ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جي ادارن خلاف مهم: مقصد ڇا آهي؟

Editorial-Article- Sharjeel Inam Memon

پهرين آگسٽ 2022ع تي جڏهن بلوچستان ۾ پاڪ فوج جي هيليڪاپٽر جي گم ٿيڻ جي خبر آئي ته سڄي ملڪ ۾ ڳڻتي جي لهر ڊوڙي وئي. سڄي پاڪستاني قوم هيليڪاپٽر ۾ سوار پاڪ فوج جي اعليٰ آفيسرن جي خيريت جي لا اهڙي ريت دعائون گهري رهي، جهڙي ريت ڪو پنهنجي پيارن جي لا دعا ڪندو آهي. صرف پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آ ) جا ڪارڪن ۽ حامي ئي هئا، جيڪي هن واقعي جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي انتهائي سنگدلاڻي، سفاڪي واري، شرمناڪ ۽ نفرت انگيز مهم هلائي رهيا هئا. پاڪ فوج جي خلاف پي ٽي آ جي هي مهم ان وقت وڌيڪ تيز ٿي وئي، جڏهن ٻئي ڏينهن اها خبر آئي ته هيليڪاپٽر ۾ سوار سڀ آفيسر شهيد ٿي ويا آهن.
پاڪستان جي تاريخ ۾ ائين ڪڏهن به ناهي ٿيو، جو ڪنهن سياسي پارٽي، فوج ۽ ٻين رياستي ادارن جي خلاف کلي ريت اهڙي منظم مهم هلائي هجي. ملڪ دشمن ۽ عليحدگي پسند تنظيمون به ائين نه ڪنديون آهن. ڪو ماڻهو رڳو اندازو ئي ڪري سگهي ٿو ته هن انتهائي ڪريل مهم سان شهيدن جي غم ۾ وڪوڙيل پونئيرن کي ڪيتري تڪليف پهتي هوندي. اهو ئي سبب آهي جو پاڪ فوج جي ترجمان هن مهم تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو ۽ حڪومت مهم هلائڻ وارن ۽ ان جي سرپرستن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
پي ٽي آ جي قيادت اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن مهم سان انهن جو ڪو تعلق ناهي، ۽ اهو ته هي عوامي ردعمل آهي. ان کان پهرين به مخالف سياسي اڳواڻن سان ملڪ اندر ۽ ٻاهر بدتميزي جي مختلف واقعن جي باري ۾ پڻ پي ٽي آ جي قيادت اهو تاثر ڏيندي رهي آهي ته انهن واقعن سان پي ٽي آ جو ڪنهن به قسم جو ڪو تعلق ناهي ۽ اهو عوامي ردعمل جو نتيجو آهي. پر مسجد نبوي (صلعم) ۾ پيش ايندڙ واقعي اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته هن نموني جا واقعا ته پي ٽي آ جي منظم مهم جو حصو آهن. حرم نبوي صلعم جي تقدس جي پائمالي، اتي هنگاما آرائي ۽ بدتميزي ڪرڻ وارن کي جڏهن سعودي عرب جي حڪومت گرفتار ڪريو ته معلوم ٿيو ته اها بدتميزي ڪرڻ وارا پي ٽي آ جا ئي ڪارڪن آهن ۽ اهو ته ان واقعي جي رٿابندي ڪرڻ جي لا امريڪا ۽ برطانيا مان پي ٽي آ جي اڳواڻن کي خاص طور سعودي عرب موڪليو ويو هو ۽ اهو نام نهاد “عوامي ردعمل” ڏيکارڻ جي لا ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا ويا هئا.
بلڪل اهڙي ريت جڏهن لسٻيلي (بلوچستان) ۾ هيليڪاپٽر سان حادثو پيش آيو ته ان کانپو پاڪ فوج جي خلاف هلائي ويندڙ مهم جي باري ۾ تحقيقات ڪئي وئي ته معلوم ٿيو ته اهو پڻ عوامي ردعمل نه آهي، پر اها سڄي مهم پي ٽي آ جي منظم مهم جو حصو آهي. دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف ته انڪشاف ڪيو آهي ته هي مهم پي ٽي آ ۽ ڀارت جو گڏيل پروجيڪٽ هئي. پاڪستان ۾ 529، ڀارت ۾ 18 ۽ ٻين ملڪن ۾ 33 سوشل ميڊيا اڪائونٽس مختلف نالن سان اها مهم هلائيندا رهيا.
هاڻي سمورا راز کلي رهيا آهن ۽ ڪڙيون ڪڙين سان ملي رهيون آهن، عمران خان جي انتهائي ويجهي ۽ اعتماد واري ساٿي شهباز گل جو پاڪ فوج بابت مذمت جي لائق بيان پڻ ان مهم کانپو آيو. ان جو مطلب اهو آهي ته شعوري طور تي ڄاڻي ٻجهي هي سڀ ڪجهه ڪيو پيو وڃي. خود عمران خان جي فوج، عدليه، اليڪشن ڪميشن سميت ٻين رياستي ادارن جي خلاف هرزا سرائي جي باري ۾ پڻ دنيا ڄاڻي چڪي آهي ته اهو احمڪاڻو يا جذباتي ردعمل ناهي، پر هڪڙي سوچيل سمجهيل رٿا آهي. هاڻي اهو راز پڻ پڌري پٽ ٿي چڪو آهي ته عمران خان دنيا جي انهن ٿورن ماڻهن مان هڪ آهي، جيڪو تمام وڏي بجيٽ سان تمام وڏي سوشل ميڊيا مهم هلائيندو آهي ۽ صبح جو اٿڻ سان ئي پنهنجي سوشل ميڊيا ٽيم کي هدايتون ڏيندو آهي ته اڄ ڪهڙو “ٽرينڊ” هلائڻو آهي. سوشل ميڊيا تي هلايو ويندڙ سڀ مواد پڻ عمران خان، بشريٰ بي بي ۽ پي ٽي آ جا ڪجهه ٻيا ماڻهو ڏيندا آهن. ان ڳالهه ۾ ذري برابر به شڪ ناهي رهيو ته ادارن جي خلاف عمران خان، هن جي ساٿين ۽ پروپيگنڊا مشينري طرفان جيڪا به ڳالهه ڪئي وڃي ٿي، اها شعوري رٿابندي ۽ منظم مهم جو حصو هوندو آهي.
