ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

2017ع کان پيدا ڪيل سياسي بحران

Editorial-Article-Akhtar Hafeez

گذريل ڪجهه سالن کان سياسي هڻ وٺ جو ميدان پنجاب رهندو پيو اچي، جتي نوا ليگ ۽ پي ٽي آءِ هڪٻئي جي آمهون سامهون آهن. پيپلز پارٽي جيئن ته سنڌ تائين محدود ٿي ويل پارٽي آهي يا محدود ڪئي وئي آهي، تنهنڪري اها ان ويڙهه کي پري کان رڳو ڏسي رهي آهي. عمران خان نيازيءَ کي سوگهو ڪرڻ لاءِ جيڪي ڪجهه سوچيو ويو آهي، في الحال ڪجهه ناهي ٿي سگهيو. هو نه رڳو آزاد گهمي ڦري رهيو آهي پر پنهنجي سياست کي به جاري رکندو پيو اچي ۽ سياسي راند کي به پنهنجي مرضيءَ سان کيڏي رهيو آهي. جهڙي ريت هو ڪوڙ کي اعتماد سان بيان ڪري ٿو، اها هن جي وڏي طاقت آهي. جڏهن ته پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ سچ کي به اعتماد سان بيان نٿيون ڪري سگهن.
عمران خان نيازي اڪيلي سر پنهنجي اليڪشن مهم هلائي ٿو، جتي ڪٿي جلسا ڪري ٿو ۽ ماڻهن ۾ هڪ اهڙُو بيانيو تيار ڪري رهيو آهي، جيڪو کڻي ڪوڙو ئي آهي، پر ماڻهو ان تي اعتبار ڪن ٿا. ماڻهو سمجهن ٿا ته ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪو سچو سياستدان آهي ته اهو عمران خان نيازي آهي. جنهن جو تازو مثال فارين فنڊنگ واري ڪيس جو فيصلو آهي، جيڪو پي ٽي آءِ جي خلاف آيو آهي. پر پارٽي اڳواڻن کان وٺي يوٿين تائين سڀ اهو ئي چئي رهيا آهن ته اهو ڪيس فارين فنڊنگ جو نه هو. ان ڪري عمران خان نيازيءَ جا هٿ صاف آهن. ان کان سواءِ جڏهن اهو چيو ٿو ته وڃي ته ٻاهران کان پئسا خيرات طور ورتا ويا ۽ اهي پارٽيءَ لاءِ استعمال ڪيا ويا ته ان تي يوٿين جو جواب اهو هوندو آهي ته عمران خان نيازي ته ملڪ ۾ پئسو کڻي آيو آهي، هن ملڪ مان پئسو ٻاهر ڪونه موڪليو آهي.
دنيا جي امير ڪمپنين ۽ فردن کان ملڪ ۾ پئسو آڻڻ جو مطلب اهو هوندو آهي ته اها پارٽي جڏهن اقتدار ۾ اچي ته اها انهن ماڻهن ۽ ڪمپنين جي مطالبن کي پورو ڪري جيڪي پارٽيءَ کي فنڊ ڏيندا رهيا آهن. ان ڪري اهي پنهنجي مرضيءَ جا فيصلا به ڪرائيندا آهن. اهڙي ريت جنهن رجيم چينج جي ڳالهه عمران خان نيازي پنهنجي لاءِ ڪندو رهيو آهي، ان لاءِ عمران خان نيازي پاڻ ڪردار ادا ڪيو رهيو آهي. نواز شريف جي حڪومت جو وڃڻ به ان سلسلي جي ڪڙي آهي. جنهن لاءِ پي ٽي آءِ کي لکين ڊالر مليا هئا پر هو اڄ ڏينهن تائين مڃڻ لاءِ تيار ناهي. ان کان سواءِ توشه خانه جي گهڙين ۽ قيمتي شين جو وڪرو به هن ڪيو پر ان کي هو جائز سمجهي ٿو. جڏهن ته ڪو ٻيو وزير اعظم ائين ڪري ته هن جي نظر ۾ اهو وڏو ڏوهه آهي. تنهنڪري هن لاءِ انصاف، قانون ۽ ايمانداريءَ جا معيار پنهنجا پنهنجا آهن. هو سمجهي ٿو ته جيڪڏهن هن ڪا بي ايماني ڪئي آهي ته اها به هن لاءِ جائز آهي، ڇاڪاڻ ته هو عدالتن کان صادق ۽ امين قرار ڏنل سياستدان آهي.
