ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٻيو

Editorial-Article- Kareem Channa

جديديت پڄاڻان هڪ گهڻ رخي ثقافتي تحريڪ هئي. هيءَ تحريڪ گذريل صديءَ کان يورپي سماج ۾ رائج فڪر جي دعوائن ۽ اصولن کي شڪ جي نگاهه سان ڏسندي ۽ پرکيندي رهي هئي. هيءَ اهي مفروضا ۽ دعوائون هئا، جن کي جديديت جي دور ۾ مرڪزيت حاصل هئي. غير/ٻيو “other” به جديديت پڄاڻان جي ڪيترن ئي اصطلاحن منجهان هڪ آهي، جنهن تي فوڪو، ليوتارڊ ۽ ايڊورڊ سعيد کوڙ بحث ڪيو آهي.
غير/ٻيو کي تبديل ٿيندڙ يا هيٺ ڪيل يا ڪيرايل alterity جي اصطلاح طور پڻ ڄاتو وڃي ٿو. مشل فوڪو وٽ غير/ٻيو Other جي معنيٰ ۾ “اهي سمورا ماڻهو اچي وڃن ٿا، جيڪي طاقت ۽ اقتدار جي دائري کان ٻاهر آهن.” غير/ٻيو ۾ پوڙها، مريض يا اهڙا ماڻهو جن کي سماج ۾ ناڪاره سمجهي پوئتي ڌڪي پاسو ڪجي ته اهي به غير/ ٻيا/ اوپرا other ۾ شمار ٿي وڃن ٿا. ائين چئجي ته هي ماڻهو لبرل انسانيت جي موضوع جي بابت طئي ڪيل معيارن تي پورا نه لهندا آهن. اهڙن ماڻهن کي سماجي انا جي ور چاڙهي ڇڏيو ويندو آهي. فوڪو جو گهڻي ڀاڱي ڪم اهڙن ماڻهن کي تاريخ جي قبرن مان ڪڍرائڻ آهي جيڪي بي حيثيت ۽ غير اهم سمجهي نظرانداز ڪيا ويا هئا يا جن کي سماجي نفرت يا بيزاريءَ جي نتيجي ۾ پنهنجي سياسي، قانوني ۽ سماجي حقن کان محرم ٿيڻو پيو. فوڪو موجب هم جنس، عورتون، چريا، ڪاري نسل وارا ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا ماڻهو جيڪي لبرل سماج جي موضوعيت تي پورا نه ٿا لهن، جن جو سماجي درجابنديءَ ۾ ڪو به مقام ناهي، اهي ڪريل ۽ پوئتي پيل ماڻهن جي فهرست ۾ شامل هوندا آهن. انهن کي ساختيات پڄاڻان ۽ جديديت پڄاڻان جا حامي مفڪر مغربي سماج جي معيارن تي جيئرو رهڻ تي لاوارث ۽ بي حيثيت ماڻهو قرار ڏين ٿا. رد تشڪيل سان لاڳاپيل بيانين ۾ اهڙن ماڻهن کي “ناڪاري کاٻي ڌر” جو نالو ڏنو ويو آهي.
جديديت پڄاڻان جا حامي غير/ٻيو جي تحفظ لاءِ پوري طرح ڪوششن ۾ آهن. انهن جي خيال موجب هي فرق دائمي طور خطري هيٺ آهي. هن کي سڀ کان وڏو خطرو ثقافت جي حاوي ٿيندڙ نظرئي کان آهي. جيتوڻيڪ گهڻ ثقافتي صورتحال کي اولھه ۾ قبول ڪيو ويو آهي پر پوءِ به اولهاهين سماج ۾ معيارن کي لاڳو ڪرڻ جي خواهش لڳاتار ڪر کڻندي رهندي آهي. جنهن سبب ڪجھه گروهن ۽ عقيدن کي مرڪزي وهڪري منجهان خارج ڪرڻ جون ڪوششون گهڻو ڪري سامهون اينديون رهنديون آهن.
