ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

شدت پسندن جو وري اُڀار، پاڪستان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟

Editorial-Article-Haroon Rashid

پاڪستان جي صوبي خيبرپختونخوا ۾ هٿياربند شدت پسندن جي اوچتو نروار ٿيڻ سان ئي سازشي مفروضن جي ڀرمار شروع ٿي وئي آهي. سڀئي ڄاڻن ٿا ته اهو ڇو ۽ ڪيئن ٿي رهيو آهي؟
ڇا ان جي پويان پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ آهي، جيڪا پي ٽي آءِ کي ايندڙ چونڊن ۾ هارائڻ ۽ مذهبي پارٽين کي اڳيان آڻڻ لاءِ “طالبان 0.3” ذريعي حالتون خراب ڪري رهي آهي يا اهو اڳ ئي سخت تنقيد جي زد ۾ آيل اسٽيبلشمينٽ کي وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ جي عالمي سازش جي پهرين قسط آهي.
حقيقتن جي دائمي کوٽ ۾ ڪنهن فيصلي تي پهچڻ ڏکيو آهي، پر هڪ ڳالهه واضح آهي ته افغانستان ۾ گذريل ڪجهه هفتن جون حالتون ۽ واقعا اهو واضح ڪري چڪا آهن ته عالمي ڳجهين ايجنسين اتان کان هڪ نئون ميدان سجايو آهي، جنهن سان نه رڳو هن ملڪ پر پاڪستان کي به نشانو بڻايو پيو وڃي.
افغانستان ۾ طالبان مقبول نه آهن ۽ پاڪستان ۾ هتان جي رياستي ادارن عالمي طاقتن جا منظور نظر نه رهيا آهن. ٻنهي کي مقامي حالتن کي جواز بڻائي وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ جي بظاهر هڪ ڪوشش نظر اچي ٿي.
جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ کان سخت ناراض پاڪستان تحريڪ انصاف انهن حالتن کي پنهنجي انداز سان ڏسي رهي آهي. تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان کي ان مان سازش جي بوءِ اچي رهي آهي، جنهن جي وضاحت سندس جماعت جي ميمير رئوف حسن هڪ مضمون ۾ ڪئي آهي، هن لکيو آهي ته ڪي پي ڪي ۾ طالبان ويڙهاڪن جي دراندازي خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي، هو ايندڙ ڏينهن ۽ هفتن ۾ ڪي پي ڪي حڪومت جي طاقت جي قيمت جي بدلي ڊڪٽيٽ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي رهيا آهن.
اهي ڪهڙي ريت ايندا آهن ۽ انهن جا ڊرائيور ڪير آهن، اهي هڪ ڀيرو وري ڪيئن انهن علائقن ۾داخل ٿي رهيا آهن. جتي اهي گهڻو وقت اڳ تڙجي ويا هئا پر ائين بلڪل به ناهي. اهو سڀ اهڙي رٿا جو حصو آهي ته جيئن پي ٽي آءِ حڪومت کي ڪمزور ڪري انهن کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري گهڻين ڏسائن کان دٻاءُ وڌايو وڃي.
جڏهن ڪو طوفان ايندو آهي ته سڀئي ان کي پنهنجي عينڪ سان ڏسندا آهن پر ٿوري زميني حقيقتن ۽ انهن جي ئي حڪومت جي ترجمان جي ڳالهه جو جائزو وٺون ٿا.
پهرين افغانستان جتي ظاهري طور موجود نه هجڻ باوجود، آمريڪا جي ڳجهي ايجنسي سي آءِ اي القاعده جي هڪ وڏي هدف ڊاڪٽر ايمن الظواهريءَ کي نشانو بڻائڻ ۾ ڪامياب رهي. طالبان جي لاعمليءَ جي دعويٰ پنهنجي جاءِ تي پر اها انهن جي هڪ سخت بدنامي آهي.
ڪجهه ماڻهو چئي رهيا آهن ته شايد انهن ان حملي ۾ آمريڪا جي مدد ڪئي هجي ته جيئن انهن کان بنهه گهڻا ضروري 40 ڪروڙ ڊالر ملي سگهن. ان واقعي سان ڊاڪٽر ايمن الظواهريءَ جي موجودگي ته ثابت ٿي يا نه پر سي آءِ اي موجود ضرور ثابت ٿي آهي.
