جماليات جي ميدان ۾ ايڊورنو جديديت پرست فن کي واکاڻي ٿو ۽ اعلان ڪري ٿو ته ڪافڪا ۽ بيڪٽ اڄ جي زندگي جي سڀ کان وڏي سچي عڪاسي ڪن ٿا، جنهن ۾ انسان مجبور ٿي ويو آهي ۽ هو هڪ اذيتناڪ زندگي جي عذاب ۾ ڦاٿل آهي.
ارنسٽ فشر پنهنجي ڪتاب “فن ۽ وجود” ۾ ۽ رسالن ۾ ڇپيل مختلف مضمونن ۾ اصل ۾ لينن جي خيالن کي بحث هيٺ آندو آهي ۽ هيءَ دعويٰ ڪئي آهي ته ڪابه عام تنظيم خيالن کي ٽوڙي مروڙي انهن کي سادو بڻائي ڇڏي ٿي ۽ هر نظريو آخرڪار سائنسي نتيجن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري ٿو. اهڙي نموني نظريي کان پاڪ ڪرڻ واري اصول جي حاميءَ جي حيثيت سان جڏهن فشر ادب ۾ پارٽي جذبي کان ۽ سوشلسٽ حقيقت نگاريءَ کان انڪار ڪرڻ واري منزل تي پهچي ٿو ته ان تي ڪا حيراني نٿي ٿئي.
غور طلب ڳالهه اها آهي ته عوام جي عام ارتقا جو خيال ڪڏهن ڪڏهن بورجوا اولهه جي انهن وڏن فنڪارن جي دلين ۾ به شڪ پيدا ڪري ڇڏي ٿو، جيڪي داخلي طور بورجوازيءَ جي خدمت کان پرهيز ڪن ٿا. پر جن کي اڃا تائين مستقبل جو درست رستو نه مليو آهي.
سوشلسٽ حقيقت نگاريءَ جو ادب تاريخ، سياسيات، فلسفي ۽ سماجي نفسيات جي ميدان ۾ لينن جي دريافتن کان حوصلو وٺي ٿو. لينن جا خيال اديبن جي عالمي نقطه نظر ۽ سندن تخليقي صلاحيت تي سدائين اثرانداز ٿيا آهن ۽ سوويت زندگي ۽ سوويت انسان جي گهري ۽ فنڪاراڻي تحقيق جي بنياد تي جمالياتي دريافت ڪرڻ ۾ سدائين مددي ۽ سهڪاري ٿيا آهن.
سوشلسٽ سماج جي زندگيءَ ۾ لينن جا بلند خيال روان دوان آهن ۽ اهي خيال وڌيڪ ترقيءَ لاءِ هڪ طاقتور عنصر ۽ هڪ محرڪ بڻجي ويا آهن.
“لينن جهڙي عمل جي ماهر جي دماغ” کي انهن ماڻهن جي نظريي جي ڀيٽ ۾ ڏسندي، جيڪي دنيا جي انقلابي ۽ سوشلسٽ نئين سر اڏاوت کان ڊڄي ويا، رومان رولان 1934ع ۾ لکيو هو ته: “سندن ڀيٽ ۾ لينن جو غير معمولي منطق آهي، جنهن سندس فڪر ۽ ان جي عمل کي هڪ جان ڪري ڇڏيو آهي. انهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري هڪ بي جان ۽ پٿريلي جابلوئي چوٽي ناهي بڻائي ڇڏيو، پر هڪ اهڙي ڌارا بڻائي ڇڏيو آهي، جيڪا زندگيءَ سان ڀريل آهي ۽ جيڪا فعال دور جي زندگي ۽ ان جي صديون پراڻي قانون سان گڏجي تيز وهڪرو بڻجي وئي آهي.”
هڪ عظيم اديب جا اهي لفظ انتهائي ڳوڙهي نظر سان لينن جي خيالن جي ان ادراڪ جو اظهار ڪن ٿا ته اهي خيال اسان جي زندگيءَ ۾ هڪ زبردست عمل جي قوت بڻجي داخل ٿيا آهن.
سچ ته اهو آهي ته اڄوڪو ڪوبه اديب جيڪڏهن سچائيءَ سان اسان جي دور جي اهم عملن جي ۽ اسان جي زندگين جي مختلف پاسن ۽ ڪردارن جي عڪاسي ڪرڻ چاهي ٿو ته کيس اهڙن لقائن سان منهن مقابل ٿيڻو پوي ٿو، جيڪي انهن نمونن جي عڪاسي ڪن ٿا، جن کي عوام دريافت ڪيو هو ۽ انهن مان سڀ کان وڌيڪ ۽ سڀ کان پهرين عوام ۾ وڏي پيماني تي عام تبديليءَ جو عمل ٿئي ٿو.
