾ رھيا ھئا. انھن سپاھين کي ڌار ڪري دفنائڻو بھ ھو. ابو ھشام کي سندن سپهھ سالار خالد ثقفي جي موت جو ڏاڍو ڏک ھيو پر مھاراجھ ڏاھر ۽ محمد بن علافي جا لاش ڏسي اھا تڪليف گھٽجي وئي تھ اميھ سلطنت جا ٻھ وڏا دشمن ماريا ويا آھن.
انھي المياتي جنگ کانپوءِ جڏھن بن قاسم کي مھاراجھ ڏاھر جي تخت تي ويھارين ٿا تھ پوءِ سنڌي قيدي عورتن کي پيش ڪيو ويندو آھي جيئن تھ عربن جي جنگ جي دستور موجب عورتون بھ مال غنيمت جو حصو ھونديون آھن، ان ڪري انھن کي ڪپڙن کان آجو ڪري پيش ڪيو ويندو جنھن سان نوجوان سنڌي عورتون ۽ ڇوڪريون پنھنجن ٻانھن سان پنھنجي ڇاتيءَ کي ڍڪينديون آھن. جڏھن تھ راجڪماري شاھي خاندان جي ھجڻ ڪري ڪپڙن کان آجي نٿي ڪئي وڃي. پر سندن ھٿ ٻڌي بن قاسم جي اڳيان پيش ڪيو ويندو آھي. اتي بن قاسم ۽ راجڪماريءَ جي ڳالھين جي ڏي وٺ ٿئي ٿي ۽ راجڪماري چوي ٿي تھ جڏھن مون خالد ثقفي کي ماريو ٿي ان وقت مون توکي ڏٺو ھو ۽ مون سمجھيو تھ ڪو ننڍڙو ڇوڪرو جيڪو پنھنجي پيءُ سان گڏ جنگ جو تماشو ڏسڻ آيو آھي پر جي آئون سمجھان ھا تھ تون منھنجي شھيد مھاراجھ ڏاھر جي تخت تي ويھندين تھ مون کي ٻھ منٽ لڳن ھا ۽ تنھنجو سر ڌڙ کان ڌار ھجي ھا. تنھن جي جواب ۾ بن قاسم چوي ٿو تھ جنگ ۾ اھو ٿيندو آھي جو توکي پنھنجي پيءُ جو گھڻو افسوس آھي ۽ اھا اسان جي جنگي فتح آھي. راجڪماري وري چوي ٿي تھ توھان پنھنجي جنگي بھادريءَ جي ڪري ھي جنگ ناھي کٽي پر ھنن مذھبي غدارن جي ڪري جنگ کٽي آھي.
سنڌ جي فتح کانپوءِ عرب لشڪر مال غنيمت لٽڻ ۾ لڳي وڃي ٿو ۽ بن قاسم راجڪماريءَ جي سياڻپ، فصاحت، بلاغت ۽ علم کان متاثر ٿي ابو ھشام ۽ ابويزيد کي چوي ٿو تھ ڪو طريقو ڪڍي راجڪماري ۽ خليفي ڏانھن نھ موڪليو وڃي جنھن تي اھي راضي ٿي ڪاٻي ڇوڪري راجڪماريءَ جي روپ ۾ موڪلي وڃي ٿي. ھوڏانھن حجاج بن يوسف خليفي وليد جي بيماري کانپوءِ اموي خاندان جي جڳھه تي ثقفي خاندان کي اڳتي آڻڻ جا منصوبا ٺاھيندو آھي جنھن جو پتو ولي عھد سلمان کي پئجي ويندو آھي ۽ ولي عھد ڪنھن طريقي سان اھو راز خليفي وليد کي پھچائي ٿو ۽ خليفو ولي عھد حجاج کي گھرائي انجير ۾ زھر ڏئي ٿو. جنھن جي نتيجي ۾ حجاج جا ڏينھن