فلسفي جاويد ڀٽو پنهنجي وفات کان ٻه سال اڳ حيدرآباد ۾ دانشور جي موضوع تي ليڪچر ڏنو هو. جنهن ۾ هن چيو ته شاهه لطيف کان سواءِ سنڌ ۾ اڃان ڪو دانشور پيدا نه ٿيو آهي. ليڪچر ۾ سوال جواب جي نشست رکيل ڪانه هئي، ان ڪري هال جي ٻاهران مون جاويد ڀٽي کان پڇيو ته ڇا سنڌ شاهه لطيف کان پوءِ ڪوبه دانشور پيدا نه ڪيو آهي؟ هن جواب ۾ چيو “رسول بخش پليجو اڪيلو ان معيار تي لهي پيو سگهي، پر هن نگران حڪومت لاءِ وزير اعظم جي خواهش ظاهر ڪري اهو معيار ختم ڪري ڇڏيو هو.” ان موضوع تي پروفيسر ايڊورڊ سعيد خوبصورتيءَ سان “دانشور جو خاڪو” واري بي بي سي پاران ڪيل ليڪچر سيريز ۾ جواب ڏنو آهي. دانشور جو خاڪو واري هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو محترم ڪلال ڪيو آهي. 170 صفحن وارو هي ڪتاب پروگريسو پبلشرس ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
پروفيسر ايڊورڊ سعيد (1935ــ2003 ) آمريڪا جي ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر هو. هو فلسطيني عيسائي عرب هو. هن پنهنجو ننڍپڻ يروشلم ۽ قاهره ۾ گذاريو. يروشلم ۽ قاهره ۾ ابتدائي تعليم حاصل ڪئي. هن جو والد 1947ع ۾ فلسطين جي ورهاست کان پوءِ يروشلم مان لڏي قاهره ۾ رهيو. جتي هو گهڻي دلچسپيءَ سان پڙهي نه سگهيو. هن جو والد آمريڪي شهريت رکندڙ هو، جنهن کيس آمريڪا ۾ ميساچوسٽس جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. هن پرنسٽن يونيورسٽيءَ مان بي اي ۽ هارورڊ يونيورسٽي مان ايم اي ۽ پي ايڇ ڊي ڪئي. هو ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار ٿيو ۽ اسسٽنٽ پروفيسر تائين ترقي ڪئي. جتي هو کاٻي ڌر جي سوچ جي سڃاڻپ رکندڙ ۽ آمريڪا ۾ فلسطيني ڪاز جو وڏو وڪيل بنجي سامهون آيو.
هو وڏو با اثر ادبي ۽ ثقافتي نقاد هو. ان سان گڏوگڏ هو عوامي سطح جو دانشور هو. هو عالمي سطح تي وچ اوڀر جي مامرن ۽ خصوصي طور فلسطين بابت آمريڪي ۽ اولهه جي پاليسيءَ جو سخت نقاد هو. هو اصل ۾ آمريڪي اسٽيبلشمينٽ جو مخالف هو. هن انهيءَ اسٽيبلشمينٽ جي ڪارپوريٽ ڪلچر جي استعماريت تي زوردار حملا ڪيا. هو جيتوڻيڪ مختلف يونيورسٽين، فورمن ۽ نشرياتي ادارن ۾ ليڪچر ڏيندو هو. جنهن جا هو پنج هزار ڊالر في ڪلاڪ معاوضو وصول ڪندو هو. پر فلسطين هن جي جنم ڀومي هئڻ ڪري فلسطيني ڪاز سان هو سڄي عمر ڳنڍيل رهيو. ان ڪري فلسطينين جي ڪنهن به پروگرام ۾ هو بنا معاوضي شريڪ ٿيندو هو. هو فلسطين جي جلاوطن پارليامينٽ جو ميمبر به رهيو. هن يورپي پرماري قوتن ۽ اولهه جي سامراجيت جو مشرقيت سان ادب ذريعي مقابلو ڪيو. هن نقاد ۽ دانشور جي پرک لاءِ جيڪا وصف جوڙي اها جمالياتي قدرن واري لغت تي ٻڌل هئي.
