توقع ڪئي پئي وئي ته نئين حڪومت جي اچڻ سان عوام جي زندگي ۾ ڪي آسانيون پيدا ٿينديون پر هن حڪومت جي اچڻ سان به اهڙو ڪجهه به نه پيو ٿئي. ساڳي آ ايم ايف واري ايجنڊا تي عمل ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، جنهن ايجنڊا تي اڳوڻي حڪومت عمل ڪري هئي. تازو ئي نيپرا بجلي جي ورهاست واري ڪمپنين (ڊسڪوز) لاءِ بجلي 9 رُپيا 90 پئسا في يونٽ مهانگي ڪري ڇڏي. نيپرا طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب جون جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمنٽ ( ايف سي اي ) جي مد ۾ 9 رُپيا 90 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي گارنٽي (سي پي پي اي جي ) 9 رُپيا 91 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي هئي، پهرين مئي جو فيول چارجز ايڊجسٽمنٽ واهپيدارن کان 7 رُپيا 91 پئسا چارج ڪئي وئي هئي جيڪا رڳو هڪ مهيني لاءِ هئي. نيپرا جو چوڻ آهي ته جون جو ايف سي اي مئي جي ڀيٽ ۾ هڪ رُپيو 99 پئسا آگسٽ ۾ گهٽ چارج ڪيو ويندو. جون جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسمنٽ رڳو آگسٽ مهيني جي بلن تي لاڳو ٿيندو. نوٽيفڪيشن موجب ڪي اليڪٽرڪ واهپيدار ان کان آجا هوندا.
ٻئي پاسي بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) طرفان قرض پروگرام تي راضپي وارو اماڻيل خط پاڪستاني اختيارين کي ملي ويو آهي. ذريعن موجب پاڪستان طرفان صحيحون ڪرڻ بعد ليٽر واپس آءِ ايم ايف ڏانهن اُماڻيو ويندو. پاڪستان لاءِ آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي ۾ هاڻ رڳو بورڊ جي منظوري رهيل آهي. ناڻي واري وزارت ذريعن موجب پاڪستان انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ پاران موڪليل خط تي صحيح ڪري واپس موڪليندو، جنهن کانپوءِ آءِ ايم ايف بورڊ پروگرام جي بحالي لاءِ ايندڙ قسط جاري ڪرڻ جي منظوري ڏيندو. ياد رهي ته پروگرام جي بحالي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن سان قسط ملڻ جي اميد وڌي رهي آهي. جڏهن ته ڊالر جي قيمت ۾ به آهستي آهستي گهٽتائي ٿي رهي آهي. مثبت معاشي اشارن جي نتيجي ۾ گذريل ٻن هفتن کان ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ ڊالر جو انٽر بئنڪ ريٽ 215 ڏهائي 79 رپيا تي بيٺو آهي. اهو کڻي ٺيڪ آهي ته ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي پر ان جو عام ماڻهو کي ڪو به فائدو نه پيو ملي. هتي هڪ ڀيرو شين جا اگهه وڌندا آهن ته اهي ٻيهر گهٽ ٿيڻ جو نالو به ناهن وٺندا. حڪومت جو اهو فرض آهي ته جيڪڏهن ڊالر جا اگهه گهٽ ٿين ٿا ۽ نالي ماتر ئي سهي پيٽرول جي اگهن ۾ لاٿ اچي ٿي ته ان جو فائدو عوام کي به ٿيڻ گهرجي. پر ايئن ٿئي ڪونه ٿو.
ٻئي پاسي پاڪستان ۾ ضروري ۽ جان بچائيندڙ دوائن جي کوٽ جو بحران وڌي وڃڻ جو خدشو آهي، سڄي ملڪ ۾ هن وقت 70 کان وڌيڪ ضروري ۽ جان بچائيندڙ دوائون مارڪيٽ مان غائب آهن، مقامي دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي مال جي قيمتن ۾ واڌ ۽ وڌيڪ پيداواري لاڳت جي ڪري ٻاهران گهرائڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب وڌيڪ بحران ٿي سگهي ٿو. دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين 200 ماليڪيولز جو ڪچو مال ٻاهران گهرائڻ روڪي ڇڏيو آهي، جن جي عالمي منڊي ۾ قيمتون وڌي ويون آهن ۽ پيداواري لاڳت ڪمپنين جي وس کان ٻاهر آهي. دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين مطابق جيڪڏهن حڪومتي سطح تي ٽيڪسز ۾ ڇوٽ نه ڏني وئي ۽ دوائن جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪيو ويو ته اهي دوائون تيار نه ٿي سگهنديون. دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين مطابق هي ٽيون هفتو آهي جو ڪچي مال لاءِ ڪو نئون آرڊر نه ڏنو ويو آهي، تنهنڪري موجوده پيداوار ڪجهه دستياب اسٽاڪ سان جاري آهي پر هي گهڻي دير تائين نه هلندي ۽ جلد ئي رڪجي ويندي، جنهن سان دوائن جي کوٽ جو بحران اڃا وڌي ويندو. ملڪ جي سرڪاري ۽ خانگي شعبي جي اسپتالن ۽ صحت جي ماهرن سان گڏجي انهن دوائن جي لسٽ تيار ڪئي آهي، جيڪي مارڪيٽ ۾ دستياب نه آهن، مارڪيٽ مان غائب دوائن جي لسٽ تيار ڪندڙ ٽيم جي هڪ ميمبر ۽ سينيئر فارماسسٽ ٻڌايو ته جولاءِ ۾ جيڪا لسٽ ٺاهي وئي هئي، ان ۾ 40 مختلف دوائن جا نالا هئا، جن ۾ گوريون، شربت، انجيڪشن ۽ مرهم يا قطرا شامل هئا. هن ٻڌايو ته هاڻي 74 جي لڳ ڀڳ دوائون اهڙيون آهن، جيڪي دستياب نه آهن.
اها انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي. افسوسناڪ صورتحال ته اها به آهي ته حڪمران آ ايم ايف کان قرض ملڻ کي به وڏو ڪارنامو قرار ڏئي رهيا آهن. اسان جو حڪمرانن کان مطالبو آهي ته هو پنهنجي معاشي پاليسين کي تبديل ڪندي آ ايم ايف جي ايجنڊا تي عمل ڪرڻ بند ڪن.