پوري دنيا جي انساني معاشرن ۾ فرد جي ظرف ۽ ضمير جو بحث يا سوال تمام گھڻي اهميت جا حامل رهيا آهن ڇو ته اڪثر ظرف ۽ ضمير جو تعلق فرد جي داخلي ۽ اخلاقي بنيادن تي هجي ٿو توڙي جو ظرف فرد جي ويليو جو تعين ڪندو آهي انهيءَ جي وڌيڪ تفصيل ۾ نٿا وڃون ۽ ضمير اهو احساس ۽ شعور جو رويو آهي جيڪو غلاظتن، گندگين ۽ ڪوڙ جي بيمارين کان بچائڻ جو ڪردار ادا ڪري ٿو.
اسان وٽ جڏهن ڪو فرد گفتگو ڪندي متنازع معاملن تي ڳالهائيندي ڪا شاهدي يا راءِ ڏيندي هو اهو چوندو آهي ته “مان هي جيڪو ڳالهايان ٿو، جيڪو فيصلو ڪيان ٿو يا را ڏيان ٿو، اهو پنهنجي ضمير جي مطابق ڏيان ٿو” تڏهن اڪثر ٻڌندڙ هڪ حد تائين مطمئن ٿي ويندا آهن ته ضمير جي بنيادن تي اظهار ڪندي گھڻي ڀاڱي انهيءَ جي راءِ جي يا فيصلن جي تمام گھڻي اهميت آهي. ڇو ته انهيءَ مان اهو اندازو لڳايو ويندو آهي ته فرد جو داخلي ضمير اهڙو ڪو به عمل نه ڪندو، جنهن سان کيس ندامت جو احساس ٿئي، تصور اهو ئي ڪيو ويندو آهي ته ضمير فرد جي احساسن تي گھڻي گرفت ٿو رکي ۽ ضمير جي خلاف جڏهن ڪو فرد ڪم ٿو ڪري يا راءِ ٿو ڏئي يا فيصلو ٿو ڪري تڏهن انهيءَ جي پيڙا کيس ملي ٿي ندامت جو اهو احساس فرد کي تمام گھڻي داخلي اذيتن ۾ مبتلا ٿو ڪري ڇڏي.
هي سوال وڌيڪ اهميت ٿو رکي، جڏهن ضمير جي اظهار سان گڏوگڏ ڇا اسان فرد جي ظرف جو تعين به ڪندا آهيون يا نه؟ ڇو ته ظرف قدر ۽ ويليو جو بنياد هجي ٿو، جڏهن ڪنهن فرد کي پنهنجي حيثيت ۽ اخلاقي قدرن جو احساس هجي ٿو، تڏهن هو ضمير جو قدر به ڪندو، تنهن ڪري اهو لازمي هوندو آهي ته جڏهن ضمير جي اظهار تي راءِ ڏجي ته انهيءَ سان گڏوگڏ ظرف جو بنياد به اڳيان رکجي، اهي ٻئي نقطه فرد جي داخلي دنيا سان تعلق رکن ٿا، فرد جي داخلي دنيا ۾ ڪهڙيون ڪيفيتون، ڪهڙا احساس، ڪهڙا تضاد، ڪهڙا مثبت ۽ منفي رجحان هجن ٿا، انهيءَ جي خبر انهيءَ فرد کي ٿي سگھي ٿي جيڪو انهن وارداتن مان گذري ٿو.
