ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نواز شريف جي ڏيهه واپسي

Editorial- Article- Allahbux Rathor

ڪجهه حلقا چون ٿا ته نواز شريف جي ڏيهه واپسيءَ جو وقت نه آيو آهي، جڏهن ته (ن) ليگ جا مخالف چئي رهيا آهن ته موجوده صورتحال ۾ نواز شريف جي اچڻ يا نه اچڻ سان ڪوبه فرق نه پوندو. ڪي وري اهي افواهه به اڏائي رهيا آهن ته لنڊن ۾ آرمي چيف ۽ ميان نواز شريف جي ملاقات ٿي آهي ۽ جلد عمران خان جو سياسي مقابلو ڪرڻ لاءِ (ن) ليگ جو حقيقي اڳواڻ واپس ورندو. عمران خان جنهن پنهنجي سياست جو مرڪز اسلام آباد بڻايو هو،پنجاب حڪومت پي ٽي آءِ ۽ (ق) ليگ کي ملڻ کانپوءِ هن سياسي سرگرمين جو مرڪز لاهور کي بنائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن بني گالا تي ڇاپو لڳي ٿو يا ڪا ڪارروائي ٿئي ٿي ته عمران خان محفوظ نه هوندو. اها الڳ ڳالهه آهي ته اتحادي حڪومت ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ناهي ته بني گالا ۾ ڪارروائي ڪئي وڃي. ان سان نئون سياسي پنڊوراباڪس کلي سگهي ٿو. عمران خان پاڻ چئي ٿو ته هن جي چيف آف اسٽاف شهباز گِل فوج جي رينڪ ۽ فائل جي حوالي سان جيڪو بيان ڏنو، اهو ان کي نه ڏيڻ گهربو هو. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته عمران خان، شهباز گِل جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هو سٺو ڪاروباري يا سياسي شخص به ثابت نه ٿي رهيو آهي، ان ڪري هو نفعي نقصان ۾ حصيدار ٿيڻ لاءِ تيار ناهي. لاهور ۾ عمران خان ننڍي چونڊ ۾ نون ئي ايم اين ايز جي سيٽن تي پاڻ چونڊن وڙهڻ لاءِ لاڳاپيل علائقن يا شهرن ۾ جلسن ڪرڻ جو اعلان ته ڪيو آهي، پر هن کي ڪا به ڌر ضمانت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ته هو ڪيتريون سيٽون ٻيهر کٽيندو. هن کي وڏو خطرو پنجاب ۽ ڪراچيءَ مان آهي، جتان انتهائي گهٽ تناسب سان پي ٽي آءِ مخالفن کي هارايو هو. ان ڪري هاڻ عمران خان کي هارائڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن. ان کانپوءِ خبر پئجي ويندي ته عمران خان ڪيتري پاڻيءَ ۾ آهي.
هن کي جيڪڏهن اڪثريتي سيٽن تان مات ملي ته چوڻ شروع ڪندو ته ڌانڌليون ٿيون، ڇاڪاڻ ته هو اڳ ئي اليڪشن ڪميشن ۽ اسٽيبلشمنٽ تي الزام مڙهي رهيو آهي ته اهي کيس سياسي ميدان مان ٻاهر ڪڍڻ گهرن ٿيون. اليڪشن ڪميشن فارين فنڊنگ ڪيس ۾ جيڪو فيصلو ٻڌايو هو، ممڪن آهي ته ننڍي چونڊ کان اڳ ئي عمران خان جي خلاف ڪارروائي شروع ٿي وڃي. ان سان گڏ اسٽيبلشمنٽ چوڌري پرويز الاهيءَ کي وڏ وزارت ڏياري ته آهي، پر جيڪڏهن ان پنهنجو ٻيو پتو، جيڪو چوڌري شجاعت حسين جي صورت ۾ موجود آهي، ان کي استعمال ڪيو ۽ چوڌري پرويز الاهي سميت (ق) ليگ جي سمورن ميمبرن جي خلاف نااهلي جو ريفرنس موڪلي ٿو ته پنجاب حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر ڌڙام سان ڪرندي. ان حوالي سان هينئر به آصف زرداري ڪم ڪري رهيو آهي. رڳو واڳ ڌڻين جي اشاري جي دير آهي. هي اشارو ان وقت سامهون اچي سگهي ٿو، جڏهن چوڌري پرويز الاهي، راڻا ثناءُ الله کي ڦاسي جي ڦندي تائين پهچائڻ لاءِ عملي قدم کڻندو يا گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ڪندو.
