“جڏهن ڪڏھن سنڌڙي توکي ڪنڌاران جوکو” گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان هُو ديس جي ان لوڪ فهم واري اڳڪٿي تي سوچي رهيو آهي. ڇو ته جڏھن جڏھن به سندس ديس مٿان ڪنهن خطري جا ڪي نوان امڪان لامارا ڏيڻ لڳندا آهن ته آشرم جي سمورن سنگين جي ڪيفيت سوا گهڙي لاءِ حال مان نڪري ماضيءَ جي سار ۾ سوچڻ لڳندي آهي. جيتوڻيڪ هونئن ته آشرم ۾ گهڻو تڻو فقط “لمحو” ئي َ:جاودان رهي ٿو، اهو لمحو جنهن بابت ساڌو جو اهو درس ڏنل آهي ته:
بس انهي پل ۾
۽ اندر اجهل ۾
جوئي آهي، سوئي آهي
جيڪي گذريو
سو مٽي ٿيو
ايندڙ صبوح امڪان ۾….!!
ڄڻ تِير ڪو ڪمان ۾!!
پر معروض جا اثر به ته عجيب هوندا آهن، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو کان حال کسي وٺندا آهن. اڄڪلھه به ڪجھه اهڙي ئي صورتحال آهي، جيڪا آشرم جي سنگين کي ان گذريل لمحي ۾ وٺي وئي آهي جڏهن ڪنھن به محڪوم ديس جا انقلابي عشاق، پکن جي پريت سندو پِڙ ملهائڻ لاءِ وري “رڻ – راڙي” لاءِ سِر سينگارڻ لڳندا آهن. سو اڄڪلهھ به ڪنهن اهڙي ئي امڪان جي شفق ڇانيل ڏسندي، ساڌو هن ڏانهن ڏسي چوڻ لڳو:
“سهڻا! اهڙا ئي ته ڏينهن هئا، جڏهن اوهين پهريون ڀيرو آشرم ۾ آيا هئا ۽ اوهان جي هٿ ۾ تاريخ جو هڪ ڪتاب هو. تاريخ جو اهو ڪتاب، جنهن بابت توهان ٻڌايو پئي ته ان ڪتاب ۾ پنهنجي وطن جي دفاع جي ويڙهه جا اهي سمورا باب موجود آهن جيڪي ٻڌائين ٿا ته هن ديس ڪهڙيون ڪهڙيون جنگيون وڙهيون ۽ انهن مان ڪيتريون کٽيون ۽ ڪيتريون هارايون. ۽ پوءِ جڏهن ويهي حساب ڪيو هوسين ته هارايل جنگين جو تعداد وڌڻ لڳو هو. جنهن کان پوءِ اوهان اهو ڪتاب هڪ شام جو ندي حوالي ڪري آيا هئا ۽ جڏهن توهان کان ان جو سبب پڇيو هوسين ته توهان چيو هو:
ڳالهه ته هڪڙي اکر ۾ ئي سمجهه ۾ اچي ويندي آهي. جن کي پنڌ ڪرڻو هوندو آهي سي ان هڪڙي اکر جي اڳواڻي ۾ ئي ڪاهي هلندا آهن، باقي جن کي ويهي رڳو قصا ڪرڻا هوندا آهن، سي پيا پنن مٿان پنا اٿلائيندا آهن. تنهن ڪري آئون هاڻ پنن اٿلائڻ بدران پيرن واري پنڌ سان اتهاس جي شناسائي چاهيان ٿو. اهي پير جيڪي اکيون ڪري عجيبن ڏانهن ڏوربو آهي ۽ جيڪي ڏوريندا آهن، تن کي اوس ڏس ملندو ئي ملندو آهي.