پر اسان کي نفسيات جا ماهر تقريبن متفق اها راءِ ڏين ٿا ته فرد جي داخلي ڪيفيتن ۽ ان جي تضادن جو اثر ته فرد جي مٿان ٿيندو آهي پر ان تمام وارادتن کي سمجھڻ جي صلاحيت فرد ۾ تمام گھٽ يا نالي ماتر هجي ٿي، اڪثر ته ائين ٿيندو آهي ته پنهنجي انهن وارداتن کي محسوس ڪندي اهو فرد ڪنهن ماهر نفسيات سان ان جو اظهار ٿو ڪري ته ماهر نفسيات چون ٿا ته فرد پنهنجي مونجھارن جو اڌ علاج يعني نفسياتي علاج ڪري ٿو پر فرد انهن احساسن جو اظهار نٿو ڪري، انهن ڪيفيتن کي دٻائي ٿو، انهيءَ جو علاج ڪرڻ انتهائي مشڪل ۽ ڏکيو بڻجي ٿو وڃي، سگمنڊ فرائڊ انهيءَ جو حل تحليل نفسي ۾ ڪڍيو، يعني فرد کي اظهار جي لاءِ ماحول ۽ موقعو ڏئي انهيءَ کي ٻڌڻ ۽ سمجھڻ سان گھڻي ڀاڱي ٽڪرائن ۽ ڪيفيتن جو اندازو ٿي وڃي ٿو، فرائڊ تمام گھڻو علاج مريضن جو تحليل نفسي جي بنيادن جو ڪيو پر عام سماج جي اندر اسان پنهنجن روين ۽ رجحان ۾ تڏهن تذبذب جو شڪار ٿي ٿا وڃون ته ڪو فرد پنهنجو اظهار ضمير جي حوالي سان ڪري ٿو، خاص ڪري ضمير جي اها ڪيفيت يا ان جو وڌ کان وڌ اظهار اسان کي سياست جي دنيا ۾ اڳواڻن کي ٻڌندي محسوس ڪندا آهيون، اهو ساڳيو عمل يعني ضمير جو اظهار يا حلفيه اظهار رياست جي بيوروڪريٽس جي زبان تي عام جام ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ۽ اهڙي انداز سان ان کان به وڌيڪ عدالتن جي اندر فيصلا ڏيندي جج صاحبن کان ٻڌو ويندو آهي ها پر ڪڏهن ڪڏهن جج صاحب يا بيوروڪريسي هڪ اضافي جملو هي به چوندا آهن ته هي عمل يا فيصلو قانون جي مطابق ته ڪيو آهي پر اسان جو ضمير انهيءَ فيصلي تي يا عمل تي مطمئن ناهي اهو گھڻو ڪري اسان کي بيوروڪريسي جي عملن ۾ نظر ٿو اچي ڪيترا بيوروڪريٽ جنهن سڀ ليڪون لتاڙيون پوءِ به پنهنجي شخصيت کي بي داغ ڪرڻ جي لاءِ يا پنهنجي ذهن تان ندامت جو ٻوجھه هٽائڻ جي لاءِ ڪتاب لکندا آهن ۽ وضاحتون ڪندا آهن ته هنن جيڪو ڪجھه غلط ڪيو، انهيءَ جا ڪارڻ ۽ مجبوريون ڪهڙيون هيون.
اسان عام زندگي ۾ جيڪڏهن ظرف ۽ ضمير جي اصولن کي پرکندي پهريون هي طئي ڪيون ته هي ضمير جا دعويدار پنهنجي زندگي ۾ پنهنجي ظرف جو ڪردار ڪهڙو ٿا رکن ته پوءِ اهو آساني سان سمجھي سگھون ٿا ته هي ندامت جا اعتراف ڪيتري اهميت رکن ٿا اسان گھڻو ڪري عام زندگي ۾ ٻين جي لاءِ ته سخت موقف رکندا آهيون پر اسان پنهنجي ذاتي زندگي ۾ پنهنجي لاءِ پنهنجي ظرف جي ڇنڊڇاڻ ناهيون ڪندا، اسان جن تضادن، ٽڪرائن نفرت پسند ۽ ناپسند جي ڌارائن ۾ هلون ٿا، انهيءَ بنيادن تي اسان ته هي ٺيڪ ۽ هي غلط آهي، تڏهن شيخ اياز آفاقي نظم لکندي چيو ته “سچ اها تارازي آهي، جنهن ۾ هر ڪو ائين سمجھي ٿو، ان جو ئي پڙ ڀاري آهي، نيائي ۽ انيائي ٻئي پنهنجي ليکي سچ چون ٿا، شايد آهن سچ کڻي ڪيئن به هجي پر مان سمجھان ٿو، هي هڪ سچ ازل کان آهي، ۽ مان جنهن کي اپنايان ٿو، هر ڪو پنهنجي ڌرتي خاطر، انساني آزادي خاطر، جڳ جڳ کان وڙهندو آيو آهي، ۽ هي جنگ سدائين رهندي، جيسي مائون ٻار ڄڻنديون، جيئڻ ڪاڻ جنگيون ٿينديون.”