ڊاڪٽر ارسلان جيڪو پي ٽي آءِ جو گوئبل آهي. اهو سوشل ميڊيا تي پروپئگنڊا ڪرڻ جو ماهر سمجهيو وڃي ٿو، جنهن کي عمران خان جي موجوده گهرواريءَ جي جيڪا آڊيو ليڪ ٿي هئي، ان ۾ مخالفن کي غدار ظاهر ڪرڻ لاءِ هدايتون ڏنيون ويون هيون. هيءَ نفسياتي جنگ آهي، جنهن کي اڃان شروع ٿيڻو آهي. جيڪڏهن پرويز الاهيءَ جي انتظاميا عمران خان جي چڪر ۾ اچي وئي ۽ ان راڻا ثناءُ الله سان گڏ مريم نواز ۽ ٻين جي خلاف غداري سميت سنگين نوعيت جا ڪيس داخل ڪرڻ شروع ڪيا ۽ ڪارروايون به شروع ٿيون ته پوءِ يقين سان بني گالا به محفوظ نه رهندو. عمران خان جو ٺڪاڻو لاهور يا پشاور ٿي ويندو. ان سان گڏ پنجاب حڪومت به لُڏڻ شروع ٿي ويندي. اسٽيبلشمنٽ، چوڌري شجاعت حسين کي سنڀالي رکيو آهي ۽ اليڪشن ڪميشن به ان کي ئي پارٽيءَ جو سربراهه قبول ڪيو آهي.
لاهور مان اهي خبرون آهن ته مريم نواز جي خلاف فوج خلاف تقريرون ڪرڻ جو ڪيس داخل ٿيڻ وارو آهي. ساڳي انداز سان 25 مئي تي پي ٽي آءِ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪرڻ تي (ن) ليگ جي اڳوڻن صوبائي وزيرن خلاف ڪارروائي لاءِ قدم کڄڻ وارا آهن. راڻا ثناءُ الله خلاف ماڊل ٽائون فائرنگ ڪيس کي ٻيهر کوليو پيو وڃي. اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن وفاقي گهرو وزير جي خلاف ڪيس داخل ٿيا ۽ ان کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان جا انتهائي اگرا نتيجا سامهون اچي سگهن ٿا. گهرو وزير معمولي نه هوندو آهي، ان وٽ صوبن جي اندر به تمام گهڻي طاقت ٿيندي آهي. ان حوالي سان چوڌري نثار جو مثال موجود آهي. جڏهن هو گهرو وزير هو ته سنڌ حڪومت رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ ڪرڻ ۽ ان فورس کي وڌيڪ عرصو صوبي ۾ رهائڻ کان انڪار ڪيو پر وفاقي حڪومت اختيار استعمال ڪندي ان فورس کي ڪراچيءَ ۾ ترسايو هو. ان کان اڳ محترما بينظير ڀٽو وزير اعظم هئي ۽ نواز شريف پنجاب جو وڏو وزير، ان وقت ڪهڙي صورتحال پيدا ٿي هئي، اهي سبق تاريخ جو حصو آهن. صوبائي حڪومتون ايتريون بااختيار ناهن جو وفاق سان سڌي ٽڪر ۾ اچن. ان ڪري پي ٽي آءِ جا اڳواڻ جيڪي وفاقي گهرو وزير کي گرفتار ڪرڻ جا خواب ڏسن ٿا، اهي شايد هوش ۾ ناهن.
سياسي پنڊتن جو خيال آهي ته نواز شريف جي ڏيهه واپس ورڻ لاءِ اسٽيبلشمنٽ رستو ته ڪڍي سگهي ٿي. ان حوالي سان اڳوڻي وزير اعظم جي اڳواٽ ضمانت جو بندوبست به ٿي سگهي ٿو. ايستائين جو سزا جي معطلي به ممڪن آهي. پوءِ ڇو نه عدالتون اعتراض وارين ۽ سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس به وٺي. پر جنهن وقت اشارو آيو ته سڀ خاموش ٿي ويندا، يا نيوٽرل ٿي ويندا. پر اهو تڏهن ممڪن ٿيندو، جڏهن پنجاب حڪومت قدم کڻڻ شروع ڪيا. چوڌري پرويز الاهي انتهائي سينيئر سياستدان آهي. جلسن ۾ تقريرون ڪرڻ الڳ ڳالهه آهي، پر عملي قدم کڻڻ ۾ هو سو ڀيرا سوچيندو. هو بقول عمران خان جي اهڙو “سياسي ڌاڙيل” آهي، جيڪو عمران خان کي گوهي ڏئي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته هن کي خبر آهي ته بحران جي صورت ۾ ٻاهر ڪيئن نڪري سگهجي ٿو.