ريٿ ليڪچرز: بي بي بي جي پهرين ڊائريڪٽر جنرل لارڊ جان ريٿ جي نالي سان منسوب ڪيل آهي. جيڪا 1948ع ۾ بي بي سيءَ جي پهرين ڊي جي لارڊ جان ريٿ جي عوامي خدمتن جي ياد طور شروع ڪيا ويا. جيڪي هر سال دنيا جي اهم فلسفي ۽ نوبل انعام حاصل ڪندڙ شخصيتون ۽ ٻين اهم نوعيت وارن کان بي بي سي ريڊيو 4 ۽ ورلڊ سروس تان ليڪچرز جي سيريز نشر ڪيا ويندا هئا. برٽرينڊ رسل ان سلسلي جو پهريون ليڪچر ڏنو هو. تنهن کان پوءِ رابرٽ اوپنهيمير، جانڪينٿ، گالبريٿ، جان سيرلي جهڙن ٻين امريڪي ماهرن ليڪچر ڏنا ۽ 1950ع ۾ پروفيسر ايڊورڊ سعيد چواڻي هو اڃان ڇوڪراڻي وهي ۾ هو ته هن ٽوائن بي جي ليڪچرز جو سلسلو بي بي سي ريڊيو تي ٻڌو هو.
هن جو چوڻ هو ته هي اهو زمانو هو، جڏهن بي بي سي اسان جي زندگيءَ جو حصو هئي. دانشور جي موضوع تي پروفيسر سعيد جا ريٿ ليڪچرز واري ڪڙيءَ جو حصو آهي. جيڪي هن 1993ع ۾ 6 قسطن ۾ ڪيا هئا. بي بي سيءَ جي مس اين وائيڊر پاران جڏهن کيس دعوت ڏني وئي ته هن اها دعوت خوشيءَ سان قبولي هئي. سندس چواڻي ته بي بي سيءَ جا اهڙا دستاويزي پروگرام نشر ڪرڻ کان اڳ ۾ سرڪار کان منظوري ورتل نه هوندا آهن. ريٿ ليڪچرز ۾ هن جو نالو اچڻ تي هن جي مخالفت ۾ رڻ ٻري ويو. هن تي اعتراض واريو ويو ته هي فلسطيني آهي. اهڙن صحافين ۽ تجزئي نگارن فلسطينين کي تشدد پسند، ڪٽرپڻو رکندڙ ۽ يهودين کي قتل ڪندڙ ڏيکاريو هو. ايڊورڊ سعيد چواڻي مون کي اکيون ٻوٽي انهن جي سپورٽ ڪندڙ ڏيکاريو ويو ۽ ڌريو سڏي منهنجي ريٿ ليڪچرز ۾ اچڻ جي مخالفت ڪئي وئي. اها ڳالهه فقط فلسطينين بابت هلايل ڄاڻ مان ورتي وئي هئي. جڏهن ته منهنجي ڪنهن به لکڻيءَ جو حوالو نه ڏنو ويو هو. هن چواڻي مون کي اولهه مخالف ۽ ٽين دنيا طرفان مصيبتون آڻيندڙ سڏيو ويو. وڏي مخالفت جي نتيجي ۾ اهي ليڪچرز مقرر ٽائيم جنوريءَ تي منعقد نه ٿي سگهيا.
پروفيسر سعيد جي حمايت ۾ هڪ صحافي ريماندوليمس “ڪي ورڊس” ۾ اها ڳالهه لکي ته “ليڪچرز ۾ ٿيندڙ ڳالهه غير انگلش هجڻ ڪري اعتراض واريو ويو آهي.” هن جي ليڪچرز جا ڪجهه حصا هتي ڏيون ٿا.
دانشور بابت هن پنهنجي ليڪچر جي شروعات هن سوال سان ڪئي ۽ چيو. “ڇا دانشور ڪو تمام وسيع ۽ وڏو يا بلڪل ننڍڙو، نوازيل ۽ چونڊ ماڻهن جو ڪو گروهه هوندو آهي؟”
هن اٽليءَ جي مارڪسي دانشور گرامچيءَ جو حوالو ڏيندي چيو ته”سڀئي ماڻهو دانشور هوندا آهن. ها البت ڪوبه ائين ضرور چئي سگهي ٿو ته سماج ۾ سڀني ماڻهن جو ڪم دانشورن وارو ناهي هوندو.” ان بحث کي وڌائيندي چئي ٿو ته “جيڪو ووٽر جي راءِ تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو، گرامچي چواڻي اهڙن ماڻهن کي پڻ دانشور تصور ڪري سگهجي ٿو.” هو جولين بينڊا جي دانشور بابت وصف ٻڌائي ٿو ته دانشور اهڙن نوازيل ماڻهن جو گروهه هوندو آهي. جيڪي انساني شعور جي تعمير ڪندا آهن. پر بينڊا “دانشورن جي خيانت” جو حوالو ڏيندي چئي ٿو ته “جيڪي پنهنجي آواز کي ٻوساٽي ڇڏيندا آهن، پنهنجي اصولن جو سودو ڪندا آهن.” هو سچن پچن دانشورن جي ذڪر ڪندي کين اڻ لڀ مخلوق سڏي ٿو، جيڪي ٻين لاءِ مثال قائم ڪندا آهن. جن ۾ اسپونز، والٽيئر، ارنيسٽ رينان وانگي سقراط ۽ يسوع مسيع جو پڻ وڏي پيماني تي ذڪر ڪري ٿو. هو وڌيڪ چئي ٿو سچا دانشور اهڙي وقت ۾ ڪڏهن به پاڻ تائين محدود ناهن رهي سگهندا. سچ ۽ انصاف جي اڻوڻندڙ اصولن جي ڪري کين سرگرم ٿيڻو پئجي وڃي. اهي بدعنوانيءَ جي مذمت ڪندا آهن ۽ ڪمزور جو بچاءُ ڪندا آهن. ظالم ۽ زور آور قوتن سان ٽڪر کائيندا آهن.
