ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آءِ ايم ايف آڏو مجبور حڪومت

Editorial

معاشي طور پاڻڀرو ٿيڻ لاءِ ضروري آهي ته پاڪستان پنهنجا معاشي فيصلا پاڻ ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪري. ملڪي معيشت جو دارومدار گهڻي ڀاڱي پرڏيهي قرض تي آهي. پر اهو قرض بهتر نموني استعمال نٿو ٿئي. ان ڪري نه رڳو ملڪ تي قرض وڌي ويو آهي پر ان قرض جي ادائيگي ۾ ڏکي ٿي وئي آهي. پاڪستان اڄ به آءِ ايم ايف جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل آهي. اهو ادارو ملڪ کي هر ڀيري اربين ڊالر قرض ڏيندو آهي. جيڪڏهن قرض وسيلي ملڪي معيشت ٺيڪ ٿي سگهي ها ته هن وقت تائين پاڪستان جون معاشي حالتون اهڙيون نه هجن ها، جيڪي نظر اچي رهيون آهن. جيڪڏهن آءِ ايم ايف تي ڀاڙڻو آهي ته پوءِ ملڪ ڪڏهن به پنهنجن پيرن تي نه بيهي سگهندو. ملڪ ۾ بجليءَ جا اگهه وڌائڻا هوندا آهن ته اها به آءِ ايم ايف جي فرمائش هوندي آهي. گئس کان وٺي پيٽرول جي اگهن تائين آءِ ايم ايف مداخلت ڪندو آهي. انهن اگهن جو بار سڌي ريت عوام تي وڌو ويندو آهي. ان کان سواءِ هر حڪومت آءِ ايم ايف جي فرمائش تي جڏهن به چاهي نوان ٽيڪس مڙهي ڇڏيندي آهي. نتيجي ۾ عوام لاءِ مهانگائي وڌي ويندي آهي پر ان جي معاشي حالت بهتر نه ٿي سگهندي آهي. ڪجهه وقت اڳ حڪومت امپورٽ تي پابندي لڳائي هئي. هاڻ وري ان تان پابندي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
حڪومت طرفان امپورٽ تان پابندي هٽائڻ ۽ تماڪ تي 36 ارب رُپيا ٽئڪس لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. واپارين تي لڳايل فڪس ٽيڪس پڻ واپس وٺي ڇڏيو. ناڻي جي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي شرطن سبب لگزري آئيمز تي مڙهيل پابندي هٽائي رهيا آهيون. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مفتاح اسماعيل چيو تھ آءِ ايم ايف چاهي ٿو ته اسان امپورٽ تان پابندي هٽايون، بورڊ اجلاس کان اڳ اها پابندي هٽائڻ جو چيو ويو هو. آءِ ايم ايف جا سمورا شرط پورا ڪري ڇڏيا آهن، 29 آگسٽ تي بورڊ جي اجلاس کانپوءِ قرض ملي ويندو. الله جو شڪر آهي اسان جو پاليسيون ڪارائتيون ثابت ٿي رهيون آهن. مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف جي شرط تي لگزري آئيٽمز تي مڙهيل پابنديون هٽايون وينديون پر وڏين گاڏين تي ڊيوٽيز لڳايون وينديون، جيتريون به ڊيوٽيز آهن، اُنهن تي ٽيڻ تي ريگوليٽري ڊيوٽيز لڳايون وينديون. ناڻي واري وفاقي وزير ٻڌايو ته امپورٽ تي ٽي ڀيرا 400 کان 600 سيڪڙو تائين ڊيوٽي لڳائينداسين، مرسڊيز سميت گاڏين تي وڌيڪ ڊيوٽي لڳائينداسين. ڪسٽمز ڊيوٽي، ريگوليٽري ڊيوٽي ۽ سيلز ٽئڪس لاڳو ڪنداسين. مڪمل تيار ٿيل گاڏين، موبائيل فونز تي واڌو ڊيوٽي لڳائي ويندي. پرس، جوتن سميت ٻين لگزري شين جي امپورٽ تي به واڌو ڊيوٽي لڳائينداسين. سندس چوڻ هو ته ريٽيل ٽئڪس ڪليڪشن 48 ارب مان گهٽائي 27 ڪري ڇڏيو آهي. اميد آهي ته ريٽيل ٽئڪس ڪليڪشن مان 27 ارب رپيا گڏ ڪري وٺنداسين، هاڻي حڪومت نان فنڊيڊ سبسڊي به نه ڏيندي. ناڻي واري وزير چيو ته ٻن مهينن کان امپورٽ ڪنٽرول ۾ آهي. آگسٽ ۾ امپورٽ ۾ 8 سيڪڙو واڌ ٿي. جڏهن ته آگسٽ ۾ امپوررٽ ۾ 19 سيڪڙو تائين لاٿ آئي آهي، جنهن ڪري واپاري خساري ۾ 30 سيڪڙو لاٿ آئي آهي. مفتاح اسماعيل چيو ته 10 لک ٽن ڪڻڪ امپورٽ ڪري چڪا آهيون، کاڄرو تيل ۽ گيهه سميت ٻيون شيون به امپورٽ ڪندا آهيون، اسان جي پهرين ترجيح 23 ڪروڙ عوام آهي.
اها عجيب ڳالهه آهي ته ناڻي وارو وزير چوي ٿو سندن پهرين ترجيح عوام آهي پر هيستائين عوام کي ڪوبه رليف ڪونه ملي سگهيو آهي. جيڪڏهن رڳو آءِ ايم ايف جي شرطن کي پورو ڪرڻو آهي ته پوءِ خزاني واري وزارت جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ سڌي ريت آءِ ايم ايف جو نمائندو ملڪ جي بجيٽ تيار ڪري ۽ هو اچي عوام مٿان فيصلا مڙهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عوام جي مفاد ۾ فيصلا ڪيا وڃن ته جيئن عوام کي رليف ملي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button