ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حڪومت عوام کي رليف ڪڏهن ڏيندي؟

Editorial

هاڻوڪي حڪومت وٽ عوام لاءِ رڳو هڪ ئي پيغام آهي ته مشڪل فيصلا ڪرڻا پوندا، جن لاءِ عوام تيار رهي. پي ڊي ايم جي قائم ڪيل حڪومت کي اها خبر هئڻ گهرجي ته جڏهن به ڪي فيصلا ڪيا ويا آهن ته اهي عوام مٿان ئي ڪڙڪندا آهن. انهن فيصلن جي ڪري عوام ئي ڀوڳيندو آهي. هر اها مصيبت يا مشڪل جيڪا حڪمرانن کي کڻڻ گهرجي، اها عوام ئي برداشت ڪندو آهي. ڪجهه مهينن کان قائم ٿيل حڪومت لاڳيتو عوام دشمن دشمن فيصلا ڪري پنهنجي ساک وڃائي رهي آهي. اها عوام جي بدقسمتي آهي جو هر گذريل حڪومت موجوده حڪومت جي ڀيٽ ۾ بهتر هوندي آهي. حڪومت پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ڪري هڪ ڀيرو وري عوام جي مٿان مهانگائيءَ جو بم ڪيرائي ڇڏيو آهي. جنهن جي ڪري نه رڳو عوام پريشان لڳو پيو آهي پر عوام مهانگائيءَ جو ايترو بار برداشت ڪرڻ جي قابل ناهي. ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ڪو به اهڙو فيصلو نه ڪري رهيو آهي، جنهن سان عوام کي رليف ملي سگهي پر هو لاڳيتو مهانگائي وڌائڻ ۽ عوام دشمن فيصلا ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي حڪومت جو بچاءُ ڪري رهيو آهي. تازو جڏهن تيل جون قيمتون وڌايون ويون ته ان کان اڳ ۾ اهي خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته حڪومت تيل جي اگهن ۾ گهڻي گهٽتائي ڪري ڇڏيندي پر حڪومت ته لڳ ڀڳ 7 روپيا في ليٽر تيل جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏيو آهي. جنهن تي آصف زرداري ۽ مريم نواز جو ردعمل پڻ سامهون آيو آهي.
اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ (ن) ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز تيل اگهن ۾ واڌ کي رد ڪندي ان تي شديد تنقيد ڪئي آهي. رپورٽ مطابق اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وفاقي حڪومت طرفان تيل اگهن ۾ واڌ واري فيصلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وفاقي حڪومت پيٽرول ۾ پوڻا 7 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي آهي، جنهن تي (ن) ليگ جي قيادت توڙي حڪومت جي اتحادين ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. حڪومت جي اتحادي جماعت پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت جو حصو آهي ۽ گڏ آهي، اهڙي قسم جي فيصلن تي صلاح مشورو ڪرڻ گهرجي ها. هن چيو ته اسان سڀ هن حڪومت ۾ عوام کي رليف ڏيڻ آيا آهيون ۽ عوام کي رليف ڏيڻ ئي اسان جي پهرين ترجيح هئڻ گهرجي. آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته وزيراعظم سان گڏ آهيون ۽ جلد ساڻس ملاقات ڪندس جنهن ۾ معاشي ٽيم بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. هوڏانهن نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو آھي. ھڪ نوجوان پاران ٽوئٽ تي جواب ڏيندي مريم نواز چيو تھ ميان صاحب ھن فيصلي جي سخت مخالفت ڪندي ايتري تائين چئي ڇڏيو تھ مان ھڪ پئسي جو بھ بار عوام تي وجھي نٿو سگھان ۽ جيڪڏھن حڪومت جي ڪا مجبوري آھي تھ ان فيصلي ۾ مان شامل ناھيان ۽ ميٽنگ ڇڏي هليو ويو.

جڏهن ملڪ ۾ ڊالر جو اگهه به ڪري رهيو آهي ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه به گهٽجي رهيا آهن ته اهڙي وقت ۾ تيل جون قميتون وڌائڻ جو ڪهڙُو جواز آهي ۽ ڪهڙي ريت عوام جي مٿان اهو بار وجهي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي ڪا کوٽ ڪانه لڳي پئي آهي ۽ نه ئي حڪومت مهانگي اگهه تي تيل خريد ڪري رهي آهي. جيڪڏهن اهي اگهه رڳو آءِ ايم ايف کي خوش ڪرڻ لاءِ وڌايا ويا آهن ته پوءِ ايندڙ وقت ۾ انهن امڪانن کي رد نٿو ڪري سگهجي ته اڃا به اگهه وڌي سگهن ٿا. تنهنڪري حڪومت کي ان پاسي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. ڇا حڪومت لاءِ اها شرم جوڳي ڳالهه ناهي ته ان جا پنهنجا ماڻهو ۽ اتحادي حڪومت جي هاڻوڪي فيصلي کي رد ڪري رهيا آهن. مريم نواز کان وٺي نواز شريف ۽ آصف زرداري تائين ان فيصلي کي ڪنهن به قبول نه ڪيو آهي. تنهنڪري حڪومت کي تيل جا اگهه وڌائڻ واري فيصلي تي سوچڻ گهرجي.
حڪومت هڪ پاسي اها دعويٰ ڪري ٿي ته اها عوام کي رليف ڏيارڻ آئي آهي ته پوءِ اهو رليف عملي طور نظر ڇو نٿو اچي. ان رليف جو فائدو عوام کي ڇو نه پيو ملي. اسين سمجهون ٿا ته هيءَ هڪ عوام دشمن فيصلو آهي، جنهن جي جيتري نه نندا ڪجي سا گهٽ آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته تيل جي وڌايل اگهن وارو فيصلو هڪدم واپس ورتو وڃي ۽ تيل جا اگهه گهٽايا وڃن. ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي گهٽائي وڃي ته جيئن عوام جو جيئڻ سولو ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button