هونءَ سنڌي شاعريءَ ۾ فقط شيخ اياز جو مثال ملي ٿو. جنهن انڊيا سان جنگ واري موقعي تي سنڌي شاعر نارائڻ شيام جو نالو وٺي چيو:
هي سنگرام!
سامهون آ
نارائڻ شيام!
هن جا منهنجا
قول به ساڳيا
ٻول به ساڳيا
هن تي ڪيئن بندوق کڻان مان!
هن کي گولي ڪيئن هڻان مان!
پر پروفيسر ايڊورڊ سعيد پنهنجي ليڪچر ۾ ڪيترائي مثال ڏيندي چوي ٿو، وقت جي جنگ باز قوتن کي للڪاريندڙن لاءِ لکي ٿو ته “فينيلون”۽ “مئسيلون” لوئي چوڏهين جي جنگين جي ڪيئن نه نندا ڪئي. والٽيئر پلاٽينيٽ جي تباهيءَ کي ڦٽڪاريو هو، جيئن رينان نيپولين جي ڏهڪاءُ جي مذمت ڪئي. جيئن بڪل فرينچ انقلاب جي خلاف انگلينڊ جي اڻ سهو رويي جي مذمت ڪئي. هو بينڊا پاران 1927ع ۾ حڪومتن لاءِ دانشور جي اهميت جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته دانشورن کي سندن خدمت گذار هئڻ گهرجي، جنهن کي جنهن وقت چيو وڃي، (اڳواڻي لاءِ نه پر،سرڪار جي پاليسي کي زور وٺرائڻ لاءِ) سرڪار جي دشمنن خلاف پروپيگنڊا ڪرڻ. قومي وقار جي نالي ۾ جيڪو به وهندو واپرندو هجي، ان کي سچ جي پردي ۾ پيش ڪرڻ لاءِ…”
آمريڪي سماجيات جي ماهر آلون گائولڊنر جو دانشور بابت چوڻ آهي ته “اهي هڪڙو نئون طبقو آهن، جيڪي هن وقت پراڻي دولتمند ۽ پئسي وارن طبقن جي جاءِ والاري ويا آهن. پروفيسر ايڊورڊ سعيد ان بحث کي وڌائيندي چئي ٿو ته دنيا جي هر علائقي پنهنجا پنهنجا دانشور ڪيا آهن. انهن دانشورن جي وڏي جوش ۽ جذبي سان صفبندي به ڪئي وڃي ٿي. انهن بابت دليل ڏنا وڃن ٿا.” جديد تاريخ ۾ دانشورن کان سواءِ ڪوبه انقلاب اچي نه سگهيو آهي.” ان جي ابتڙ وري ڪابه وڏي انقلاب دشمن تحريڪ پڻ دانشورن کان سواءِ ڪانه هلي آهي. دانشور تحريڪن جو ابو امان ٿيندا آهن ۽ سچ ته دانشور ئي تحريڪن جا پٽ، ڌيئر، ڀائٽيا۽ ڀاڻيجا به هوندا آهن.”
خانگي دانشور:
پروفيسر چواڻي اهڙي ڪابه هستي ڪانهي، جنهن کي خانگي دانشور چئي سگهجي. ڇاڪاڻ ته جنهن لمحي اوهان ڪن لفظن کي ترتيب ڏئي لکو ٿا ۽ انهن کي ڇاپيو ٿا، ان پل ئي اوهان عام ماڻهن جي دنيا ۾ داخل ٿي وڃو ٿا.