جيڪڏهن ڪو سويلين حڪمران يا آمر ميڊيا تي پابنديون لڳائي يا اظهار جي آزاديءَ جي نڙيءَ ننهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ته هو سچ کان ڊڄي ٿو ۽ پنهنجِن ڪمزورين کي لڪائڻ لاءِ اهڙيون حرڪتون ڪري ان آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، جيڪو عوام جو آواز هوندو آهي. پي ٽي آءِ جي حڪومت ان جو هڪ اهم ترين مثال آهي. هيءَ اها حڪومت هئي، جنهن ۾ عمران خان نيازي ميڊيا تي هر قسم جون پابنديون لڳايون. صحافين کي ادارن مان نيڪالي ڏني وئي. انهن کي چينل ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو. ميڊيا جي ادارن کي ايترو سوڙهو ڪيو ويو جو اخبارن پنهنجا صفحا گهٽائي ڇڏيا ۽ ادارن چينلن مان ملازمن کي جواب ڏئي ڇڏيو. ڪئين اهڙا ٽاڪ شو هئا جيڪي هلندي هلندي بند ڪيا ويندا هئا. پر جڏهن عمران خان نيازيءَ کي چيو ويندو هو ته ملڪ ۾ ميڊيا بلڪل به آزاد ناهي ته هو چوندو هو هتي ميڊيا انگلينڊ جي ميڊيا کان وڌيڪ آزاد آهي. هو ميڊيا جي آزادي ان کي سمجهندو هو، جنهن ۾ ڪنهن به مخالف جو آواز نه هجي، جتي رڳو هن جي ڳالهه هلندي هجي ۽ جتي حڪومتي سطح تي بيان ڪيل ڪوڙ کي وڏي واڪي پيش ڪيو وڃي.
جڏهن هو اقتدار ۾ نه هو ته ان وقت هو ميڊيا جي آزاديءَ جي ڳالهه ڪندو هو. اها ميڊيا ئي هئي، جنهن کيس ايترو ته مٿي تي چاڙهي ڇڏيو هو جو ميڊيا کي عمران خان نيازيءَ کان سواءِ ڪو ايماندار ماڻهو ملڪ ۾ نظر ئي ڪونه ايندو هو. اها ميڊيا جي مهم هئي، جنهن ملڪي سياست ۾ اهڙي ساک جوڙي جو نيٺ هن کي ملڪ جو وزير اعظم ڪرايو ويو. ان کان پوءِ هن جيڪي ڪلور ميڊيا سان ڪيا، سي آمريت جي دور ۾ به نه ٿيا هئا. آمر پرويز مشرف جي دور ۾ به ميڊيا خلاف اهڙي مهم نه هلائي وئي ۽ نه ئي اهڙي قانون سازي ڪئي وئي، جيڪا پي ٽي آءِ جي دور ۾ ڪئي وئي هئي. ايستائين جو هڪ آمر جو دور ميڊيا عام ٿيڻ جو دور هو، جنهن ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا لاءِ ماحول تيار ڪيو ويو هو.
پي ٽي آءِ ته ميڊيا کان ايتري ڊنل هئي جو ان پيڪا آرڊينسس آڻي ڇڏيو، جنهن کي صحافين ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ۽ ان کي اظهار جي آزاديءَ تي وار سمجهيو ويو، جنهن کان پوءِ عدالت ان آرڊيننس کي رد ڪري ڇڏيو. تنهن هوندي به عمران خان نيازي سوڌو ڪئين پي ٽي آءِ اڳواڻ اڄ به پيڪا آرڊيننس جي حمايت ۾ ڳالهائيندا رهندا آهن. هڪ ڀيرو وري عمران خان نيازيءَ کي ميڊيا جي آزاديءَ جو خيال آيو آهي ۽ هن کي صحافين تي ٿيندڙ ظلم ياد اچي رهيو آهي. پر فقط اهي صحافي، جن کي هن کان سندس مرضي موجب سوال پڇڻ جي اجازت آهي. جيڪي اڃا تائين ان غلط فهميءَ جو شڪار لڳا پيا آهن ته عمران خان نيازيءَ کي اقتدار مان هٽائڻ لاءِ آمريڪا ڪا سازش ڪئي آهي. هيستائين ته هو انهن صحافين جي سوالن جا جواب ڏيڻ به پسند ناهي ڪندو، جيڪي ساڻس ڪو اختلاف رکن ٿا.
هن چوڻ آهي ته صحافين ڌمڪين، تشدد وارن حملن ۽ گرفتارين کي منهن ڏنو آهي، آزاد ميڊيا ۽ اظهار جي آزاديءَ جي معاملي تي ايندڙ هفتي کان پنهنجي ملڪ گير عوامي رابطه مهم جو حصو ڪندس. سندس چوڻ هو ته حڪومت ۽ رياستي مشينري پاران ميڊيا هائوسز ۽ صحافين خلاف ڪريڪ ڊائون جي هڪ انتهائي غيرمعمولي مهم جي باري ۾ خبردار ڪرڻ چاهيان ٿو، جيڪي پي ٽي آءِ ۽ منهنجو بيانيو عوام تائين پهچائين ٿا.