پي ڊي ايم جي هاڻوڪي حڪومت بيان بازيءَ جي حد تائين ته عمران خان نيازي تي داٻو رکندي پئي اچي پر عملي طور اها ڪجهه به ناهي ڪري سگهي. جيئن ته عدالتون هن کي رليف ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهن. تنهنڪري هن کي ان ڳالهه جو ڪو خوف ناهي ته هن خلاف ڪا اهڙي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ کيس سوڙهو ڪيو وڃي ۽ هن لاءِ پريشانين ۾ واڌ ٿئي. هاڻ هي ويڙهه رڳو پي ٽي آءِ يا نواز ليگ جي وچ ۾ نه رهي آهي پر عمران خان نيازي اسٽيبلشمينٽ جي سياسي ڪردار کي وائکو ڪرڻ ۽ کيس اقتدار مان نيڪالي ڏيارڻ جا پلاند وٺڻ لاءِ ڪنهن حد تائين به وڃڻ لاءِ تيار آهي.
تازو بلوچستان ۾ فوجي هيليڪاپٽر حادثي جو شڪار ٿيو ته ٽوئيٽر تي جيڪو ٽرينڊ ان معاملي تي هليو يا جيڪي ٽوئيٽ ڪيا ويا، اهي بنهه غير اخلاقي هئا. جنهن جي ڪري صدر عارف علوي کي شهيدن جي جنازي ۾ شريڪ ٿيڻ کان روڪيو ويو. ان حوالي سان ڊي جي آءِ ايس پي آر پنهنجي پريس بريفنگ ۾ اظهار ڪيو. پر اڄ به جنرل قمر جاويد باوجوه ۽ فوج خلاف ٽوئيٽر کي گهڻو ڪجهه پڙهڻ لاءِ ملي رهيو آهي. ظاهر آهي اهي سڀ ٽرينڊ پي ٽي آءِ هلرائي رهي آهي، جنهن وقت هڪڙي چست سوشل ميڊيا ٽيم آهي، جيڪا هر وقت پروپيگنڊا برگيڊ طور ڪم ڪري رهي آهي. ان حوالي سان جيڪي ڳالهيون سامهون اچي رهيون آهن، اهي هي آهن ته اسٽيبلشمينٽ کي بلوچستان ۾ ٿيل حادثي کان پوءِ پي ٽي آءِ پاران آيل ردعمل تي گهڻي ڳڻتي ٿي پئي آهي. ان ڪري اها وڏي واڪي ان جو اظهار به ڪندي رهي آهي. پر جيئن ته عمران خان نيازيءَ هن وقت به هر قسم جي سياسي آزاديءَ مان مزو ماڻي رهيو آهي. ان مان ائين لڳي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ به هن جي حوالي سان اڃا تائين ڪو حتمي فيصلو نه ڪري سگهي آهي.
هاڻ عمران خان اهو به فيصلو ڪيو آهي ته هو خالي ٿيل 9 تڪن تي اڪيلي سر چونڊ وڙهندو. گهڻا امڪان اهي آهن ته هو اهي تڪ کٽي ويندو، ڇاڪاڻ ته عوام هن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ تيار آهي. پر ان جو ٻيو خراب پاسو اهو آهي ته عمران خان نيازي پنهنجو پاڻ کي 9 تڪن تي اڪيلي سر بيهاري پنهنجي پارٽي اڳواڻن تي بداعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي آهي. کيس لڳي ٿو ته پارٽيءَ ۾ ڪي به اهڙا اهل ماڻهو نه آهن، جيڪي انهن تڪن تي بيهي سگهن ۽ پارٽي ٽڪيٽ تي کٽي سگهن. جڏهن ته تازو ئي پنجاب ۾ ٿيل ننڍي چونڊ ۾ پي ٽي آءِ نواز ليگ کي شڪست ڏني آهي. عمران خان نيازي جنهن کي به ٽڪيٽ ڏني ان اتي کٽي ڏيکاريو آهي. هو جيڪڏهن 9 تڪن تي کٽي به وڃي ٿو ته کيس هڪ سيٽ ئي رکڻي پوندي ۽ اليڪشن ڪميشن کي انهن تڪن تي وري چونڊون ڪرائڻيون پونديون.
2017ع کان اسٽبيلشمينٽ جي پيدا ڪيل سياسي بحران جو سلسلو اڃا به جاري آهي ۽ اهو ڪيتري عرصي تائين جاري رهندو، ان لاءِ ڪجهه چئي نٿو سگهجي. تنهنڪري هاڻ جڏهن ان بحران کي وڌيڪ تيز پي ٽي آءِ ڪري رهي آهي، ايندڙ وقت ۾ ان جي اثرن کان پي ٽي آءِ به بچي ڪانه سگهندي. پر اسٽيبلشمينٽ کي هاڻ اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته ڇا اها ملڪ جي سياست ۾ نرم توڙي سخت مداخلت ڪندي رهندي ۽ سياستدانن کي آزاديءَ سان سياست ڪرڻ نه ڏيندي؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button