ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڀٽن منجھه ڀونچال – VIII

Editorial-Article-Noor Mohammad Bajeer

پاڻي جا وسيلا ۽ انتظامڪاري
ٿر ۾ صاف پيئڻ جو پاڻي گهٽ ھجڻ ڪري غريب عوام کارو ۽ گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور ٿين ٿا، جنھن ڪري ڪيتريون ئي بيماريون پيدا ٿين ٿيون. ٿر ۾ گهڻي ڀاڱي جر جو پاڻي کارو يعني ٻاڙو ھوندو آھي. جر واري پاڻي ۾ نمڪيات يعني لوڻ جو مقدار 5000 پي پي ايم کان 9000 تائين ھوندو آھي.
پاڻي جي ماھرن مطابق ھر فرد لا روزانو 50 لٽر پاڻي جي ضرورت ھوندي آھي ۽ ھڪ ماڻھو لا عام رواجي خوراڪ ٺاھڻ لا 5400 لٽر پاڻي روزانو استعمال ٿيندو آھي. جڏھن تھ ھڪ فرد جي کاڌي ۽ فصل تيار ڪرڻ لا عام گھرو واھپي واري پاڻي کان 70 ڀيرا وڌيڪ پاڻي جي گھرج ھوندي آھي.
جاگرافيائي طور ٿر کي اٺن ڀاڱن ۾ ورھايو ويو آھي ۽ ھر ڀاڱي ۾ جر واري پاڻي جي اونھائي مختلف ھوندي آھي. مثال طور وٽ واري علائقي ۾ 5 کان 30 فوٽ تائين جر جو پاڻي ملي ٿو. سامروٽي ۽ ڪنٺي واري ڀاڱي ۾ 20 کان 80 فوٽ تائين پاڻي ھوندو آھي ۽ پارڪر ۾ جر جو پاڻي 6 کان 30 فوٽ تائين پاڻي ملندو آھي پر انھي پاڻي کي سيمي جو پاڻي يعني برسات جو پاڻي زمين ۾ جذب ٿي ڌرتي جي اندر ڪجھه فوٽ ھيٺ اسٽور ٿيل ھوندو آھي. انھي ڪري جنھن سال برساتون گهٽ پيون ھونديون انھي سال جر جو پاڻي گهٽ ھوندو آھي يا سڪي ويندو آھي. سنڌ حڪومت ننگرپارڪر ۾ ڪارونجھر جبل جي چوڌاري ننڍا وڏا ڊيم ٺھرايا آھن. انھي ڪري ڪاسٻو ۽ ٻين پوکي وارن علائقن ۾ زراعت لا کوٽيل کوھن ۾ پاڻي جي کوٽ جو ڪنھن حد تائين پورائو ٿيو آھي.
ٿر واسين پنھنجي جيئڻ لا صدين کان جتن ڪيا آھن. مشڪل حالتن کي منھن ڏيڻ لا مختلف طور طريقا آزمايا آھن. ھڪ ڳوٺ ۾ ڪچھري ڪندي ھڪ ڏاھي عورت وراڻيو تھ توھان کي خبر آھي تھ ٿرين جون اکيون وڏيون ڇو ھونديون آھن؟ انھي مشڪل سوال جو جواب پاڻ ڏيندي وراڻيو تھ ٿرين جون نگاھون سدائين اڀ ڏي ھونديون آھن، برسات ۽ بادلن کي ڏسڻ لا اکيون آتيون ھونديون آھن، انھي ڪري ٿرين جون اکيون وڏيون ھونديون آھن. انھي جملي مان ظاھر ٿئي ٿو تھ صحرا ۾ ھر ساھوارو صرف ۽ صرف برسات جي پاڻي جو منتظر ھوندو آھي. برسات جي پاڻي کي پلر پاڻي چون ٿا ۽ پلر پاڻي کي سانڍي رکڻ جا جتن ڪيا ويندا آھن. برسات وسڻ دوران گھر جا سمورا ٿانون گهرن جي ڇتن تان ناري ذريعي ھيٺ لھندڙ پاڻي سان ڀري رکندا آھن.
قديم زماني ۾ ماڻھو ھڪ جا کان ٻئي جا تائين لڏپلاڻ ڪندا رھيا آھن ۽ گهڻو ڪري ڳوٺ اھڙي جڳھه تي قائم ٿيا جتي ڪو پراڻو کوهه ھوندو ھو يا ماڻھو پاڻ کوهه کوٽي رھائش پذير ٿيا. ٿر ۾ کوهه ٺاھيندڙ کي ٻاڌارو سڏبو آھي. کوهه گهڻو ڪري مٿان کان ھيٺائين طرف ٺاھيو ويندو آھي. مٿي ڄاڻايل علائقن مطابق کوھن جي اونھائي مختلف ھوندي آھي ۽ کوهه ۾ پاڻي مٺو نڪرڻ تي پوري ڳوٺ ۾ سرھائي جي لھر پکڙي ويندي آھي. ٿر جي ماڻھو جو سکيو ستابو ھجڻ جو ھڪ پيمانو پنھنجي تڙ يعني کوهه جو ھجڻ رھيو آھي.