تحريڪ طالبان پاڪستان جي حڪومت سان ڳالهين جي مخالف اهم ڪمانڊر عمر خالد خراسانيءَ جي بم حملي ۾ مارجي وڃڻ به هڪ سوچيل سجهيل رٿا هئي. هوڏانهن ڪابل ۾ انڊيا جي سفارت خاني جو هن سال جون ۾ ماٺ ميٺ ۾ کلڻ کي به نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.
پاڪستان ۽ پابندي مڙهيل تنظيم تحرڪ طالبان پاڪستان وچ ۾ شايد پهريون ڀيرو ڳالهين جي نتيجي ۾ ايتري ڊگهي جنگ بندي ڏٺي پئي وڃي. انهن ڳالهين جو مقصد جيڪڏهن طالبان کي ٿورو آرم ڪرڻ جو موقعو ڏجي، نه ته شايد ئي پاڪستان ۾ ڪو انهن جو مخالف هجي. جيڪڏهن شدت پسند هٿيار ڦٽا ڪري پرامن شهري ٿيڻ چاهين ته ڪنهن کي ان کان انڪار نه هئڻ گهرجي. پر جيڪڏهن ڪو ان اڳڀرائيءَ مان خوش نه ٿيندو ته اهي پاڪستان جو دشمن ئي آهن. اهي ڇو پاڪستان کي پرامن ٿيڻ ڏيندا؟
ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جي سڌ سماءُ واري خاص معاون بيرسٽر سيف هڪ انٽرويو ۾ چيو ته ڪي نامعلوم هٿياربندن جا اطلاع ضرور آهن. جڏهن ته انهن واقعن ۾ پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي ملوث ڪونهي. هن ٻڌايو ته ٽي ٽي پي جي مفتي نور ولي گروپ سان حڪومت جون ڳالهيون جاري آهن ۽ ٻنهي ۾ هيستائين جنگ بنديءَ تي اتفاق ٿي ويو آهي. تنهنڪري هڪ ٻئي کي ذميوار سمجهڻ يا سازشي مفروضن کي هوا ڏيڻ ۽ ماڻهن ۾ خوف پيدا ڪرڻ بدران ساڳئي دشمن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي.
ڪنهن به ڊگهي ويڙهه کان پوءِ ان جي پڄاڻيءَ لاءِ جڏهن به ڳالهيون ٿينديون آهن ته ويڙهاڪ ٽولن ۾ ڪي اهڙا ماڻهو ضرور هوندا آهن، جيڪي ان عمل جا حامي نه هوندا آهن. هونئن به تنقيد ڪندڙ پاڪستان ۾ به آهن ۽ طالبان ڏانهن به آهن. اهڙا اطلاع به آهن ته ڳالهين جي مخالف حافظ گل بهادر گروپ قبائلي ضلعن ۾ “اتحاد مسلح اسلامي مجاهدين” جي نالي سان هڪ نئين ڌار تنظيم قائم ڪري ورتي آهي. پوءِ ٽي ٽي پيءَ جي اندر ننڍن ننڍن امام وغيره جي گروپن جي کوٽ ڪانهي.
اختيارين به ان جي تصديق ناهي ڪئي، پر ان تنظيم ڪي پي ڪي ۾ تازو ئي ٿيندڙ ڪن واقعن جي ذميواري قبول ڪئي آهي. ويب سائيٽ “ودان نيوز” موجب ان تنظيم جي ضلعي خيبر ۾ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر گل آفريديءَ کي قتل ڪرڻ ۽ نوشهري جي علائقي اڪوڙه خٽڪ ۾ پوليس جي گاڏيءَ ۾ ٻن پوليس اهلڪارن کي نشانو بڻائي زخمي ڪرڻ جي ذميواري قبول ڪئي آهي.
پشاور ۾ سينيئر صحافي ۽ تجزيي نگار رفت اورڪزئي “ودان نيوز” کي ٻڌايو ته ان تنظيم جي وجود ۾ ڪو شڪ ڪونهي. ان وٽ آپگهاتي بمبار به آهن. جيتوڻيڪ تنظيم ٽي ٽي پي وانگر ڪا وڏي تنظيم ڪانهي. پر سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس تي حملو ڪرڻ جي صلاحت رکي ٿي. ان سان به ڳالهيون ڪرڻ جي ڪوشش وئي هئي پر اهي شروعات ۾ ئي بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي ويون.
بچاءُ واري وزير خواجه آصف به قومي اسيمبليءَ ۾ گذريل ڏينهن واضح طور مسئلي جي حساسيت جو اعتراف ڪيو. هاڻ سياستدانن، رياستي ادارن ۽ عوام کي گڏجي هڪ ٻئي سان کليل نموني سڄي صورتحال چٽي ڪرڻ ۽ گڏ کڻي هلڻ جي ضرورت آهي. جڏهن ته 2001ع کان پوءِ هزارين جانيون وڃايون آهن، هاڻ وڌيڪ روئي نٿا سگهون.
**
انڊپينڊنٽ اردو جي ٿورن سان

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button