جيڪڏهن مريم نواز ۽ راڻا ثناءُالله ۽ ٻين جي خلاف ڪي قدم کنيا وڃن ٿا ته اهي به calculated ٿي سگهن ٿا. انهن جو مقصد فقط (ن) ليگ کي حدن ۾ رکڻ هوندو. جيڪڏهن پرويز الاهي، عمران خان جي اشارن تي مڪمل طور تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته پوءِ هن جي حڪومت انتهائي خطري هيٺ هوندي. اهڙي صورتحال ۾ واڳ ڌڻي هن خلاف آپشن استعمال ڪري سگهن ٿا. ان سان چوڌري ڀائرن، اسٽيبلشمنٽ جون جيتريون به ونگارون وهيون آهن، انهن تي پاڻي ڦيرجي ويندو.
سياسي پنڊتن جو خيال آهي ته نواز شريف ۽ جنرل باجوه جي ملاقات جي حوالي سان جيڪي ڳالهيون سامهون آيون آهن، اهي شايد درست نه هجن. ڇاڪاڻ ته آرمي چيف، ايترو رسڪ کڻي نٿو سگهي. ممڪن آهي ته وچ وارن ذريعي ڳالهه ٻولهه ٿيندي هجي ۽ يقينن ٿي رهي هوندي. ٽياڪڙي ڪرڻ لاءِ کوڙ سارا هوندا. واڳ ڌڻين نواز شريف کي خاطري ڪرائي ڇڏي هوندي ته ان جي ڌيءَ مريم نواز کي ڪو ڇهي به نه سگهندو. اهي ضمانتون اڳ ٿي سگهن ٿيون، پر جيڪڏهن صورتحال هٿن مان نڪتي ته نواز شريف ٻيا سمورا آپشنز استعمال ڪندي ناڪام ٿيو ته آخري حربي طور لاهور پهچندو. هن جي اڳواٽ ضمانت ٿي يا ڪيس ختم يا معطل ٿين ٿا يا نه، اهو ملڪ اندر هوندو.
نواز شريف جي سياسي ڪيمسٽري معمولي نوعيت جي ناهي. ان کان اڳ ۾ هو پنهنجي سزا کي منهن ڏيڻ لاءِ وينٽي ليٽر تي گهرواريءَ کي ڇڏي، ڌيءَ سميت جيل هليو ويو هو. هاڻ به ان وٽ ٻيو ڪوبه آپشن ٿي نٿو سگهي. هينئر نواز شريف بهتر پوزيشن ۾ آهي، هن جي اتحادي حڪومت موجود آهي، ان ڪري ڪا به unwanted قوت کيس ڇهي نه سگهندي. واڳ ڌڻين يا اسٽيبلشمنٽ سان هو معاملا طئي ڪري چڪو آهي. عمران خان ان پوزيشن ۾ ناهي جو ميان نواز شريف کي هٿ لائي سگهي.
حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته ميان نواز شريف جي ڏيهه واپسيءَ جو هي مناسب وقت آهي پر چيو وڃي پيو ته ممڪن آهي ته هو آڪٽوبر يا نومبر ڌاري واپس وري، ڇاڪاڻ ته ان کانپوءِ وفاقي حڪومت چاهي ته نين چونڊن لاءِ راهه هموار ڪري سگهي ٿي. عمران خان پارليامينٽ ۾ ناهي، ان ڪري هن جو نه فقط قومي اسيمبلي پر سينيٽ ۾ ڪو وس هلي نٿو سگهي. جيستائين نواز شريف واپس ورندو. ايستائين معاشي صورتحال جيڪا بهتر ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي، اها وڌيڪ بهتر ٽريڪ تي اچي ويندي. واڳ ڌڻي جيڪي پاڻ چاهين ٿا ته معاشي توڙي سياسي معاملا بهتر ٿين. اهو ئي سبب آهي جو جنرل باجوه عالمي سطح تي پنهنجون Good offices استعمال ڪري رهيو آهي. هن اڳ ئي عالمي سطح تي حڪومت جي مدد ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. سعودي عرب به پنهنجي ٽي ارب ڊالرن جي رقم وڌيڪ عرصو مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ بهتري لاءِ اسٽيٽ بينڪ وٽ رکڻ تي راضپو ظاهر ڪري چڪو آهي. ان سان گڏ رعايتي اگهه تي ڏهه ڪروڙ ڊالرن جو تيل به ڏئي رهيو آهي. ان سان گڏ ٻيا مالياتي ادارا ۽ ملڪ به مدد لاءِ اڳڀرا ٿي رهيا آهن. عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول، تيل ۽ زرعي جنسن جي اگهه ۾ گهٽتائي اچي چڪي آهي. ان کان وڌيڪ آئيڊيل صورتحال نواز شريف لاءِ ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button