گذريل ٽن ڏھاڪن کان ٿر ۾ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيمن ڳوٺاڻن کي پاڻي کي محفوظ ڪري رکڻ جو آسان ۽ سستو نسخو سيکاريو آھي. ھڪ يا ٻن ٻورين سيمنٽ سان زمين جي اندر پاڻي جو ٽانڪو ٺاھي سگهجي ٿو. ھاڻي ٿر جي ھر گهر ۾ پاڻي جا ٽانڪا تعمير ٿيل آھن، ڇتن جو پاڻي ڪنھن پائيپ يا نالي ذريعي ٽانڪي سان ڳنڍيو ويندو آھي ۽ اھڙي طريقي سان صاف پاڻي ڇت کان سڌو پاڻي جي ٽانڪي تائين پھچندو آھي. اھي ٽانڪي کي ڍڪي ڇڏيندا آھن ۽ ضرورت وارن ڏينھن ۾ پيئڻ لا استعمال ڪندا آھن. حيرت جي ڳالھه اھا آھي تھ ٽانڪي ۾ محفوظ ڪيل پاڻي 6 مھينن تائين بھ خراب يا بدبودار نھ ٿيندو آھي. انھي پاڻي ۾ ڦٽڪي يا ڪلورين شامل ڪرڻ لا مشورو ڏنو ويندو آھي پر ڳوٺاڻا اسٽور ڪيل پلر پاڻي کي پاڪ ۽ صاف سمجھندا آھن.
ٽانڪن جي رواج کان اڳ ۾ ٿر ۾ ترايون ۽ ٽوڀا پاڻي جي ذخيري لا استعمال ٿيندا ھئا. ڳوٺاڻا برسات جي پاڻي کي گڏ ڪرڻ لا گڏجي ترايون صاف ڪندا ھئا ۽ تراين مان چيڪي مٽي کي ڪڍڻ جي ڪنھن کي بھ اجازت نھ ڏيندا ھئا. چيڪي مٽي ھجڻ سان پاڻي گهڻا ڏينھن جٽا ڪندو ھو يعني زمين اندر گهٽ جذب ٿيندو ھو. اھي ترايون چوپايي مال جي پاڻي پيئڻ لا پڻ استعال ٿينديون ھيون. پاڻي انتھائي گدلو ۽ بدبودار ھوندو ھو پر مٺي پاڻي جا اڃايل ماڻھو کاري پاڻي کان انھي بدبودار پاڻي کي ترجيح ڏيندا ھئا.
ٿر ۾ سولر سسٽم متعارف ٿيڻ کان پو ٿر جي ڪجھه علائقن خاص طور تي ڪڇ جي رڻ يعني وٽ واري علائقي ۾ سولر پمپ يا ٽيوب ويل تي زراعت جو لاڙو وڌيو آھي. ھاڻي ھر مند ۾ ڳوٺن ۾ پوک ٿئي ٿي ۽ ڀاڄيون وغيره پوکيون وڃن ٿيون. سولر پمپ ۽ ٽيوب ويل تي کيڙي ڪري ھاڻي ٿر ۾ ڪڻڪ پڻ پوکي وڃي ٿي.
گوڙاڻو ڊيم ٺھڻ ۽ ٿرين جي ردعمل جي نتيجي ۾ اينگرو وارن کاري پاڻي تي مختلف فصل تيار ڪرڻ ۽ کاري پاڻي تي مڇي پالڻ جو پڻ تجربو ڪري ڏيکاريو. اينگرو جي ھڪ ذميدار آفيسر سان ڳالھائيندي اھو محسوس ڪيم تھ ھو حڪومت ۽ سماجي ادارن تي کاري پاڻي مان فائدا نھ وٺڻ تي تمام گهڻو پريشان ۽ ڪاوڙيل ھو. ھن جو چوڻ ھو تھ ٿر ۾ پاڻي جا ايڏا وڏا زخيرا موجود آھن پر ٿري ويچارا انھي نعمت کان محروم آھن. ادارن انھي پاڻي تي ھيستائين ڪم ڇو نھ ڪيو؟ انھي حوالي سان زرعي يونيورسٽي جا ماھر وڌيڪ تحقيق ڪري عوام جي رھنمائي ڪري سگهن ٿا.
