ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مني بجيٽ: عوام تي معاشي بار

Editorial

ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ حڪومت هڪ پاسي ان انتظار ۾ آهي ته ان کي آءِ ايم ايف يا ڪنهن ٻئي ملڪ کان امداد ملي وڃي ۽ ٻئي پاسي اها عوام جي مٿان معاشي بار وجهڻ لاءِ هر جائز توڙي ناجائز ٽيڪس مڙهڻ لاءِ تيار لڳي پئي آهي. حڪومت هر مهيني ڪي نه ڪي اهڙا عوام دشمن فيصلا ڪندي رهندي آهي. جنهن سان عوام جي کيسي تي بار وڌايو ويندو آهي. ڪنهن حڪومت جو ڪم عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ هوندو آهي. اهو رليف مختلف مدن ۾ ڏنو ويندو آهي ته جيئن عوام زورمره جي زندگيءَ جا معاملا بهتر ڪري سگهي. پر هاڻوڪي حڪومت اهو طئي ڪري ورتو آهي ته عوام مٿان ايترا ٽيڪس مڙهڻا آهن ته جيئن اهو ساهه به کڻي سگهي. ڪڏهن اها بجليءَ جا اگهه وڌائيندي آهي ته ڪڏهن گيس جا. ٻه ڏينهن اڳ حڪومت بجليءَ جا اگهه وڌايا آهن ۽ هاڻ اها مني بجيٽ آڻڻ جون تياريون ڪري رهي آهي. عوام اڳ ئي پريشان لڳو پيو آهي. ان کي خبر آهي ته ان ۾ وڌيڪ ٽيڪس برداشت ڪرڻ جي سگهه ناهي تنهن هوندي به حڪومت هر عوام تي ڳرا ٽيڪس هڻي پاڻ کي هر حوالي سان آجو قرار ڏيڻ پئي چاهي. مني بجيٽ جو مقصد آهي ته عوام تي نوان ٽيڪس مڙهيا ويندا.

حڪومت چئن شعبن تي وڌيڪ 40 ارب رپيا ٽيڪس جو بار وجهڻ لاءِ مني بجيٽ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو. ايف بي آر ذريعن موجب فرٽيلائيزر، شوگر، تماڪ ۽ ٽيڪسٽائل جي شعبي تي وڌيڪ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو امڪان آهي. ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن چئن وڏن سيڪٽرن تي آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ اجلاس کان اڳ مني بجيٽ ۽ آرڊيننس ذريعي ٽيڪس لاڳو ڪري سگهجن ٿا. ذريعن موجب ايف بي آر ان لينڊ روينيو پاليسي ونگ مني بجيٽ جي بناوٽ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. واپارين جي بلن تان فڪسڊ ٽيڪس ختم ٿيڻ سبب ٽيڪس قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن ٽيڪس ختم ٿيڻ واري 40 ارب رپين جي نقصان کي ٻئي طريقي سان پورو ڪري سگهجي. ايف بي آر اختيارين موجب مني بجيٽ ۽ آءِ ايم ايف تي بريفنگ لاءِ وزيراعظم آفيس ۾ گڏجاڻي ٿيندي ۽ منظوري کانپوءِ تڪڙا قدم کنيا ويندا. حڪومت جيڪڏهن هر مهيني ٻئي مهيني عوام تي ڳرا ٽيڪس هڻي رڳو بار وجهندي رهندي ته پوءِ ڪهڙي ريت ملڪ جي ٻين معاملن کي ڏسي سگهندي. ڇاڪاڻ ته رڳو عوام تي ٽيڪس مڙهي ملڪ جو روينيو بهتر نٿو ڪري سگهجي. ان کان سواءِ جيڪڏهن عوام ان ٽيڪس کي قبول به ڪري ٿو ته حڪومت ڪهڙيون سهولتون عوام کي ڏئي ٿي. جڏهن ملڪ جي معاشي حالت بهتر نه هجي ۽ ان کي بهتر ڪرڻ لاءِ ٻاهرين سيڙپ ڪرڻ بدران عوام جي نڙيءَ تي ننهن ڏنو وڃي ته ان سان ڪڏهن به معاشي حالتون بهتر نه ٿي سگهنديون. نتيجي ۾ عوام ڪڏهن به اهو نه چاهيندو ته هي حڪومت وڌيڪ وقت تائين عوام تي حڪمراني ڪري. پي ڊي ايم وارا جڏهن مخالف ڌر ۾ هوندا هئا ته انهن کي ملڪ ۾ مهانگائي نظر ايندي هئي، انهن کي ائين لڳندو هو ته پاڪستان دنيا جو مهانگو ترين ملڪ آهي پر هيءَ حڪومت ايندي جيڪا مهانگائي ڪئي وئي آهي. ان کان پوءِ ته صورتحال ويتر خراب نظر اچي رهي آهي. عوام لاءِ عام استعمال جا اسم به خريد ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. مني بجيٽ وسيلي جيڪي پئسا اوڳاڙيا ويندا، ان سان سان ويتر عوام جي چيلهه چٻي ٿي ويندي ۽ ماڻهن لاءِ پنهنجو پاڻ پالڻ به ڏکيو ٿي ويندو. تنهنڪري حڪومت کي ان پاسي ڌيان ڏيڻ گهرجي ته اها معاشي سڌارا ڪهڙي ريت آڻي سگهي ٿي. ڪهڙي ريت معاشي حالتون بهتر ڪري جو ان جو ڦل عوام کي سگهي. 

هن وقت تائين پي ڊي ايم جي حڪومت رڳو عوام دشمن فيصلا ئي ڪيا آهن، جيڪڏهن اهڙا فيصلا ڪرڻا هئا ته پي ٽي آءِ جي حڪومت به ائين ڪري رهي آهي. ان به ڪڏهن عوام کي ڪو رليف ڪونه ڏنو. بلڪه جيڪي سهولتون عوام کي مليل هيون، اهي به آهستي آهستي کسيندي رهي. حڪومت کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته ڪجهه مهينن کان پوءِ حڪومت ۾ ويٺل چونڊيل نمائندا عوام وٽ ووٽن لاءِ ويندا. جيڪڏهن انهن جي ڪارڪردگي بهتر ناهي ته پوءِ اهي ڪهڙي منهن سان عوام کان ووٽ گهرندا. اهي ڪهڙي ريت عوام آڏو صفايون پيش ڪندا.
اسين سمجهون ٿا ته حڪومت کي عوام دشمن فيصلا ڪرڻ وارو سلسلو بند ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪا مني بجيٽ اچڻ واري آهي ان کي روڪيو وڃي. معاشي بهتريءَ لاءِ ملڪ ۾ پرامن ماحول جوڙي ٻاهرين سيڙپ ڪارن کي دعوت ڏني وڃي ته جيئن عوام تان معاشي بار کي گهٽائي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button