ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

برساتن ۾ ڪاڇي جي صورتحال

Editorial

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هاڻوڪيون برساتون عام برساتون ڪونه آهن ۽ وقفي وفقي سان برساتن جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو آهي، ان سان سڄي سنڌ ۾ تباهي اچي رهي آهي. ڪٿي ماڻهن جا فصل ٻڏي ويا آهن، ڪٿي گهر ڊهي پيا ته ڪٿي وري ڳوٺن جو رابطو ڪٽيل نظر اچي رهيو آهي. جڏهن اهڙي صورتحال هجي ته اپاءُ به غيرمعمولي ورتا ويندا آهن ته جيئن عوام کي وڌيڪ مصيبتن ۽ پريشانين کان بچائي سگهجي. هن وقت تائين بدين ضلعو برسات کان سخت متاثر نظر اچي رهيو آهي. حڪومتي سطح تي جيڪي اپاءَ برسات دوران ورتا ويا يا ان کان پوءِ ورتا ويا آهن، اهي ڪافي نٿا لڳن، جنهن جي ڪري نه رڳو عوام لاءِ پريشانيون وڌيون آهن پر اهي اڃا تائين به حڪومت جي آسري ويٺا آهن ته اها انهن جي سار لهندي ۽ برساتن دوران ٿيل نقصان جو ازالو ڪندي. ڪجهه ڏينهن کان ڪاڇي ۾ برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي. ڪاڇو هڪ اهڙو علائقو آهي، جيڪو برساتن تي ڀاڙيندو آهي پر اتي به برسات جيڪڏهن حد کان وڌي وڃي ته ان جو مطلب اهو آهي، اتي معمول جي زندگي سخت متاثر ٿي رهي آهي. ڪاڇي ۾ هونئن به زندگيءَ جون سهولتون ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ گهٽ هونديون آهن. ان علائقي جي زندگي سنڌ جي بيراجي علائقن جي زندگيءَ کان گهڻي مختلف هوندي آهي. برساتن جو هاڻوڪو سلسلو اڃا وڌيڪ هلڻو آهي. موسميات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مهيني به برسات وسڻي آهي. جنهن ڪري عوام کي وڌيڪ ڀوڳڻو پئجي سگهي ٿو.
ڪاڇي ۾ برسات رڪجي نه سگھي. ڪاڇي جا 30 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻوڏ جي پاڻي جي گھيري ۾ آهن. تازو نئين دلان، نئين سگرو، نئين ٻوري، سالاري ۽ نئين مزاراڻي وھي آيون، جنهن کان پوءِ ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ واڌ ٿي وئي آهي، جنهن ڪري ڪاڇي جا ڳوٺ علي بخش تيوڻو، ولي محمد رند، ڀنڀا ڏيرا، ڇٽو ميرواڻي، سڄڻ ميرواڻي، علي گوھر چانڊيو ڳوٺن جا زميني رستا شھرن کان ڪٽجي ويا آهن، رھواسين کي کاڌ خوراڪ، ٽينٽ ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي ملي نه سگھيو آهي. جڏهن ته آبپاشي کاتي جو صوبائي وزير ڄام خان شورو، چيف سيڪريٽري، ڊي سي دادو، اي سي ميھڙ فريد آباد ٻوڏ جي پاڻي ھيٺ آيل ڳوٺن جو جائزو وٺڻ ۽ واھر ڪرڻ لا نه پھتا، جنهن سب ڪاڇي جا رھواسي بي يارو مددگار آهن. ڳوٺ ڀنڀا ڏيرا جي رھواسين سياسي سماجي اڳواڻ ميھر علي ڏيرو، عبدالفتاح ڏيرو، محمد جمن ڏيرو، علي حسين ڏيرو ۽ ٻين نيشنل پريس ڪلب فريدآباد اڳيان پھچي احتجاج ڪيو. هنن چيو ته ٻوڏ جي پاڻي ۽ نين جي پاڻي اسان جا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن، ڪاڇي ۾ کاڌ خوراڪ جي کوٽ آهي، رستا بند ھجڻ ڪري شھر اچي وڃي نٿا سگھون، پيئڻ جو صاف پاڻي ناھي، ٻوڏ جو کارو پاڻي پيئڻ سان پيٽ ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ مرد، عورتون ۽ ٻارڙا وٺجي ويا آهن، ڪير به اسان جي مالڪي ڪرڻ لا تيار ناھي. ھنن چيو ته وفاقي سرڪار ۽ سنڌ حڪومت فريدآباد يوسي کي آفٽ سٽيل قرار ڏنو آهي، پر چونڊيل نمائندن سميت ڪنهن به مدد ناهي ڪئي. ڪاڇي ۾ برساتن سبب جيڪا تباهي ٿي آهي، ان جي ذميواري حڪومت تي مڪمل طور نٿي وجهي سگهجي پر جيئن ته هي علائقو برساتن تي ڀاڙيندڙ رهيو آهي، نئيون وهي اچڻ ڪري اتان جي ماڻهن کيِ پاڻيءَ جو ججهو مقدار ملي ويندو آهي پر جڏهن اهي نئيون وڌيڪ وهي اچن ته ان جي معنيٰ آهي اتان جي ماڻهن لاءِ خطرو وڌي ويو آهي. ڪاڇي ۾ هن وقت صورتحال ان ڪري خراب نظر اچي رهي آهي جو اتي زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي ۽ ماڻهن جي اچ وڃ پڻ سخت متاثر آهي.
جيڪڏهن اهو رابطو بحال نٿو ٿئي ۽ گهڻي وقت تائين ڪاڇو باقي سنڌ کان ڪٽيل ٿو رهي ته ان سان اتي ٻيا گهڻا ئي مسئلا جنم وٺي سگهن ٿا. خوراڪ جي سخت کوٽ ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن ڪي ماڻهو برسات سبب بيمار ٿيا آهن ته انهن جي بيماري وڌي سگهي ٿي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جا مسئلا به ٿي سگهن ٿا. انهن مسئلن جو اظهار اتان جا ڳوٺاڻا ڪري به رهيا آهن. تنهنڪري هن وقت ڪاڇي جي حوالي سان ايمرجنسي ڊڪليئر ڪئي وڃي. حڪومتي اتنظاميه ۽ اتان جي چونديل نمائندن کي ڪڇي جي سار لهڻ لاءِ هر صورت تڪڙا پاءَ وٺڻ گهرجن.
اسين سمجهون ٿا ته برساتن سبب سنڌ حڪومت جي گهربل تياري ناهي. جيڪڏهن ڪاڇي ۾ اها صورتحال آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سنڌ جي ٻين علائقن جي صورتحال ڪهڙي هوندي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪاڇي ۾ بحاليءَ جي ڪم کي تيز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. اتان جي ماڻهن کي ٻڏڻ کان بچايو وڃي ۽ جيترو ترت ممڪن ٿي سگهي ڪاڇي جو رابطو بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته جيئن عوام جي رسائي سنڌ جي ٻين شهرن تائين ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button