جينياتي طور تي ڪنهن به جنس يا نسل جي هر پيڙهي پنهنجي پُرکن جون خوبيون توڙي خاميون ساڻ ڪري پيدا ٿيندي آهي. زندگيءَ جي تجربي دوران خامين تي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ خوبين ۾ اضافو ڪرڻ سکبو آهي. خاص ڪري انسان جي هر پيڙهي پنهنجي بزرگن کان بهتر بڻجڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. پر اسان جي سماج جهڙن سماجن ۾، جن جي ارتقا جي رفتار ڪوڏ جي رفتار کان به ڍري هجي، هر نئين پيڙهي پنهنجي پُرکن جي مقابلي ۾ ڪمزور ۽ پٺتي پيل هوندي آهي. سِکڻ جي معاملي ۾، پنهنجو پاڻ کي بهتر بڻائڻ جي معاملي ۾، پنهنجي خوبين کي وڌائڻ ۽ خامين کي ضابطي ۾ آڻڻ جي معاملي ۾ اسين هر گذرندڙ لمحي سان ويتر ڪمزور ۽ زوال جو شڪار ٿيندا پيا وڃون. جيترا به انساني گُڻ آهن، اسان جي سماج جو انسان انهن کان وانجهيل ئي رهي ٿو. عام طور تي هر نئين پيڙهي پراڻيءَ کان ڪمزور ۽ پٺتي پيل آهي. ڀل اهو جسماني مضبوطيءَ جو معاملو هجي يا ذهني صلاحيتن جو. پنهنجي آس پاس نظر ڦيرائي ڏسو، اوهان جا وڏڙا جيترو پنڌ ڪري سگهندا هئا، جسماني زور بار وارو ڪم ڪري سگهندا هئا، اوهان ۽ اسان نه ٿا ڪري سگهون. وڏڙن جي ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ يادگيري وغيره جي صلاحيت جنهن سطح تي پهتل هئي، اڄوڪي پيڙهيءَ وٽ اهڙي ڪا به خوبي ڪانهي. ليپ ٽاپ ۽ سمارٽ فون جي مهربانيءَ سان ويهن سالن کان به گھٽ عمر جي ٻارن کي نظر جي عينڪ پائڻي پئجي وڃي ٿي. چاليهن سالن جي آس پاس عمر تائين پهچي وڃڻ کي تمام وڏي ڪاميابي سمجهيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ ان عمر تائين پهچندي پهچندي هيپيٽائٽس ۽ شگر توڙي بلڊ پريشر جهڙيون ڪيتريون ئي موت مار بيماريون چنبڙي چڪيون هونديون آهن پر اها به غنيمت سمجهي ويندي آهي ته ماڻهو چاليهن سالن تائين ساهه کڻندو رهيو.
تعليم جي ميدان ۾ جيتوڻيڪ اسان جي وڏڙن جي زماني ۾ پڙهائيءَ جو جيڪو طريقو هئو اهو پراڻ پسنديءَ وارو ۽ گھربل سامان توڙي سهولتن جي اڻاٺ وارو هئو پر ان هوندي به تعليمي معيار اُن پيڙهيءَ وارو بهتر هئو. مثال طور اُن زماني ۾ اسڪولي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ في ادا ڪرڻي هوندي هئي جيڪا هاڻي ادا نه ٿي ڪرڻي پوي. پراڻي زماني ۾ اسڪولي عمارت لڳ ڀڳ هر هڪ ٻار لاءِ ڪيترا ئي ميل پيرين پنڌ ڪري پهچڻ جي آزمائش هوندي هئي. ڪجهه ٻارن کي ته اسڪول پهچڻ لاءِ پاڻيءَ جي ندين ۽ نهرن منجهان تري يا ڪمزور پُلين تان لنگهي پار پوڻو پوندو هئو. ڪجهه ٻارن کي وحشي جانورن سان ڀريل جهنگ اورانگهي اسڪول پهچڻو پوندو هئو. ڪجهه ٻارن وٽ يونيفارم ڪونه هوندو هئو، ڪجهه وٽ ڪتابن جي کوٽ هوندي هئي ته ڪي وري پيرين اگهاڙي اسڪول وڃڻ تي مجبور هوندا هئا ان هوندي به اُن زماني جي پڙهيل ٻارن کي لاڳاپيل مضمونن جي جيتري ڄاڻ هئي سا هاڻوڪن ٻارن وٽ ڪانهي. حالانڪه اڄوڪي دور جي ٻار کي اسڪول لڳ ڀڳ سندس گهر جي در تي ملي ٿو. نصابي ڪتاب هر سال مفت پيا ملن ۽ ڪنهن به قسم جي سرڪاري في ادا ڪرڻي نه ٿي