دنيا جا اديب پڙهندڙن لاءِ ڪئين بهترين لکڻيون تخليق ڪندا آهن. تخليق جي ان سفر دوران هڪ پڙهندڙ کي اهو نظر ايندو آهي ته ڪنهن اديب ڇا لکيو آهي پر هڪ اديب جي ذاتي زندگي ڪيئن هوندي آهي، اهو ڪهڙين پيڙائن مان گذري ٿو، ان جو اندازو لڳائڻ ڏکيو هوندو آهي. جيئن آمريڪي ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار هيمنگوي چوندو هو ته لکڻ وقت هن جون آڱريون رت ڳاڙينديون آهن. فرينچ ڪهاڻيڪار موپاسان لاءِ مشهور هو ته هن جي لکڻيءَ ۾ ايتري ته شهوت هوندي هئي جو جنهن پني تي لکندو هو اهو به ڏڪڻ لڳندو هو. اهڙي ريت دنيا ۾ جيڪي به اديب ٿي گذريا آهن يا موجود آهن. اهي پنهنجي مزاح جي حس جي ڪري گهڻا مشهور رهيا آهن. انهن جون مشڪريون به ادب جو حصو ٿي وينديون آهن. اهي ننڍا قصا انهن جي زندگيءَ جا حسين لمحا هوندا آهن. جن ۾ اهي ڪنهن کي ڪو جملو هڻي يا ٽوڪ ڪري ويندا آهن. اڳيان هلي جڏهن انهن ڳالهين کي پڙهڻ جو موقعو ملي ٿو ته ماڻهو کل روڪي نه سگهندو آهي.
مرزا غالب جتي اردو جو بي مثال شاعر رهيو آهي، اتي هو پنهنجي مزاح جي ڪري به گهڻو مشهور هوندو هو. مرزا غالب شراب پيئڻ جو شوقين هو. تنهنڪري هن جو گذارو شراب کان سواءِ ممڪن ڪونه هو. هڪ ڏينهن شام ڌاري غالب کي شراب نه ملي سگهيو، سو نماز پڙهڻ هليو ويو. ايتري دير ۾ سندس هڪ شاگرد آيو، کيس خبر پئي ته مرزا کي اڄ شراب ڪون مليو آهي. تنهنڪري هو مسجد وڃي نڪتو ۽ اتي هن کيس بوتل ڏيکاري. مرزا غالب وضو ڪرڻ کان پوءِ مسجد مان نڪرڻ لڳو ته ڪنهن چيو. هي ڇا، بنا نماز پڙهڻ جي وڃين پيو. مرزا غالب جواب ڏنو. جنهن شيءِ لاءِ دعا گهرڻي هئي، اها ته هونئن ملي وئي.
جگر مراد آبادي اردو جو بهترين شاعر رهيو آهي. هڪ ڀيري سندس شعر جي واکاڻ ڪندي ڪنهن چيو ته سائين فلاڻي غزل جي فلاڻي شعر کي مون ڇوڪرين جي هڪ ميڙ ۾ پڙهيو. آئون ذري گهٽ مار کائڻ کان بچي ويس.
جگر صاحب کلڻ لڳو ۽ چيائين، پيارا ان شعر ۾ ضرور ڪا کوٽ هوندي نه ته تون ضرور موچڙا کائين ها.
اردو جي مزاح نگار پطرس بخاريءَ جو جملي ڪسڻ جو پنهنجو انداز هوندو هو. اها ڳالهه سندس لکيل مضمونن مان به ظاهر ٿئي ٿي. جڏهن هڪ اعليٰ عهديدار هن وٽ آيو ته هن کيس ويهڻ لاءِ چيو. اهو ٻڌي ان عهديدار کي ائين محسوس ٿيو ته ڪجهه نامناسب رويو پيو رکيو وڃي. تنهنڪري هن پطرس بخاري کي چيو آئون واپڊا واري کاتي ۾ آهيان.
ان تي پطرس بخاري چيو ته پوءِ توهان ٻن ڪرسين تي ويهي رهو.
جوش مليح آبادي وڏي وقت تائين شاعري وسيلي پنهنجو پاڻ مڃائيندو رهيو پر هڪ وقت اهڙو به آيو جو هن غزل لکڻ ڇڏي ڏنو. هڪ سفر دوران يونس سليم جوش مليح آباديءَ کان پڇيو ڇا ٿيو آهي، توهان اڄ ڪلهه غزل ته ڪونه پيا لکو پر غزل جي مخالفت ڪري رهيا آهيو، جڏهن ته شروع ۾ توهان پاڻ بهترين غزل لکندا رهيا آهيو. ان تي جوش کيس جواب ڏنو. ننڍپڻ ۾ آئون ڪپڙن کان آجو هوندو هئس، ڇا ساڃاهه اچڻ کان پوءِ به ائين ڪپڙن بنا رهان؟
ڪنور سنگهه بيدي دهليءَ ۾ آنريري ماجسٽريٽ هو ته پوليس وارا هڪ شاعر کي چوريءَ جي الزام ۾ گرفتار ڪري آيا، ڪنور صاحب شاعر کي سڃاڻندو هو. هن مرڪي چيو ته ادا هن کي ڇو جهلي آيو آهيو، هيءَ چور ڪونهي پر “شعر چور” ضرور آهي.