گورڪيءَ جون لکڻيون ۽ خاص طور ٽن جلدن ۾ سندس آتم ڪٿا مان اهو واضح ٿئي ٿو ته ڪيئن هڪ عام ماڻهو، جنهن سوشلسٽ فڪر تي عبور حاصل ڪري ورتو هو، اسريل خيالن ۽ تهذيب ڏانهن پاڻ عوام جي ارتقا جو مجسمو بڻجي عالمي ادب ۾ پهريون ڀيرو اڀريو. گورڪيءَ جي تخليقن ۽ شخصيت ۾ عام ماڻهو پهريون ڀيرو هڪ اجتماعي قوت جي حيثيت سان پڻ نظر اچن ٿا ۽ واضح شڪليون رکندڙ فڪر وارا ۽ لاثاني ماڻهن جي ميڙ جي حيثيت سان پڻ. اهو بنهه نئين قسم جو فني ڍانچو آهي. گورڪي ان نموني جي عام ماڻهن کي، جيڪي انقلابي تحريڪ سان واڳيل آهن، ان بدتهذيب بورجوا انبوهه جي مقابلي ۾ پيش ڪري ٿو، جنهن کي هو “خوفناڪ جانور” قرار ڏئي ٿو.
گورڪيءَ جي لکڻين مزدور طبقي جي تحريڪ ۽ روس جي عام ماڻهن سان سوشلزم جي اتحاد جي عڪاسي ڪئي ۽ ايئن ان تاريخي عمل کي وڌيڪ تيز رفتار بڻايو ۽ ان نموني عالمي فن جي ارتقاءَ ۾ بي پناهه سهائتا ڪئي.
گورڪي پنهنجين لکڻين ۾ انهن انساني خوبين لاءِ سخت ۽ اڻ ٿڪ جدوجهد کي اجاگر ڪيو، جيڪي ڪميونسٽ ۽ سوشلسٽ سماج جي اڏيندڙن لاءِ لازمي هونديون آهن. اها جدوجهد پبلڪ ميدان ۾ به ٿيندي آهي ۽ انساني روح جي پاتارن ۾ به جاري رهندي آهي. ان اديب انسان جي روحاني واڌ ويجهه جي ان جدوجهد جي عڪاسي ان جي سڄي سچائيءَ سان ڪئي، جنهن کي هر طرح جي فلسفياڻين، ڪائناتي تصورن سان وير هوندو آهي.
گورڪيءَ جون لکڻيون انسان بابت ان شفقت سان ڀريل رويي جي درسگاهه جي حيثيت رکن ٿيون، جنهن کي پارٽي جذبي کان، لينن جي خيالن جو وفادار رهڻ کان ۽ عام ماڻهن سان سوشلسٽ سلامتي قائم ڪرڻ جي پرچار کان الڳ نٿو ڪري سگهجي ۽ ان عظيم اديب زندگيءَ جي اڳيان وڌندو رهڻ واري فطري خاصيت جي به عڪاسي ڪئي ۽ فڪر جي قوت ۽ خوبصورتيءَ جي به جيڪا عوام کي ڪارناما سرانجام ڏيڻ لاءِ آڀاري ٿي. سوويت ادب پنهنجي بهترين تخليقن ۾ انهن اصولن تي قائم رهيو آهي.
وڏي پيماني تي عوام جي واڌ ويجهه جي تحقيق جي گهرج اها آهي ته اديب اهم ۽ ڏکين جمالياتي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پورهيو ڪن. فن جي اصطلاح ۾ ۽ انسان جي سڄي انفرادي ۽ قومي جوڙجڪ سان ان جي تصوير ڪشيءَ سان گڏوگڏ اسان جي ادب جي بهترين تخليقن ۾ ان ڳالهه جو گهرو شعور موجود آهي ته اهي ڪيئن رهن ٿا، سوچين ٿا، واڌ ويجهه حاصل ڪن ٿا ۽ عملي طور هڪ نئين زندگيءَ جي تخليق ڪن ٿا.
ان زبردست عمل ۾ انسان جي جاءِ ۽ ان جي فرض ۾ وڏي گوناگونيت هوندي آهي، جيئن سوويت ادب جي تجربي مان ثابت ٿئي ٿو. سوويت ادب ۾ اسان کي اهڙا فرد ملن ٿا، جيڪي عوام جي بهترين جذبن ۽ خواهشن ۽ انهن جي قوت ۽ توانائيءَ جا مجسما هوندا آهن. (جيئن نڪولائي آسترووسڪي جا ناول.
پر فردن ۽ عام ماڻهن وچ ۾ رشتا ۽ انهن جا پاڻ ۾ تضاد پيچيده ٿي سگهن ٿا. ان جو هڪ مثال شولوخوف جو ناول “ڊان وهندو رهيو” آهي. گريگوري ميليخوف جون حالتون ۽ ان جي المياتي خاميءَ جي ڪري ان جي قسمت کڻي ڪيتري ئي ڪربناڪ هجي، ان ۾ عوام جي تخليقي زندگيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جي خواهش آهي، جيڪا اندران ئي اندران سخت ٿيندي ويندي آهي ۽ انهيءَ بنياد تي پڙهندڙ ۾ ان روشن ۽ باصلاحيت شخصيت جي پڄاڻيءَ تي ڏک جو گهرو احساس پيدا ٿيندو آهي.
(هلندڙ)