جين فرانڪوئس ليوٽارڊ هن مسئلي کي پنهنجن تجزين ۾ وڏي اهميت ڏني آهي. هن “Heidegger and the Jews” نالي ڪتاب ۾ ان مسئلي تي کليل طور بحث ڪيو آهي. هن موجب يورپ ۾ يهودي نسل جي موجودگي هڪجهڙائي واري لاڙي جو هڪ مثال آهي، پر ان موجودگيءَ مان هيءَ به ظاهر ٿئي ٿو ته اولهاهين ثقافت ۾ غير يا ٻئي بابت ڪيتري قدر شڪ ۽ بي اعتباري آهي. ان بي اعتباري ۽ اوپرائپ جي هڪ خوفناڪ شڪل نازي جرمنيءَ ۾ ٻي مهاڀاري جنگ دوران سامهون آئي هئي. ان دوران نسلي پاڪيزگيءَ جي تحفظ جي نالي تي ٻين نسلي گروهن خاص ڪري يهودي نسل کي هر پاسي کان تباهه ۽ برباد ڪرڻ لاءِ غيرانساني حربا استعمال ڪيا ويا هئا.
جديديت پڄاڻان ۾ غير/ٻيو other هڪ زبردست سياسي عقليت آهي. مشل فوڪو به ان مسئلي کي وڏي اهميت ڏني. هن پنهنجي ڪتاب Archeology ۾ انهن دورن جي نشاندهي ڪئي آهي، جن ۾ طاقت رکندڙ گروهن يا قومن اوپرن يا غير ماڻهن کي طاقت جي زور تي تباهه ۽ ناس ڪري ڇڏيو. مشل فوڪو جي خيال ۾ هيءَ تاريخي حقيقت آهي ته ذهني طور تي غيرمستحڪم ماڻهن کي پاڳل خانن ۾ قيد ڪيو ويندو رهيو آهي. فوڪو جي دعويٰ آهي ته سترهين صديءَ کانپوءِ انسان جي سماجي ڪردار کي نظم ۽ ضبط ۾ آڻڻ لاءِ جديد ملڪن ادارتي سطح تي استحصالي قوتن (ڦورن/لٽيرن) طور ڪم ڪيو هو.
ان انداز سان منظم فيصلن جي نتيجي ۾ غير/ٻيو other يعني مختلف ۽ فرق رکندڙن کي پوئتي ڌڪيو ويو. استحصال جي حد ته اها آهي جو انهن کي ڏهاڙيءَ جي زندگيءَ جي منظرنامي ۽ بيان مان ئي ڪڍي ڇڏيو ويو. بلڪل ائين ئي جيئن گند ڪچري کي کڻي گهر کان گهڻو پري ڪنهن کڏ ۾ اڇلايو ويندو آهي.
غير/ٻيو ڪيئن بڻايا وڃن ٿا:
هتي طاقت ۽ ڄاڻ بنيادي طور تي لهھ وچڙ ۾ اچن ٿا. مثال طور جڏهن طبي طور “موزون” ماڻهو طبي طور “غير موزون” ماڻهن جي ڀيٽ ۾ پنهنجي وضاحت ڪندا آهن ۽ پنهنجا فيصلا ڏئي انهن “غير موزون” ماڻهن کي اسپتالن، پاڳل خانن، ۽ پناهه گاهن ۾ بند ڪندا آهن. جنس پرست، نسل پرست ۽ حڪمران سڀئي ساڳي نموني واريون حرفتون استعمال ڪندا آهن. اهي پنهنجي “صحتمند ۽ موزون” هجڻ وارو بيانيو عام ڪندا آهن ۽ ائين ڪرڻ سان اهي اصل ۾ اهي مختلف يا ڦرندڙ ماڻهو پيدا ڪندا آهن، جن کي جديديت پڄاڻان جا اڪثر ماهر “غير/ٻيو other” سڏيندا آهن. انهن صحتمند ۽ موزون ماڻهن جو بيان اصل ۾ انهن ماتحت يا ڪمتر ماڻهن کي جوڙيندو آهي. جيڪي ان موزون هجڻ واري بيانيي کان ٻاهر ڪيا ويل هوندا آهن.