تاريخ ۾ اهڙا تمام گهڻا مثال ملن ٿا، جن مان اهو پتو پوي ٿو ته ننڍا ماڻهو جارحاڻي ۽ ڪوڙي پروپيگنڊا جي ذريعي ڪيئن پنهنجو پاڻ کي وڏو ٺاهي وٺن ٿا. روس جي گريگوري راسپوتين کان وٺي موجوده دور جي اڳوڻي امريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي تائين ڪيترن ئي ماڻهن جا ان سلسلي ۾ مثال ڏئي سگهجن ٿا، جيڪي ظالماڻي پروپيگنڊا جي پيداوار آهن. عمران خان پڻ انهن مان ئي هڪ آهي. ڊونالڊ ٽرمپ ۽ مودي پڻ پنهنجي پاڻ کي “هيرو” ٺاهڻ ۽ اقتدار جي حاصلات جي لا هر هٿڪنڊو استعمال ڪيو. انهن پڻ پنهنجي پروپيگنڊا مهم جي ذريعي نفرت پکيڙي ۽ ماڻهن جي جذبات سان کيڏيا. ان ۾ پڻ پنهنجي پروپيگنڊا مهم جي ذريعي اعليٰ اخلاقي قدرن کي پائمال ڪيو. پر انهن جي مهم جو مقصد فقط پنهنجي ذات جي لا طاقت حاصل ڪرڻ هو. انهن ڪڏهن به ملڪي ادارن کي نشانو ناهي بڻايو. عمران خان جي پروپيگنڊا مهم جو مقصد ۽ حدف انهن کان گهڻو وڌيڪ آهي.
عمران خان رياستي ادارن سان گڏ سياسي پارٽين کي پڻ نشانو بڻايو، سياسي جماعتون به ادارن جيان هونديون آهن، جيڪي ملڪ جي سلامتي ۽ استحڪام جي لا ٻين ادارن جيان اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن. تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان جن سياسي پارٽين کي نشانو بڻائي رهيو آهي، انهن سياسي پارٽين مارشل جي خلاف پرامن جمهوري جدوجهد ته ضرور ڪئي، پر نه ته فوج سان جهيڙي ۽ ڇڪتاڻ جو رستو اختيار ڪيو ۽ نه ئي فوج جي خلاف ماڻهن کي ڀڙڪايو، ڇو ته انهن سياسي پارٽين جي قيادت کي ان حقيقت جو ادراڪ آهي ته پاڪستان جون هٿياربند فوجون ئي آهن، جيڪي پرڏيهي جارحيت جي خلاف پاڪستان جو دفاع ڪري سگهن ٿيون. فوج جي اداري کي وڌيڪ مضبوط ٿيڻ گهرجي. عمران خان جي ادارن جي خلاف شعوري ۽ منظم مهم جا خطرناڪ مقصد فارين فنڊنگ ڪيس جي فيصلي کانپو مڪمل طور تي پڌرا ٿي چڪا آهن. فارين فنڊنگ جي باري ۾ هوش اڏائيندڙ انڪشاف سامهون اچي رهيا آهن. فنڊ جمع ڪرڻ وارن جا رابطا ۽ ڌاڳا امريڪي ۽ برطانوي ڳجهن ادارن سان ملي رهيا آهن. هاڻي ته اهو به چيو پيو وڃي ته عمران خان پرڏيهي طاقتن جو ٽين دنيا جي ڪنهن به ملڪ جي خلاف سڀني کان مهانگو “پوليٽيڪل پروجيڪٽ” آهي، جنهن تي اربين ڊالرز خرچ ڪيا ويا. هندستان جي ٽي وي چينلز جا اينڪرز ان ڳالهه تي ته خوش ٿي رهيا آهن ته عمران خان پاڪ فوج ۽ ٻين رياستي ادارن جي خلاف جيڪو ڪم ڪيو آهي، اهو هندستان اربين رپيا خرچ ڪرڻ سان به نه ڪري سگهيو هو. انهن انڊين ٽي وي چينلن جي اينڪرز کي اهو معلوم هجڻ گهرجي ته انڊيا ۽ ٻين ملڪن جي بااثر ماڻهن عمران خان تي اربين رپيان نه پر اربين ڊالرز خرچ ڪيا آهن. جيڪي ماڻهو خرچ ڪري رهيا آهن، اهي به يقيني طور تي ڪو نه ڪو مقصد حاصل ڪرڻ چاهيندا هوندا. بس عمران خان جي رياستي ۽ سياسي ادارن جي خلاف منظم مهم کي ان تناظر ۾ ڏسڻ گهرجي ۽ هاڻي کان ئي ان جو تدارڪ ڪرڻ گهرجي.
**
(ليکڪ سنڌ جو اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ کاتي جو صوبائي وزير آهي.)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button