پوي. نصاب کان علاوه سهڪاري مواد جي فراهمي به مفت ۽ تمام وڏي پيماني تي آهي. ڏهاڙيءَ واري خرچي به اڳي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٿي ملي. اسڪولن ۾ سهولتون به اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهن. تڪليفون تمام گھٽجي ويون آهن. اڳ جيڪو ٻار اسڪول پڙهندو هئو اهو گهر ۽ ڪاروبار/زمينداريءَ جي ذميوارين کان آجو نه ٿي ويندو هئو. ان جي ابتڙ اڄ جو ٻار صبح جو اسڪول شام جو ٽيوشن سينٽر تي پڙهي ٿو پر پوءِ به ڀيٽ ڪرڻ تي پتو پوندو ته اڄ جو ٻار پنهنجي علمي مهارت جي معاملي ۾ پوئين پيڙهيءَ کان ڪمزور آهي. پراڻي زماني جي شاگرد کي رياضيءَ جا کوڙا برزبان ياد هئا ان ڪري ڪو به حساب جھٽ پٽ ڪري سگهندو هئو جڏهن ته اڄ ڪلهه جي ٻار کي ڪلڪيوليٽر هلائڻ به نه ٿو اچي کوڙا ياد ڪرڻ ته پري رهيو. پراڻي زماني جي ٻار وٽ انگريزيءَ جو جيترو به ذخيرو هئو، گرامر جي جيتري به سمجهه هئي ان آڌار تي هو ڪنهن موضوع تي ننڍڙو مضمون لکي سگهندو هئو جڏهن ته اڄ ڪلهه اهڙي اميد رڳو سي ايس ايس جي تياري ڪندڙ شاگردن منجهه ئي ڪري سگهجي ٿي ته اهي ڪنهن موضوع تي مضمون لکي سگهن. جن دوستن کي بورڊ جي امتحانن جو تجربو آهي اهي ڄاڻن ٿا ته شاگرد مثال طور “آئون خط لکان ٿو” جو ضد لکڻ لاءِ به انتظار ڪندا آهن ته ٻاهران ٺهيل ٺڪيل جواب اچي ته اهي بس ان کي جوابي ڪاپيءَ ۾ اتاري ڇڏين. يونيورسٽين جي حالت وري اها آهي ته اتي پڙهندڙ ٻارن منجهان اڪثريت جديد ترين نشا پتا ڪرڻ جي ماهر ٿي ته نڪري ٿي پر لاڳاپيل مضمون ۾ مهارت جي حالت اها هوندي آهي جو اول ته اهو پتو ئي ڪونه پوندو آهي ته ڀائو جن تعليم مڪمل ڪئي به الائي نه. ڊگري وٺي سگهيا آهن الائي نه. جيڪڏهن اهو مرحلو مڪمل ٿي به وڃي ته اهي پنهنجي مهارت واري مضمون ۽ شعبي ۾ ملازمت ڪرڻ بدران ماستري، ڪلارڪي يا وري پرچون جو دڪان هلائڻ جي ڌنڌي سان لڳي ويندا آهن جنهن منجهان يونيورسٽيءَ جي تعليمي معيار ۽ نئين پيڙهيءَ جي شخصي خوبين جي عروج جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
گيلپ سروي جي تازي رپورٽ موجب پاڪستان جي 75 سيڪڙو پڙهيل لکيل آباديءَ پنهنجي پوري زندگيءَ ۾ نصابي ڪتابن کان سواءِ ڪڏهن ڪو ٻيو ڪتاب نه پڙهيو آهي. اهڙيءَ ريت 25 سيڪڙو آباديءَ وري انهن ماڻهن جي آهي جيڪي ڪتاب پڙهندا ته آهن پر دلچسپيءَ سان نه. مختصر اهو ته پاڪستان اندر جيڪڏهن پڙهڻ سان ڪنهن جي دلچسپي آهي به ته بس نوڪري حاصل ڪرڻ جي حد تائين.
پاڻ ترقي يافتا ملڪن جي ڳالهه نه پيا ڪريون پر پٺتي پيل سماجن کي ڏسندئو ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سائنسي علمن جو ڪو نوبل پرائز اسان نه کٽيو آهي. ادب ۽ فلسفي جي دنيا ۾ به اسان جو ڪو نالو نشان ڪونهي. اسان ڪاروباري دنيا اندر به ڪو ڳڻپ جوڳو ڪردار ادا نه ڪري سگهيا آهيون. ان هوندي به ڊاڙ ٺڪاءَ ۾ اسان سان ڀيٽ ڪرڻ جهڙي تهڙي جي وس جي ڳالهه ڪانهي. اسان جي جيڪڏهن هن دنيا ۾ ڪا حاصلات آهي ته اها رڳو آبادي وڌائڻ جي سلسلي ۾ آهي. مسئلا وڌائڻ جي سلسلي ۾ آهي.