۽ پوءِ ساڌو اڳتي پُڇيس:
ته پوءِ ڀلا ڏيو خبر توهان کي پنهنجي پنڌ دوران ڪو ڏس پتو مليو يا نه؟”
ساڌو جي ڳالهه پوري ٿي ته هن ورندي ۾ هيئن چوڻ شروع ڪيو:
” مالڪ!! توهان جي ئي ڏسيل پنڌ ۾ هئاسين ته هڪ منزل تي ڪنهن پانڌي ُسنگ کي هيئن پئي سمجهايو:
- هيستائين جيترا به علم دريافت ٿي سگهيا آهن، تن سڀني کي حيرت ڄڻيو آهي. اها سرد لڱن واري حيرت، جنهن جي ڪنوارين اکين ۾ جڏھن ڪنھن کوج جي کنوڻ کِجندي آهي ته ان جي بطن ۾ ڄميل اٿاهه اونداهي جي برف مان راهنما روشني جا جهرڻا ڦٽي نڪرندا آهن.
ياد رکو!! جيڪو علم ٻين کي متاثر ڪرڻ يا پاڻ پڏائڻ خاطر حاصل ڪيو وڃي ٿو اهو علم نابين هوندو آهي ۽ اجاين بحثن جي بَن ۾ ڀٽڪندو رهجي وڃي ٿو پر جيڪو علم لامحدود لئولاڪ جي وسعتن جو سير ڪرڻ لاءِ حاصل ڪجي ٿو، تنهن ۾ چوراسي چنڊن کان به وڌ سُهائي هوندي آهي. هيستائين جيترو به ڄاڻجي چڪو آهي يا اڳيان جيترو به ڄاڻجي سگهبو، تنهن سموري ڄاڻ کي اول آخر ننڊ لامحدود جي جهولي ۾ ئي اچڻي آهي. بهرحال ايترو ضرور آهي ته هر روشني اجهامڻ کان اول پنهنجو ورثو هڪ اونداهي پل جي حوالي ڪري وڃي ٿي. ها اها اونداهي، جنهن جو لباس روشني آهي، سا هيستائين ڪيترا سج اوڍي چڪي آهي؟ تنهن جو علم ستارن جا ماهر ماڻي سگهيا آهن يا نه پر جنهن پهريون ڏيئو ٻاريو هو، تنهن چون ٿا ته وِديا جي وَٽ سوريندي اهو پئي چيو ته:
“هن ڌرتي تي جيستائين پاڻي موجود آهي ۽ ڪنول ٽڙڻ جو سلسلو باقي آهي تيستائين توهين سج جو جنم ڦيرو نٿا ڳڻي سگهو ۽ نه ئي توهان کي ان جي ُسُڌ رهندي ته جنهن لمحي توهين سج جي ڄمار شمار ڪري رهيا آهيو، تنهن لمحي ڪيترا نوان سج جنم وٺي چڪا هوندا!! ممڪن بس ايترو ئي آهي ته اوهين پنهنجي حصي جي اونداهي ۽ روشني ۾ رهو ان ڪنول سان گڏ، جيڪو هن ڪائنات جي هر نئين جنم ۾ اوس ڦُٽڻو ۽ جُهومندو ئي رهڻو آهي.” - جنگ جي علم تي ڳالهائڻ ۽ جنگ جي ميدان ۾ لهڻ ٻه الڳ شيون آهن. توهان هيستائين جنگيون ان ڪري نه کٽي سگهيا آهيون جو توهان وٽ سالار گهٽ ۽ جنگ جي علم جا شارح گهڻا رهيا آهن. هنن ڀَٽن ۽ ڀانن کان ويندي ويجهي ماضي ۾ عالمي جنگين جون ڪهاڻيون لکندڙ ۽ ٻڌائيندڙ تاريخ جي شارحن بدران جيڪڏهن توهين انهن سان گڏ هلو ها، جن پنهنجي عشق جي امانت هر دور جي جلاوطنين جي جُوءِ ۾ پالي سنڀالي رکي ته توهان کي گدڙ ۽ شينهن جو فرق ڪڏهوڪو سمجهه ۾ اچي وڃي ها. تنهن ڪري هن ديس کي هاڻ ان قافلي جي ضرورت آهي، جنهن ۾ بهادري ۽ ڏاهپ هڪ ٻئي کي هٿ ۾ هٿ ڏيئي اڳتي هلن. هن کان اڳ ديس جي قافلن ۾ ڪٿي بهادري اڳيان رهي آهي ته ڪٿي ڏاهپ. نتيجي طور وچ ۾ جيڪا وٿي پيدا ٿي، تنهن جو فائدو سدائين انهن گدڙن پئي ورتو، جيڪي رات جي اونداهي ۾ واڙ ٽپي ٿي آيا. ۽ گدڙن جي اهڙي حملي تي گڏجي ويچارڻ بدران بهادري ۽ ڏاهپ هڪ ٻئي سان اٽڪنديون رهيون. هاڻ اها وٿي ختم ڪرڻي پوندي.