مشل فوڪو هم جنس پرستن، عورتن، ڏوهاري چرين، جيڪي به گوري رنگ وارا نه هجن، ۽ قيدين کي “غير/ٻيو other” جي مکيه مثالن طور پيش ڪيو آهي. اها مخالفت ۽ نفرت اسڪولن، فوج، شهنشاهي حڪومتن واري جوڙجڪ ۾ چٽي آهي. ان سان گڏ فوڪو ذهني طور مفلوج ماڻهن کي سماج جا شڪار ٿيل طور پڻ شمار ڪري ٿو ۽ ان تي زور ڏئي ٿو ته اها سماج جي ناڪامي آهي جو اهي ذهني طور مفلوج فردن کي سماج جا سڀ کان ناخوش فرد طور نه ٿا ڏسي سگهن. عورتن بابت هيءَ بحث آهي ته اهي مرداڻي علامت واري ترتيب يا مرداڻي غلبي واري بيانيي مان خارج ڪيل آهن ۽ حقيقت ۾ اهي ان سبب ڪري ڪمتر يا غير/ٻيو طور سمجهيون وينديون آهن. انهن کي ڪمزور قدرن ۽ ڪمزور قوت واري مخلوق سمجهيو ويندو آهي. جديديت پڄاڻان ۽ فيمنسٽ ان کي مردن جو مها بيانيو grand narrative سمجهن ٿا ته جيئن اهي اهڙن بيانين وسيلي عورتن کي حڪمراني، طاقت ۽ ڄاڻ کان پري رکي سگهن.

ماتحتي وارو نظريو Sub-altern Theory:
ويبسٽر ڊڪشنري ۾ sub-altern جي وصف ۾ هيءَ ٽي بيان آيل آهن: 1. “ان مان مراد هڪ ڪميشنڊ آفيسر آهي، جيڪو ڪپتان جي رينڪ کان هيٺ هجي.” 2. “اهڙو ماڻهو جيڪو ماتحت حيثيت رکندو هجي.” 3. “اهو جُزوي اصول جيڪو ڪُلي اصول جي ماتحت هجي.”
انهن معنائن ۾ ماتحتيءَ جو تصور ڪمتري يا هيٺاهينءَ وارو نڪري ٿو. ان مان مراد اهي ماڻهو آهن جيڪي سماج ۾ ماتحت، ڪمتر، هيٺاهان، يا بي حيثيت هوندا آهن. دريدا وٽ ان جي وصف “ڪمتر قوميت، نسل، جماعت، جنس (مذڪر يا مونث)” جي حوالي سان به ڪئي وئي آهي. ماتحتيءَ ۾ اهي فرد اچي وڃن ٿا، جن کي سماج پوئتي هيٺاهين درجي تي اڇلائي ڇڏيو آهي، يعني انهن کي سگهارن ۽ حڪمران طبقن شودر، گهٽ حسب نسب وارو ۽ گهٽيا قرار ڏئي جيئرو رهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. ٻين لفظن ۾ مرڪز کي بنا ڪنهن جي حصيداريءَ جي غلبو مليل هوندو آهي. مرڪزيت ۽ اقتدار جي گهرجن موجب سماجي درجابندي ڪئي ويندي آهي. ان ريت جيڪي اقتدار جي دائري کان ٻاهر هوندا آهن. انهن کي اقتدار ڌڻي سماج ۾ هيٺاهين حيثيت ڏيندا آهن. انهن کي غير/ٻيو، other جو نالو ڏئي ڌڪاريو ويندو آهي.
گايتري چڪرورتي، اسپيواڪ ۽ رنجيت گوهاني بيٺڪيت پڄاڻان نظرئي جا اهم نالا آهن. چڪرورتي ۽ گوهاني Subaltern Study Group پڻ قائم ڪيو. هيءَ ان ڳالھه جا قائل هئا ته بيٺڪيتي دور ۾ هڪ منظم طريقي سان ماڻهن کي ٻئي/اوپرائپ ۾ ڌڪيو ويو. بيٺڪيتي بيان جي اها خصوصيت هئي ته “عوام/رعيت کي ماتحتيءَ جي احساس ۾ رکيو وڃي ۽ انهن جي اوپرائپ جي لڳاتار تشهير ڪئي وڃي.” ان ريت هڪ منظم انداز سان انهن کي مرڪزي ريتن ۽ ڏهاڙيءَ جي زندگيءَ منجهان خارج ڪيو ويندو هو. هيءَ اهي ظالماڻا طريقا آهن جن وسيلي بيٺڪيتي عوام جو آواز دٻايو ويندو هو. ماتحتيءَ سان لاڳاپيل مطالعي کي هڪ حساب سان بيٺڪيت پڄاڻان تاريخ نويسيءَ جو ڪم ڏنو ويو آهي، جيڪا رد تشڪيل ۽ ساختيات پڄاڻان تنقيد ذريعي مرڪز جو مطالعو طاقت جي استعمال جي جاءِ تي ڪندي آهي. جديديت پڄاڻان ان ريت بيٺڪيتي دور ۾ لاڳو ڪيل ماتحتيءَ واري نظام جي تمام گهڻي مذمت ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button