اردو جي ناليواري افسانه نگار سعادت حسن منٽو سان جيڪي ڪجهه هن سماج ڪيو، اهو ڪنهن کان ڳجهو ناهي. هن جي افسانن کي جواز ٺاهي، هن تي ڪيس ڪيا ويا ۽ هو اڪيلي سر اهي ڪيس وڙهندو رهيو.
جڏهن منٽو جو افسانو “بو” تي ڪجهه بااخلاق ماڻهو ٽپا ڏيڻ لڳا ۽ معاملو عدالت تائين پهچي ويو ته هڪ اديب منٽو کي چيو:
لاهور جي ڪجهه سرگرم ڀنگين اربابِِ عدالت کان شڪايت ڪئي آهي ته توهان هڪ افسانو “بو” لکيو آهي، جنهن جي بدبوءِ پري پري تائين پکڙي وئي آهي.
منٽو مرڪي جواب ڏنو:
ڪا ڳالهه ناهي، آئون هڪ افسانون “فينائل” لکي انهن جي شڪايت ختم ڪري ڇڏيندس.
اردو افساني جو هڪ ٻيو نالو راجندر سنگهه بيدي به گهڻو مشهور رهيو آهي. هن کي غالب جي شاعري گهڻي ياد هوندي هئي. هو منٽو جو به دوست هو. هڪ ڀيري سعادت حسن منٽو بيديءَ کي خط لکيو ته بيدي توسان مسئلو اهو آهي ته تون لکڻ کان اڳ ۾ سوچيندو آهين، لکڻ وقت به سوچيندو آهي ۽ لکڻ کان پوءِ به سوچيندو آهين.
ان تي بيدي جواب ۾ منٽو کي لکيو:
منٽو تو سان مسئلو اهو آهي ته تون نه لکڻ کان اڳ ۾ سوچيندو آهين ۽ نه لکڻ وقت سوچيندو ۽ نه ئي لکڻ کان پوءِ سوچيندو آهين.
جگن ناٿ آزاد پهريون ڀيرو پاڪستان آيو ته نقوش جي ايڊيٽر محمد طفيل هن جي اعزاز ۾ هڪ دعوت رکي، جنهن ۾ احترام طور رڳو ڀاڄيون رکيون ويون هيون. ماني ختم ٿيڻ کان پوءِ جگن ناٿ طفيل کي چيو ته:
جيڪڏهن توهان کي ڀاڄيون ئي کارائڻيون هيون ته پوءِ توهان کي پاڪستان ٺاهڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟
ائين ڪئين اديب آهن، جن جون ڳالهيون ۽ واقعا قلم بند ڪيا ويا آهن يا وري اهي قصا انهن جي دوستن جي واتان ٻڌا ويا آهن. ان ڪري ڪو اديب ڪيترو به سنجيده ڇو نه لکندو هجي، ان جي زندگيءَ ۾ ڪي نه ڪي اهڙا واقعا هوندا آهن، جن وسيلي هو پنهنجي مزاح واري حس کي پيش ڪندو آهي. جيئن ته اهي تخليقڪار هوندا آهن، ان ڪري انهن کي موقعي جي مناسبت سان ڳالهه ڪرڻ يا فقرو بيان ڪرڻ جو فن ايندو آهي. پر ان ڳالهه کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته انهن جي زندگي ڪيترن ئي ڏکن ۽ تڪليفن سان ڀريل هوندي آهي. انهن تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ اهي ان قسم جون ڳالهيون ڪندا رهندا آهن. جن کي اديبن جون ڳالهيون چيو ويندو آهي، جن جو اظهار اهي پنهنجي دوستيءَ جي حلقن ۽ انهن ماڻهن سان ڪندا آهن، جن جي آڏو اهي ڪا ڳالهه ڪرڻ جي قابل هوندا آهن. مٿي جيڪي ڳالهيون مون بيان ڪيون آهن. ان لاءِ اردو جي هڪ ڪتاب “اديبون ڪي لطيفي” مان مدد ورتي وئي آهي. جنهن کي نارنگ ساقي ترتيب ڏنو هو.