ظاهري طور اهي ڳالهيون بهتر لڳن ٿيون. پر ميڊيا کان آزادي کسيندڙ، ان کي محدود ڪندڙ ۽ صحافين خلاف تشدد جون ڪارروايون ڪرائيندڙ عمران خان نيازي پاڻ رهيو آهي. جڏهن حامد مير جو پروگرام اوچتو بند ڪيو ويو هو ته هڪ وضاحت فوج پاران آئي هئي ته انهن حامد مير جو پروگرام بند ناهي ڪريو. جنهن کان پوءِ اهو واضح ٿي ويو هو ته اهو پروگرام ان وقت جي عمران خان جي حڪومت بند ڪرايو هو ۽ اهڙي ريت ان سلسلي کي جاري رکيو هو. صحافين سان بدتميزيون ڪرڻ، انهن کي مختلف لقبن سان سڏڻ جي روايت به پي ٽي آءِ پنهنجي حڪومتي دور ۾ وڌي هئي.
ميڊيا جو آزاد هجڻ ڪيترو ضروري آهي، ان جو اندازو سدائين اسان جي ملڪ جي سياستدانن کي ان وقت ٿيندو آهي، جڏهن اهي اپوزيشن هوندا آهن. حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ ته ميڊيا ڄڻ انهن جي دشمن ٿي ويندي آهي. پر هڪ چونڊيل نمائندو اهو وزير هجي، وڏو وزير هجي يا کڻي وزير اعظم هجي. پڇاڻو ڪرڻ ۽ سوال ڪرڻ جو حق ميڊيا جو آهي. ائين ناهي ته ميڊيا ۾ سڀئي صحافي ايماندار آهن پر سوال ڪرڻ کان ڪنهن کي روڪي نٿو سگهجي. تنهنڪري عمران خان نيازي اڄ جيڪا آزاد ميڊيا ڏسڻ پيو چاهي، ان کي ان هنڌ جي پهچائڻ وارو به پاڻ آهي. هن نه رڳو ملڪ ۾ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي لاڳيتو دٻايو پر سوشل ميڊيا لاءِ به قانون سازي ڪرڻ کان ڪين ڪيٻايو.
هاڻ جيڪڏهن هو اهو چئي رهيو آهي ته هو ميڊيا جي آزاديءَ لاءِ وڙهندو ته ان لاءِ پهرين اهو طئي ڪرڻ گهرجي ته ڇا هو ميڊيا جي آزاديءَ کي قبولڻ لاءِ تيار آهي. جيڪڏهن ميڊيا جي آزادي کيس ان ڪري کپي ته اها هن کي وڌ کان وڌ ڪوريج ڏئي ته اها آزادي فقط هڪ فرد لاءِ ته ٿي سگهي ٿي پر عوام يا انهن صحافين لاءِ نٿي ٿي سگهي. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ جتي سياسي آزادي محدود هجي، اتي اظهار جي آزادي ڪيتري هوندي، اهو اندازو لڳائڻ ڏکيو ڪونهي. جيڪڏهن ڪو آمر پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ ۽ سياسي مخالفن کي عذاب ڏيارڻ لاءِ پريس تي پابنديون لڳائي ته ان ۾ ڪو اچرج نٿو ٿئي پر جيڪڏهن ڪو سويلين حڪمران ائين ڪري ته هو نه رڳو پنهنجن مخالفن لاءِ پر ايندڙ وقت ۾ پنهنجي لاءِ به آزادي کي کسي رهيو هوندو آهي. تنهنڪري عمران خان نيازي جنهن صحافتي آزاديءَ جي ڳالهه ڪري ٿو سا رڳو هو پنهنجي لاءِ ٿو چاهي.
اهو شڪر آهي جو هن ملڪ ۾ اڃا تائين سوشل ميڊيا تي اهڙيون پابنديون نه لڳيون آهن. جيڪڏهن ان تي به پابنديون لڳل هجن ۽ ان ميڊيا جو حشر به اهڙو هجي، جهڙو پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو آهي ته ماڻهن جي اندر ۾ جيڪو لاوو پچندو رهندو آهي، ان کي اوڳاڇڻ ڏکيو ٿي ويندو. اظهار جي آزادي ان عمل سان مشروط نه هجڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڪو سياستدان اپوزيشن ۾ هوندو ته ان کي آزاد ميڊيا گهرجي ۽ جيڪڏهن هو حڪومت ۾ هوندو ته ان کي ميڊيا زنجيرن ۾ قيد گهرجي. ان جي آزادي هر صورت ۾ برقرار رهڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته ماڻهن کي ڳالهائڻ ۽ انهن جي خيالن کي اظهارڻ انهن جو آئيني ۽ قانوني حق آهي. عمران خان نيازيءَ کي اهو احساس ته هاڻ به ڪونه ٿيو هوندو ته هن پنهنجي حڪومتي دور ۾ ڪهڙي ريت ميڊيا خلاف آپريشن ڪيا. پر کيس اهو سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن هو ٻين جي زبانن تي تالا هڻڻ چاهي ٿو ته پوءِ ان لاءِ به پاڻ کي تيار ڪري ته هڪ ڏينهن هن جي زبان به بند هوندي ۽ هن جي حق ۾ ڳالهائڻ وارو ڪوبه نه هوندو.