ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان کي مائنس ون جو خوف

Editorial-Article- Zahir Bhutto

هونئن ته سموري دنيا جي تقريبن هر ملڪ ۾ اقتدار جي حاصلات لاءِ پردي پويان سازشون ٿينديون رهنديون آھن. اسلامي دنيا جي ملڪ سعودي عرب ۾ بادشاهت ماڻڻ لاءِ ڀاءُ، ڀاءُ جو دشمن ڏٺو ويو آھي. ايئن ايران جي سياست به اندرين توڙي ٻاهرين سازشن جي ور چڙھيل رهي آھي.
دنيا جو سپر پاور ملڪ آمريڪا به سي آءِ اي جي سازشن جي ڄار ۾ ڦاٿل رهيو آھي. اقتداري سازشن جي حوالي سان پياري ملڪ پاڪستان ڏانهن ڏسجي ٿو ته هتي لقاءُ ئي ٻيو آھي. پاڪستان جي سياسي تاريخ به ڏاڍي عجيب رهي آهي. جيئن سياست ۽ سياستدان ڪنهن عام غريب پاڪستانيءَ جي وس ۾ ناهي تيئن سياست جي شطرنج جهڙي راند جي رانديگرن جي ڏور انهن کان ڏاڍن جي هٿ وس رهي آھي۔ اهي وڏا سردار، وڏيرا ۽ خان سياستدان سگهارين ڌرين آڏو بيوس ۽ لاچار رهندا آيا آھن۔
لياقت علي خان کان وٺي پاپولر ۽ ذهين سياستدان ذوالفقار علي ڀٽو تائين خاص نرسريءَ مان تربيت ماڻي سياست ۽ اقتدار جي مسند جا مزا ماڻيندڙ ميان نواز شريف توڙي خاص اسائنمينٽ تحت پالي تاتي سنڌ جي سياست تي ٿاپيل الطاف کان وٺي استعمال ڪري ڦٽي ڪيل آفاق تائين عشرت العباد هجي يا مصطفٰي ڪمال سڀني کي هڪ هڪ ڪري سائيڊ لائين ڪيو ويندو رهيو آهي.
شھيد جمهوريت محترمه بينظير صاحبه کان وٺي مفاهمت جي بادشاهه آصف زرداري تائين سڀ خوشيءَ سان يا مجبوريءَ ۾ انهن سگهارين ڌرين جي “صلاح” کان سواءِ سياسي ميدان ۾ پير ٽڪائي نه سگهيا آھن، نه هلي سگهندا۔ عالمي سطح تي مڃيل مڃايل ليڊر محترمه بينظير صاحبه جمهوريت بچائڻ خاطر ميثاق جمهوريت توڙي ٻيا ڪيئي قدم کنيا پر وقت سان گڏ سڀ ڍير ٿيندا ويا۔
پاڪستاني سياست ۾ ڪرپشن جا قصه ڪا نئين ڳالهھ ناهي نه ئي ڪرپشن جي ڪا ڳالهھ ٻڌي ڪنهن کي تعجب به ٿيندو آھي. گستاخي معاف پر پاڪستاني سياست جي تاريخ رهي آهي ته اهڙو ڪو سياستدان ناهي جنهن تي ڪرپشن جو ڪو ڪيس نه ٿيو هجي يا ڪو الزام نه لڳو هجي.
مين اسٽريم سياست جا ليڊر هجن يا علائقائي، لساني طور ٺهيل تنظيمن جا نام نهاد اڳواڻ هجن، تن مان ڪن کي مال ملڪيت ڏئي خريد ڪري تابع ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾مهراڻ بينڪ اسڪينڊل ۽ اصغر خان ڪيس آڏو آھن.