پورا ٿيندي نظر ايندا آھن پر پوءِ کيس احساس ٿيندو آھي تھ مون خانھ ڪعبھ تي حملو ھنن جي ڪري ڪيو، عبداللھ بن زبير کي قتل ڪيو ۽ سمورا گناهه سامھون ٿي بيھندا آھن. ناول جو اھو حصو انتھائي دلچسپ لڳندو آھي. ھيڏانھن راجڪماري بن قاسم کي ٻالو ڀولو بڻايون ويٺي ھوندي ۽ بن قاسم ٻڌائيندو آھي تھ ھو جنگ سان نفرت ڪري ٿو پر حجاج کيس انھي مصيبت ۾ ڌڪي ڇڏي ٿو. راجڪماري پنھنجي محبت سان بن قاسم کي تيار ڪري ٿي پاڻ ڀڄي نڪري ھلون، اھي انھي مشق ۾ لڳل ھوندا آھن تھ ھوڏانھن خليفي طرفان حجاج جي مرڻ کانپوءِ بن قاسم کي گرفتار ڪرڻ جو پروانو روانو ٿي ويندو آھي. اڃا ھي نڪرندا ئي نھ آھن تھ عرب سپاھي پھچي ويندا آھن ۽ بن قاسم کي گرفتار ڪندا آھن. جڏھن راجڪماري محل جي پٺئين حصي مان ٽپو ڏئي سنڌو دريا حوالي ٿي ويندي آھي ۽ عرب سپاھي ڏسندا رھجي ويندا آھن.
ناول بنت داھر تاريخ جي مشقوق خالن کي ڀرپور نموني ڀريندي سنڌ جي تھذيب، ڪلچر، اٿڻي ويھڻي، شاھوڪاري ۽ رواداريءَ جو نمونو پيش ڪري ٿو جنھن ۾ سنڌ جي اصولڪن ذاتين دراوڙن ۾ ڀيل، ڪولھي، اوڏ ۽ ٻين رھواسين جي شاھوڪاري ۽ امن پسنديءَ کي ڀرپور نموني ڏيکاريو آھي تھ ساڳئي وقت جنسي ميلاپ جا اصلي تصور جيڪي ڪاما سترا ذريعي ننڍي کنڊ ۾ اسريل ھئا، انھن جو ڀرپور اظھار آھي جنھن ۾ عرب ڪلچر ۾ جنسي عضون کي جيئن شرم گاهه چيو ويو آھي تھ سنڌ جي ڪلچر يا اصلوڪين رھواسين پاران انھن جي پوڄا يا مقدس سمجھڻ جو تصور پورو پورو ڏيکاريو ويو آھي. محبت ڇا آھي، جسم ڇا آھي، روح ڇا آھي، نرواڻ يا مڪتي ڇا آھي؟ انھن جا عملي نمونا راجڪماري ڪري ڏيکاريندي آھي جنھن سان انساني جبلتن ۽ احساسن کي سمجھڻ ۾ مدد ملي ٿي. نفسياتي طور تي ڪافي ساريون ڳالھيون اھڙيون آھن جيڪي سنڌ ۾ ڏيڍ ھزار سالن جي عرب غلبي سبب ھاڻي ڀلي قابل قبول نھ ھجن پر اھي موجود آھن، جيڪا اصل سنڌ ھئي اھا تھذيبي ۽ ثقافتي سنڌ ھئي. ناول جي تاريخي حصن يا واقعن جي ترتيب سان ڀلي اختلاف ھجن پر ناول فڪشن جو ڀرپور سھارو وٺندي سنڌ جي اصلي سڃاڻپ جو ڀرپور تاثر ڏئي ٿو ۽ آئون سمجھان ٿو تھ ھيءَ ناول ھر ڪنھن کي پڙھڻ گھرجي ۽ ايندڙ نسلن تائين پھچائڻ گھرجي.
(پورو ٿيو)