اسان جو دوست مير مظھر ٽالپر ميگنيٽڪ واٽر ٽريٽمينٽ جو سربراهه آھي، ڪنھن روسي ڪمپني سان گڏجي کاري پاڻي کي ميگنيٽ پائيپ مان گذاري پوکي جي لائق بنائي ٿو. اھڙا ڪامياب تجربا مختلف ھنڌن تي ڪيا آھن پر انھي ٽيڪنالاجي جو ڀرپور فائدو سنڌ حڪومت يا وفاقي حڪومت جي ادارن ھيستائين نھ ورتو آھي.
ٿر ۾ ڊرپ اريگيشن متعارف ڪرائڻ لا ڪجھه سماجي ادارن ڪم ڪيو پر حڪومت طرفان مثبت موٽ نھ ملڻ سبب ۽ ڪو رعايتي پيڪيج يا سبسيڊي نھ ملڻ سبب عام ٿي نھ سگهي. انھي ٽيڪنالاجي سان ٿوري پاڻي تي وڌيڪ پوک ڪري پئي سگهجي.
ڪجهھ سال اڳ ۾ جڏھن ٿر جي ٻارن جي موت جي شرح ۽ ڏڪار جي شدت ۾ اضافو ٿيو تھ سنڌ حڪومت پاران ٿر ۾ آر او پلانٽ لڳائڻ لا اربين رپيا خرچ ڪيا ويا. حڪومت سنڌ جي انگن اکرن مطابق 700 ڪي لڳ ڀڳ آر او پلانٽ لڳايا ويا. تازي رپورٽ مطابق 400 آر او پلانٽ بند ٿي چڪا آھن ۽ ملازم پگھارن لا ھر مھيني ھڙتال ڪن ٿا. آر او پلانٽ لڳائڻ ۽ ھلائڻ لا ھڪ نجي ڪمپني جي حوالي ڪم ڪيو ويو. اھا ڪمپني پنھنجو ڪم پورو ڪرڻ کان پو غائب آھي ۽ عوام ساڳين سورن ۾.
ٿر ۾ پاڻي جي مسئلي کي مستقل طور حل ڪرڻ لا ڪجھه تجويزون عرض رکجن ٿيون.

  1. ٿر جي جر واري پاڻي جي مقدار، معيار ۽ صحيح استعمال جي حوالي سان پاڻي جي ماھرن تي ٻڌل ڪا ٽيم جوڙي تحقيق ڪرائي وڃي ۽ وافر مقدار ۾ جر جي پاڻي کي ٻاھر ڪڍي ڦٽو ڪرڻ واري عمل سان مستقبل ۾ پيش ايندڙ خطرن ۽ منفي اثرن بابت ڄاڻ ڏني وڃي.
  2. گوڙاڻو ڊيم جي ڪري پوندڙ ماحوليات تي منفي اثرن تي بنا دير جي اڀياس جي ضرورت آھي، انھي اڀياس مان سبق پرائي ٻيھر ساڳئي قسم جي غلطي کان پاسو ڪيو وڃي.
  3. ننگرپارڪر ۾ برسات جي پاڻي کي گڏ ڪرڻ لا مختلف رٿائون جوڙيون وڃن ۽ گڏ ٿيل پاڻي کي ٿر ۾ زراعت لا ڊرپ اريگيشن ذريعي استعمال ڪيو وڃي.
  4. ٿر ۾ کاري پاڻي تي پيدا ٿيندڙ فصلن جي باري ۾ ڄاڻ ڏني وڃي ۽ ميگنيٽڪ واٽر ٽريٽمينٽ کي متعارف ڪرائڻ لا ٿر جي آبادگارن جي مالي سھائتا ڪئي وڃي.
  5. واٽر ٽينڪ جي ڪامياب تجربي مان سکندي ٿر جي ماڻھن کي وڌيڪ واٽر ٽينڪ ٺاھڻ لا مالي مدد ڪيش فار ورڪ واري منصوبي تحت ڪري ڏني وڃي.
  6. آر او پلانٽس يا پاڻي جي ٻين رٿائن ۾ شروع کان ئي ڳوٺاڻن جي شرڪت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ڳوٺاڻن سان اھو طئي ڪجي تھ ھو انھي رٿا کي ھلائڻ لا پاڻ ذميوار ھوندا.
  7. ايل بي او ڊي جي پاڻي کي ھڪ ڊيم جي صورت ۾ گڏ ڪري ٿر جي مختلف علائقن تائين پائيپ ذريعي پھچائي زراعت لا ڪتب آندو وڃي.
  8. ٿر ۾ سولر تي ھلندڙ پمپ ۽ ٽيوب ويل بنا وياج جي آسان قسطن تي ڏنا وڃن، جيئن عام ماڻھو بھ پنھنجي زمين آباد ڪري سگهي.
    (ھلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button