ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عوام مخالف ايجنڊا

Editorial

حڪومت جي معاشي قدمن مان لڳي ايئن رهيو آهي ته هو هڪ عوام مخالف ايجنڊا کڻي آئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هو مهانگائي مٿان مهانگائي ڪري رهي آهي. تازو ئي وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جي سفارش کي رد ڪري قيمتون وڌائي ڇڏيون آهن، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه گهٽجڻ جو فائدو عوام کي نه ڏنو ويو، پيٽرول في ليٽر 6 رپيا 72 پئسا مهانگو ٿي ويو، جنهن بعد نئين قيمت 233 رپيا 91 پئسا ٿي وئي آهي، ها اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 51 پئسا لاٿ ڪئي وئي، جنهن جي نئين قيمت 244 رپيا 44 پئسا ٿي وئي آهي، لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 43 رپيا في لٽر واڌ ڪئي وئي، جنهن جي نئين قيمت 191 رپيا 75 پئسا وصول ڪئي ويندي، گاسليٽ هڪ رپيو 67 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن جي نئين قيمت 199 رپيا 44 پئسا ڪئي وئي آهي. لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 43 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو، جيڪو هاڻي في ليٽر 191 رپيا 75 پئسا ۾ ملي سگهندو. ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي نين قيمتن بابت نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزارت مطابق پيٽروليم اسمن جي اگهن ۾ ڪيل ڦير گهير تي نيون قيمتون رات 12 بجي کان لاڳو ٿي ويون آهن. واضح رهي ته اوگرا پنهنجي موڪليل سمري ۾ پيٽرول 15 رپيا في لٽر سستو ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي، جڏهن ته ڊيزل جي اگهه ۾ 7 رپيا ۽ گاسليٽ جي قيمت ۾ 2 رپيا گهٽتائي جي تجويز ڏني وئي هئي.
هي اهي ساڳا حڪمران آهن جيڪي اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ مهنگائي خلاف مارچ ڪندا هئا. هاڻي مهانگائي ۾ اڳوڻي حڪومت ۾ به مات ڏئي رهيا آهن. ان مان او ئي ثابت ٿئي ٿو ته عوام حڪمرانن جي ايجندا جو حصو ناهي. هنن وٽ حل صرف هڪڙو آهي، اهو آهي آ ايم ايف. اهو ئي سبب آهي جو آ ايم کان قرض ملڻ کي به حڪمران وڏو اعزاز سمجهن ٿا.
ان سلسلي ۾ خبرون اهي آهن ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ قرض لا معاهدي جي راهه ۾ سموريون رڪاوٽون ختم ٿي ويون، پاڪستان آءِ ايم ايف کي معاهدي جو خط موڪلي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي آءِ ايم ايف فراهم ڪيل ڊيٽا جو جائزو وٺندو. ناڻي واري وزارت مطابق خط جو جائزو وٺڻ بعد آءِ ايم ايف جلد ئي معاهدي جو حتمي مسودو پاڪستان موڪليندو ۽ جائزي بعد وقتي گورنر اسٽيٽ بئنڪ ۽ ناڻي وارو وزير حتمي مسودي تي صحيح ڪندا. ذريعن موجب آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس 29 آگسٽ تي ٿيڻ جو امڪان آهي. ٻئي طرف سعودي عرب 3 ارب ڊالر سيف ڊپازٽ جي مدي ۾ ڊسمبر 2023 تائين واڌ جي پڪ ڏئي ڇڏي آهي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن مطابق 3 ارب ڊالر جي سيف ڊپازٽ تي 3 سيڪڙو وياج جي شرح لاڳو هوندي، جيڪڏهن پاڪستان جو ڏيوالو نڪرڻ جو خطرو ٿيو ته سعودي کي رقم فوري طور تي واپس ڪرڻي پوندي. ذريعن مطابق سيف ڊپازٽ طور جمع ڪيل رقم ڪنهن به مقصد لاءِ خرچ نه ڪري سگھبي. ٻئي پاسي ناڻي بابت مملڪتي وزير عائشا غوث پاشا چيو ته سعودي عرب کان 10 مهينن ۾ هڪ ارب ڊالر ادائيگي تي تيل ملندو، پاڪستان ۽ سعودي وچ ۾ ڀائپي وارا لاڳاپا آهن، سيف ڊپازٽ لاءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ جلد معاهدو ٿي ويندو. هوڏانهن ان حوالي سان ناڻي واري وزارت جي سيڪريٽري حامد يعقوب شيخ پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي چيو ته سعودي حڪومت پاڪستان کي خاطري ڪرائي آهي ته پاڪستان کي هن وقت پرڏيهي ذريعن کان ملندڙ رقم جي سخت ضرورت آهي، جنهن جو ڪارڻ پرڏيهي ناڻي جا تيزي سان گهٽجندڙ ذخيرا آهن، واضح رهي ته هن وقت پاڪستان جا پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا جا ذخيره 14 ارب ڊالر جي سطح کان به هيٺ ڪري چڪا آهن.
اسان سمجهون ٿا ته هن مهل حڪمران جن معاشي پاليسين تي عمل ڪري رهيا آهن اهي آ ايم ايف جا ئي طئي ٿيل آهن. آ ايم ايف جو ڪردار ڪهڙو آهي، ان جو اندازو ان خلاف دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ٿيندڙ عوامي احتجاجن مان ڪري سگهجي ٿو. آ ايم ايف هڪ عوام دشمن عالمي مالياتي ادارو آهي. هتان جا حڪمران وري ويٺا ئي آ ايم ايف جي آسري ۾ آهن، ان مان اهو ئي واضح ٿئي ٿو ته حڪمرانن وٽ پنهنجي ڪابه معاشي پاليسي ڪانهي. اسان سمجهون ٿا ته اها مڪمل طور عوام مخالف ايجنڊا آهي. ملڪ جي عوام کي پوري طرح آ ايم ايف جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. اسان جو حڪمرانن کان مطالبو آهي ته هو فوري طور آ ايم ايف جي عوام مخالف ايجنڊا تي عمل ڪرڻ بند ڪري عام ماڻهن کي رليف فراهم ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button