پاڪستان ۾ رهندڙ ماڻهو جڏهن دبئي يا يورپ جي ڪنهن ملڪ پهچي ٿو ته چاهيندي يا نه چاهيندي قانون جو پابند بڻجي وڃي ٿو. پر اهو ساڳيو ماڻهو هتي پنهنجي ملڪ اندر هر قسم جو قانون ٽوڙڻ پنهنجو پيدائشي حق سمجهندو آهي. اهو آهي ترقي يافتا سماج ۽ سرشتي جو فرق.
سائنس ۽ رياضيءَ جي معلومات هجي يا موسيقي ۽ فنونِ لطيفا جي ٻين قسمن ۾ مهارت جو سوال، اسان جي پراڻي پيڙهي وڌيڪ اڳتي نڪتل هئي. گهرن جي اڏاوت کي ڏسون يا کاڌي پيتي جي عادتن تي نظر وجهون اسان جو هاڻوڪو دور پراڻي دور کان ڪنهن به ريت بهتر ڪونهي.
سماجي حوالي سان به اسان جي پراڻي پيڙهيءَ وٽ جيڪي قدر چالو هئا سي هاڻوڪي پيڙهيءَ جي قدرن کان بهتر هئا. اتفاق سان ساڳي ڳالهه سهولتن جي حوالي سان به آهي. سائنسي ايجادون ته اسان جي زماني ۾ وڌيڪ ٿيون آهن پر وري به انهن ۾ اسان جو ڪوئي ڪارنامو شامل ڪونهي. بجليءَ جي پيداوار ۽ استعمال ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ ايترو بي ڍنگي نموني وڌيو آهي ڇاڪاڻ ته آباديءَ جو واڌارو به بي ڍنگي طريقي سان ٿيو آهي. ڏيڍ ويسو زمين رکندڙ ماڻهوءَ کي به پنهنجي ملڪيت جو وارث گھربل هوندو آهي. اهو به هڪڙو نه پر پنج اٺ، ان ڪري اسان جي زماني ۾ ماڻهن کي ايتري بجلي به ميسر ڪانهي جيتري مثال طور ضيا الحق جي زماني ۾ ميسر هئي. اهڙي نموني شهرن جي صفائي سٿرائيءَ کي ڏسبو ته اها به 80 واري ڏهاڪي جي ڀيٽ ۾ گھڻي خراب آهي. جيڪڏهن رهڻي ڪهڻي ۽ کائڻ پيئڻ جي انداز کي ڏسبو ته پراڻي پيڙهي اسان جي نئين پيڙهيءَ جي ڀيٽ ۾ بهتر حالت ۾ هئي.
پنهنجو پاڻ کي بهتر پيڙهي ثابت ڪرڻ لاءِ اسان کي تمام گھڻي جدوجهد جي ضرورت آهي. پنهنجو پاڻ سان ويڙهه وڙهڻ جي ضرورت آهي. سڀ کان پهريان اهو ڏسڻو آهي ته شخصي طور تي آئون ڪهڙين ڪمزورين ۽ خرابين جو شڪار آهيان. بعد ۾ اهو ڏسڻو آهي ته اجتماعي طور تي اسان ڪهڙين برائين جو شڪار آهيون. انهن ڪمزورين ۽ برائين تي ضابطو آڻڻو پوندو. يقينن اها ڪا اهڙي ڳالهه ڪانهي جيڪا اسان جي رڳو چوڻ يا ارادو ڪرڻ سان ٺيڪ ٿي وڃي. ان لاءِ ابتدائي طور تي سختيءَ سان قانون تي عملدرآمد ڪرائڻ جي ضرورت آهي. وات سان اخلاق سيکارڻ بدران ڪردار سان اخلاق سيکارڻ واري روش اختيار ڪرڻي پوندي. ملازمن کان ڊيوٽي وٺڻ ۽ احتسابي عمل کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي جيڪو سٺي حڪمراني يا انتظام ڪاريءَ کان سواءِ ممڪن ڪونهي. جيڪڏهن موجوده سياسي معاشي ۽ معاشرتي سرشتو پنهنجي انهن ڪمزورين کي ڪنٽرول نه ڪري سگهيو ته خود سرشتي جي ئي تڏا ويڙهه ٿي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته فطرت ڪنهن جي به پرواهه ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي رستي سان هلندي رهندي آهي.