اياز جي ان نظم ۾ فرد جي ظرف ۽ ضمير جو بحث ۽ انهيءَ جو بنيادي نقطو انفرادي کان نڪري انفراديت جي اصولن جي اڳيان اچي ٿو، جڏهن ڪو فرد پنهنجي ظرف ۽ ضمير کي اجتماعيت يعني گھڻائي يعني عوام جي اڪثريت جي حوالي سان سوچيندو ۽ اڳتي وڌائيندو تڏهن هو پنهنجي ظرف ۽ ضمير جو ٺيڪ بنيادن تي تعين ڪري سگھندو پر جيڪڏهن ذاتي مفاد گروهي مفاد هن جي اڳيان اهم هوندا ۽ ان بنيادن تي پنهنجو مقدار يا پنهنجو ظرف جوڙي ٿو، تڏهن هو ضمير جو تعين به پاڻ ڪري ٿو ۽ اهو ئي تعين ڪري ٿو، جيڪو هو پنهنجي ئي گروهي مفادن جي لاءِ سوچي ٿو، اهو ئي عظيم ۽ بهتر آهي.
اسان کي هي به ٺيڪ طرح سان ذهن ۾ ويهارڻ گھرجي ته گروهي مفاد جو هڪ مضبوط بنياد ذاتي مفادن تي بيٺل هوندو آهي ۽ اهي ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ جي لاءِ گروهي مفاد وڏي پيماني تي گرائونڊ ڏيندا آهن، مثال اڪثر عوام دشمن فيصلن ۾ پوءِ اهي فيصلا سياسي پارٽين جا هجن، رياستي ادارن جا هجن، يا عدالتن جا، انهن فيصلن ۾ اسان کي عام طرح سان اهو ئي ٻڌڻ ۾ ايندو آهي، اهي فيصلا انهن پنهنجي ضمير جي بنيادن تي ڪيا آهن، ڇو ته هو ضمير جو بنياد ئي گروهن گروهي مفادن تي رکندا آهن ۽ انهن جو ظرف يعني شعور جو ويليو يا قدر اهوئي هوندو آهي ته هو ائين ڪن اسان دهشت گرد تنظيمن جي ڪيترن ئي ڪردارن کي ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، جنهن ۾ هو پنهنجي وارداتن کي صحيح چوندي ۽ پنهنجي اندر ۽ ضمير جي آواز سان دهرائيندا رهندا آهن پر جڏهن انهن جي شعور جي ڌارا ۾ گروهي مفاد کان وڌيڪ اجتماعي ۽ انساني مفاد شامل ٿيندا آهن، تڏهن اهو احساس انهن جي اندر ۾ جنم وٺندو آهي تڏهن هنن جي اندر سڀ کان پهريان ظرف جي نئين سر تعمير ۽ تبديلي اچي ٿي ۽ پوءِ هن جي ضمير جا پيمانا ماپا بدلجي ويندا آهن ۽ پوءِ ماضي جي عملن کي هو نه رڳو غلط چوندو آهي ۽ انهن جي غلطين جي ندامتي احساس جو اظهار ڪندو آهي پر هو انهن کي بري کان برو ۽ اذّيناڪ گناھه به چوندو آهي ڇو ته هاڻي پيمانا بدلجي ويا ۽ ضمير جا اصول به بدلجي ويا. پر جيڪڏهن فرد پنهنجي مفادن ۾ جڪڙيل آهي يا هو گروهي مفادن جي مورچن کي استعمال ٿو ڪري ته ان جو ظرف ۽ ضمير هميشه اهي فيصلا ڪندو، جيڪي کيس فائدو ڏين، اها تشريح ڪندو جيڪا کيس پاڻ کي مطمئن ڪري.
انفرادي ڪردارن کان وڌيڪ هي معاملو سياسي پارٽين جي اڳواڻن رياست جي ادارن سان جڙيل آهي ته هو پنهنجي ظرف ۽ ضمير جو تعين ڪهڙو ٿا ڪن پر انهن سڀني ۾ گڏيل ڳانڍاپي هجڻ جي باوجود هي بنياد فرد جي داخلي دنيا سان رکي ٿو، ڇو ته فرد جي داخلي دنيا جي اندر ظرف ۽ ضمير جو سوال تمام گھڻي اهميت رکي ٿو.