گذريل ڪجھه عرصي کان پاڪستاني سياست ۾ مائنس ون فارمولا منصوبي تي عملدرآمد ٿيندي نظر اچي پيو پر ان فارمولا واري ايجنڊا تي عملي ڪم منهنجي نظر ۾ شايد لياقت علي خان جي دور کان يا شيخ مجيب کي سائيڊ لائين ڪرڻ کان شروع ٿيو۔ پوءِ آھستي آھستي ان خيال خواهش جي تڪميل هن مهل تائين مرحليوار جاري آھي۔ جنهن تحت الطاف حسين مائنس ايم ڪيو ايم، پ پ پ مائنس محترمه بينظير ڀٽو صاحبه ۽ (ن) ليگ ميان نواز شريف مائنس تائين فارمولا ڪامياب رهيو آھي ۽ عمران خان جي تبديلي حڪومت جنهن کي سليڪٽڊ حڪومت چيو ويندو رهيو۔ ڪورونا وبا ۾ Tackle نه ڪرڻ، آءِ ايس آءِ چيف جي مقرري، ڊالر کان وٺي تيل جي اگهن ۾ واڌ، مهانگائي، معاشي بحران ٽي ٽي پي توڙي ٽي ايل پي وارن مامرن ۾ وزيراعظم عمران خان منجهيل رهيو. هو ايترو سوڙھو ٿي ويو هو جو خبرون پئي هليون ته اجهو همراهه جا وزيراعظم هائوس مان ٽپڙ گول ڪرايا ويندا پر هر معاملي ۾ پي ٽي آءِ پار پوندي وئي. پر مارچ جي آخر ۾ اوچتو اهڙو ڇا ٿيو جو عمراني حڪومت ختم ٿيڻ وارا افواهه حقيقت بڻجي ويا ۽ سندس حڪومت کي ختم ڪيو ويو۔
حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ عمران خان سميت پي ٽي آءِ قيادت پنهنجي سياسي مخالفن ۽ قومي ادارن خلاف سخت زبان ڳالهائڻ شروع ڪئي. جلسن ۾ تقريرن ۽ لکڻين ۾ سوشل ميڊيا وسيلي ٽي وي چينلز تي ٽاڪ شوز ۾ حڪومت هٽائڻ جي باهه ۾ ايئن ڏوهه ثواب بيان ڪندا رهيا جيئن ڪا طلاقيل عورت طلاق ملڻ تي پنهنجي اڳوڻي مڙس جا سڀ پول پڌرا ڪندي آھي.
تيئن سياسي حڪومت ۽ قومي ادارن تي سخت ڇوهه ڇنڊيا. قومي ادارن خلاف اهو سلسلو جاري ئي هو جو تازو بلوچستان ۾ ٻوڏ ستايلن جي مدد لاءِ ويل پاڪ فوج جي جنرل سرفراز سومرو سميت جي فوجي جوانن جو هيلي ڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو ۽ آفيسرن شهادت جو جام پيتو. جنهن تي پي ٽي آءِ اڳواڻ شھباز گل هڪ نجي ٽي وي چينل جي هڪ ٽاڪ شو ۾ ان واقعي ۽ آفيسرن جي شهادت تي شڪ ۽ سازش ڪرڻ جهڙي اڻ وڻندڙ ٻولي ڳالهائي ته قومي ادارا تحرڪ ۾ اچي ويا ۽ شهبازگل تي ڪيس داخل ڪري ڏهين محرم تي اسلام آباد ۾ گرفتار ڪري جيل ڀيڙو ڪيو ويو۔ پي ٽي آءِ جي ٻي قيادت سان گڏ ٽانگا پارٽي نه پر سائيڪل جي سواري واري پارٽي عوامي مسلم ليگ جي اڳواڻ شيخ رشيد جي گرفتاريءَ لاءِ پڻ اسلام آباد ۾ ڇاپا هنيا ويا پر شيخ رشيد گرفتار نه ٿي سگهيو. ان کان سواءِ قومي ادارن خلاف سوشل ميڊيا ۽ ٽي وي چينلن تي ڳالهائيندڙن ۽ لکندڙن خلاف وٺ سٺ جاري آھي.
ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ پنهنجي فيصلي ۾ عمران خان سميت پي ٽي آءِ قيادت تي آمريڪا، اسرائيل ۽ انڊيا ۽ ٻين ملڪن کان پئسا وٺي پارٽي هلائيندا رهيا. ان فيصلي کان پوءِ عوام توڙي پي ڊي ايم قيادت جون آڱريون عمران خان ڏانهن آهن ته مولانا فضل الرحمان توڙي باقي پي ڊي ايم قيادت جا اهي الزام سچ ثابت ٿيا آهن ته عمران خان آمريڪا توڙي دشمن ملڪ انڊيا ۽ اسرائيل سميت پرڏيهي قوتن جي اشارن تي ڪم ڪندو رهيو آھي ۽ انهن ملڪ دشمن قوتن جو ايجنٽ آھي.
اهڙن الزامن ۽ ثابتين کي ڏسي لڳي ٿو ته عمران خان کي سوڙھو ڪري ڪمزور ڪيو ويندو. هڪ اداري جي هڪ اهم آفيسر جي ڪي پي ڪي کان پنجاب بدلي ٿيڻ کي به ان ڏس ۾ ڏٺو پيو وڃي۔ هڪڙي ڳالھه غور طلب آھي ته پي ٽي آءِ مخالف هوا هلندي صرف عمران خان ۽ سندس خاص ساٿين کان سواءِ ٻين مرڪزي اڳواڻن مخدوم صاحب توڙي ٻين تي ادارن خلاف ڳالهائڻ توڙي فنڊنگ ڪيس ۾ الزام ناهي لڳو۔ نه ئي عمران جو وفادار ساٿي سڏائيندڙ شيخ رشيد کي هٿ ۾ ڪا هٿ ڪڙي لڳي آهي نه ته کيس گرفتار ڪرڻ ڪا ڏکي ڳالهھ ناهي.
فارين فنڊنگ ڪيس ۽ قومي ادارن خلاف پروپيگنڊا ۽ بغاوت واري ڪيسن کان پوءِ سياسي تجزيي نگارن کان سواءِ ٿوري ٿڪي سياسي سڌ ٻڌ رکندڙ عام خلق جا اهي تجزيا ۽ رايا ڏنا ته اجهو پي ٽي آءِ تي بندش وجهي عمران خان ۽ ٻي قيادت کي گرفتار ڪيو ويندو.
پر سموري صورتحال کان وٺي ماضي تي تجزياتي نظر ڦيرائڻ کان پوءِ اها راءِ جڙي ٿي ته پي ٽي آءِ تي بندش نه وڌي ويندي پر عمران جي ڦوڪڻي مان هوا ڪڍي کيس مني مائيز يعني نواز شريف وانگر پي ٽي آءِ کان مائنس ڪري في الحال ڪيسن ۾ جتيون گسائيندس. ڪنهن معرفت پر بظاهر ڪورٽن وسيلي سندس معافي تلافي قبول به ٿيندي پر کيس پي ٽي آءِ جي واڳ سندس هٿ نه هوندي ۽ پي ٽي آءِ جي اها واڳ مخدوم شاهه محمود قريشي، اڪبر ايس بابر يا ڪنهن ٻي بااعتماد اڳواڻ کي قيادت جو پٽڪو پارايو ويندو۔
اهڙين خبرن ۽ خطرن يعني مائنس ون واري ڪنهن سازش کان بچڻ لاءِ ۽ پنهنجي سياسي بچاءُ ۽ بقاءَ لاءِ عمران خان هڪ ڀيرو وري سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ جلسن جلوسن جي شروعات ڪئي آهي، جنهن ۾ هن قومي ادارن خلاف ڳالهائڻ بدران تنقيدي توبن جو رخ سياسي مخالفن پي ڊي ايم اڳواڻن ڏانهن ڪري ڇڏيو آھي ۽ ادارن سان تعلق وري بهتر ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button