- محبت ڪڏهن به اجائي نه ويندي آهي. جيڪي ڪنهن به حجاب يا ذميواري جي نباهه سبب مهل سان پنهنجو پيار اظهاري نه سگهندا آهن، تن کي به اهو پتو هجڻ گهرجي ته جن سان اوهين محبت ڪيو ٿا، تنهن تائين اوهان جي اڻ اظهاريل احساس کي ٻيو نه ته هوائون ضرور پهچائينديون آهن. اهو ان ڪري جو هوا جنم ئي عشق جي ساهه مان ورتو آهي. ها، عشق جو اهو ساهه، جيڪو پهريون ڀيرو ٻرندڙ جبل جي لاوي جيان سوز سان ڀرپور سيني مان ڦُٽي نڪتو. پر عجب وري اهو آهي جو ان شعلي نما ساهه کي سڏيو وري ٿڌو ساهه وڃي ٿو.
سو ياد رکو!! جڏهن اوهين ڪنهن جي ياد ۾ ٿڌو ساهه ڀريندا آهيو ته ان ساهه ۾ سمايل سموريون حڪايتون هوائون انهي گهٽي تائين کڻي پهچائينديون آهن جيڪا اوهان جي مطلوب جي گهر جي گهٽي چوائي ٿي. اها گهٽي جيڪا عشق جي چئجي يا انقلاب جي، ڳالهه مڙئي ساڳي آهي.
ايئن هِن جي ڳالهه اڃان جاري ئي هئي ته ساڌو چيو:
بس سهڻا!! اڄ جي لاءِ ايترو ڪافي آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن ڳالهه محبوب جي گهٽي تائين پهچي چڪي هجي ته اڳيان ٻيو قصو وري ڪنھن ٻي ڀيري لاءِ ڇڏڻ گهرجي.
ايئن چئي ساڌو بئنجي جون تارون ڇڪيون ۽ چوڏسائن ۾ هي آلاپ گونجڻ لڳا:
وري ديس دودي کي ساري پيو
ڪنهن دولهه جو رستو نهاري پيو
وري رُوپلي جون يادون وريون
اڃان ڇو نه ڏونگر ۾ باهيون ٻريون
وري ڪائي سِرگهور ٽَهي ٿي کپي
وٽيون وِه گاڏڙ پيئي جا نَچي
اها مست الست وَهي ٿي کپي
اهو ان ڪري جو پري کان وري
سنڌڙي کي ڪنڌاران للڪار آهي
ڌارين، غدارن جي، دُکي ديس ڏانهن
ڪاهه و ڪاهه آهي
وارو وار آهي
انهي لاءِ اڳي کان به اڳتي گهڻو
وري ديس دودي کي ساري پيو!!
ڪنھن دولهه جو رستو نهاري پيو!!
۽ هن سوچيو ته ڇا واقعي به دودي ۽ دولهه جا نوان رُوپ ورڻا آهن!؟