ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

1967ع واري ۽ موجوده پيپلز پارٽي

Editorial-Article- Mustafa Rajpar

1967ع ۾ ملڪ ۾ ايوب خان جي خلاف تحريڪ زورن تي ھئي. ان ۾ کاٻي ڌر وارن جو وڏو ڪردار ھيو. ھر طرف سوشلزم جو نعرو گونجي رھيو ھيو. ان ڪري جڏھن پيپلزپارٽي جو بنياد وڌو ويو تڏهن سوشلزم جو نعرو هنيو ويو. هارين ۽ مزدورن کي معاشي برابري جو خواب ڏيکاريو ويو. ان سبب ان وقت جي عوام پيپلزپارٽي کي ڀرپور موٽ ڏئي پنهنجو مستقبل پ پ جي چونڊيل نمائندن حوالي ڪيو. سنڌ جو زرعي معاشرو به دنيا جي ٻين زرعي معيشتن جهڙو ئي آهي ان ۾ ھر وقت اصلاح جي ضرورت آھي. ان ڪري سوچيو ويو ته ايراضي بابت اصلاح ڪري حد ملڪيت گھٽائي وڃي.

جڏهن جاگيردارن عوامي مقبوليت کي ڏٺو ته انهن پيپلز پارٽي جو رخ ڪيو ۽ انهيءَ تي قابض ٿي ويا. 1972ع ۾ نهري زمين جي حد ملڪيت 150 ايڪڙ ۽ باراني زمين جي حد ملڪيت 300 ايڪڙ مقرر ڪئي وئي. پر وڏن جاگيردارن کان زمينون نه کسيون ويون. ڇو جو اهي پيپلز پارٽي جو حصو ٿي چڪا هئا. سرڪاري زمينون به اثر رکندڙ ماڻهن، رياستي نمائندن ۽ ڪارندن کي ڀڳڙن جي مٺ ڏنيون ويون. انهيءَ وقت ۾ ڀٽي صاحب نعرو هنيو ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي پر حقيقت ۾ طاقت جون واڳون جاگيردار ۽ سرمائيدار طبقي جي هٿن ۾ هنيون. غريب عوام سان هڪ اهڙو خوبصورت واعدو ڪيو ويو جيڪو ڪڏهن وفا نه ٿيو.
1977ع ۾ هڪ دفعو وري زرعي ايراضي بابت اصلاح ڪيا ويا. ان ۾ ايراضي جي حد 100 ايڪڙ نهري ۽ 200 ايڪڙ باراني مقرر ڪئي وئي. پر ان وقت تمام گهڻي دير ٿي چڪي هئي. جاگيردار طبقي محسوس ڪيو ته متان غريب جاڳي پون، انھن جو زور وڌي وڃي ۽ متان انهن جون زمينون کسجي وڃن، سو اهي سازشون ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا. تاريخ شاھد آهي ته 6 مهينن اندر پيپلز پارٽي جي اقتدار کي ختم ڪيو ويو. ان مهل جاگيردار طبقي جي فتح ٿي. انهيءَ سال 1977ع ۾ پاڪستان جي وفاقي شريعت ڪورٽ زرعي ايراضي بابت ٿيل اصلاحن کي غير شرعي قرار ڏنو. جاگيردار طبقو پنهنجي مستقبل جي مفاد کي نظر ۾ رکندي ڀٽي صاحب کان به نظرون ڦيرايون. 1988ع ۾ جڏهن بينظير صاحبه حڪومت ۾ آئي ته ان وقت به جاگيردار طبقو روايتي انداز سان ٻيھر پيپلز پارٽي سان چنبڙي بيهي رهيو.
موجوده پيپلز پارٽي کي ڏسجي ته ان ۾ پير مير، سردار، ڊنگ ڀوتار، وڏيرا، سرمائيدار، ڪامورا شامل آهن. ڪشمور کان ڪراچي تائين هر ضلعي ۾ پيپلز پارٽي ۾ صرف جاگيردار آهن ۽ اهي ماڻهن کي پنهنجو ذاتي ووٽ بئنڪ سمجهندا آهن. پيپلز پارٽي انهيءَ ڳالهه کي سمجهي چڪي آهي ته ماڻهن کي خوابن جي دنيا ۾ رکبو پر انهن کي معاشي طور آزاد نه ڪبو. هڪ غريب خاندان جيڪڏهن ڪنهن جاگيردار جي زمين تي هارپي ۾ ويٺل آهي ته اهو پنهنجي مالڪ جي اجازت کان سواءِ ڪا خوشي به نٿو ڪري سگهي ته ھو ووٽ ڪيئن ڪنھن ٻئي کي ڏيندو. ھن وقت پيپلز پارٽي هڪ منظم سوچ ذريعي انهيءَ جاگيردار طبقي جي نمائندا سياسي پارٽي آهي. غريبن جو استحصال جاگيردار طبقي کي مضبوط ڪندو آهي ۽ پيپلز پارٽي انهيءَ استحصال کي قائم ۽ دائم رکيو ويٺي آهي.

سنڌ ۾ روشن خيال دوستن جي وچ ۾ ڳانڍاپو وڌي رهيو آهي ۽ اها ڳالهه محسوس ٿي رهي آهي ته هاڻي غريب، مسڪين، ڪمزور ماڻهن جي نمائندگي ٿيندي. زرعي ايراضي بابت ڪيل فيصلن تي وري نظرثاني ڪرائجي ۽ ماڻهن کي معاشي آزادي طرف وٺي وڃجي. تبديلي اڻٽر آهي ۽ اها تيزي سان اچي رهي آهي ۽ سنڌ جو مستقبل جاگيردارن سان مهاڏو اٽڪائڻ لا تيار ٿي رھيو آهي. ھاڻي انهن جي سامهون ڪنڌ جهڪائڻ جو دور ختم ٿيڻ طرف وڃي رھيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button