ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

21هين صديءَ جي ڏهن ناولن کي مليل ڪلاسڪ جو درجو – I

Editorial-Article-Kaleem Butt

انساني سماج جي جوڙجڪ ۾ ادب جو وڏو اهم ڪردار رهيو آهي. هر دور جي ادب ۾ ڪي اهڙا ڪتاب لکيا ويا آهن جن کي پڙهندي ماڻهو هڪ الڳ جهان ۾ پهچي ويندو آهي. انهي ڪري افسانوي ادب جي حوالي سان لڳ ڀڳ هر ڏهن سالن ۾ هڪ اهڙي فهرست جوڙي ويندي آهي جنهن ۾ اهڙن ڪتابن کي شامل ڪيو ويندو آهي، جن جو پڙهندڙن جي سوچ ۽ مزاج تي وڏو گهرو اثر پيو هجي. انهن فهرستن ۾ ٽائيمز، نيو يارڪ ٽائيمز کان ويندي گارجين جي فهرستن کي وڏي اهميت حاصل هوندي آهي. اهڙي ريت نوبل، بُوڪر ۽ پلٽرز جي فهرستن کي پڻ سموري دنيا ۾ اهميت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي.
انهن ناولن يا ڪهاڻين جي ڪتابن ۾ ڪجهه ڳالهيون سامهون رکيون وينديون آهن، جن جي بنياد تي ڪنهن ناول يا ڪهاڻين جي ڪتاب کي ڪلاسڪ جو درجو ڏنو ويندو آهي. انهن ۾ سڀ کان اهم ڳالهيون عالمگيريت (universalism)، انساني حالت (human condition)، ڳالهه ڪرڻ جو طريقو (storytelling) ۽ پڙهندڙ تي اثر (impact on reader) آهن.
1_ عالمگيريت (universalism): عالمگيريت مان مراد ڪا به اهڙي لکڻي جيڪا بنا ڪنهن فرق جي وڌ کان وڌ پڙهندڙن جي دلين ۽ دماغن تي اثر ڪري ۽ وڌ کان وڌ پڙهندڙن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي. ڪنهن به لکڻي کي ان ڪري عالمگيري چئي سگهجي ٿو جو ان ۾ بنا جنسي، مذهبي، نسلي فرق جي ڳالهه ڪيل هجي. اها ڪن مخصوص حالتن يا وقت بدران هر دور ۾ پڙهندڙن کي متاثر ڪري.
2_ انساني حالت (human condition): هن مان مراد انسانن سان لاڳاپيل اهي بنيادي جز جيڪي انساني وجود جي جوهر کي نروار ڪن. انهن ۾ ڄمڻ، وڏو ٿيڻ، جذباتيت، ڪنهن ماڻهو، ڳالهه يا نظريي مان متاثر ٿيڻ، تضاد ۽ بحران ۽ اخلاقيات وغيره.
3_ ڳالهه ڪرڻ جو طريقو (storytelling): افسانوي ادب ۾ اهميت ڇا چوڻ بدران ڇا ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني چئجي کي وڌيڪ اهميت آهي. انهي ڪري سموري دنيا ۾ ناول ۽ ڪهاڻيون لکندڙ ان ڳالهه تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏيندا آهن ته اهي پنهنجي ڪهاڻي ڪهڙي نموني بيان ڪندا. ڳالهه ڪرڻ جي طريقي ۾ ڪهڙي نواڻ هوندي. پنهنجي نرالي اسلوب سان ڪهڙي نموني پڙهندڙن جو ڌيان پنهنجن لکڻين ڏانهن ڇڪرائيندا. ڪڏهن ڪڏهن سٺو موضوع ۽ وڏي ڳالهه ليکڪ جي بيان نه ڪري سگهڻ جي ڪري دٻجي ويندو آهي.
4_ پڙهندڙ تي اثر (impact on reader): هر لکڻيءَ جو ڪنهن نه ڪنهن نموني ان جي پڙهندڙ تي اثر ضرور پوندو آهي، پر ڪلاسڪ لکڻي اهڙي هوندي آهي جنهن جو اثر بنا سرحدن جي فرق جي وڌ کان وڌ پڙهندڙ قبول ڪن.
اهڙي ريت www.masterclass.com نالي ويب سائيٽ لفظ ڪلاسڪ جي وصف ڪندي ڄاڻائي ٿي ته:
“ڪنهن به ناول کي ڪلاسڪ جي درجي تي پهچڻ لا فني مهارت سان گڏ بين الثقافتي لاڳاپي جو هجڻ ضروري آهي. هرمين ملويلي جي موبي ڊڪ کان ويندي جارج اورويل جي 1984 تائين جي ناولن ۾ ڪيترين ئي نسلن کي متاثر ڪندڙ خوبيون آهن. جن ۾ اسان کي هي ڳالهيون پڙهڻ لا ملن ٿيون:
الف) هڪ يادگار مک ڪردار (a memorable protagonist)
ب) انساني تجربي جي ڦلهور (exploration of human experience)
ٻ) اهڙو شاهڪار جو وري وري پڙهجي (a richness that rewards multiple readings)
ڀ) جنهن جو اثر وڏي وقت تائين رهي (enduring influence)
Esther Lombardi 2019 ۾ لکيل پنهنجي هڪ مضمون “واٽ ميڪس اي بُڪ ڪلاسڪ؟”۾ ڄاڻايو آهي ته ان ۾ فن عروج تي پهتل هجي ۽ اهو ڪيترين ئي نسلن جي نمائندگي ڪندڙ هجي. اهو ضروري ناهي ته هڪ ڪلاسڪ ڪتاب پنهنجي دور ۾ وڌ کان وڌ وڪاميو به هجي. ڪتاب جي گهٽ يا وڌ وڪرو ٿيڻ ڪلاسڪ هجڻ تي اثر انداز نه ٿيندو آهي. جيئن ته ڪلاسڪ ادب ۾ عالمگريت هوندي آهي انهي ڪري انهن ۾ موضوعن جي هڪجهڙائي يا ڪردارن جي هڪجهڙائي جو احساس ٿي سگهي ٿو.
ان کان اڳ جو 21هين صدي جي انهن ڏهن ناولن جو ذڪر ڪجي جيڪي ڪلاسڪ جو درجو ماڻي سگهن ٿا. مان سمجهان ٿو ته اڳ ۾ 20هين صدي جي ڪجهه ناولن جو ذڪر ڪجي جن کي ڪلاسڪ سمجهو وڃي ٿو. دنيا جي مشهور ڇاپي گهر پينگوئن موجب 20هين صدي جا ڪجهه ڪلاسڪ ناول هي آهن: گگي وا ٿنگيو جو دي ريور بٽوين (1965)، جان اسٽين بيڪ جو ايسٽ آف ايدن (1952)، ارنسٽ هيمنگوي جو دي سن آلسو رائيز (1926)، ڊي ايڇ لارينس جو دي ليڊي چيٽرليز لور (1925)، فرانز ڪافڪا جو ميٽامورفسس (1915)، گراهم گرين جو دي ڪوائيٽ آمريڪن (1955)، اي ايم فوسٽر جو روم وٿ ويو (1908)، گيبريل گارشا مارڪيز جو هنڊريڊ ايئرز آف ساليٽويڊ (1967)، چينوا آچبي جو ٿينگز فال اپارٽ (1958) ۽ رشدي جو مڊ نائيٽس چلڊرن (1981).
21هين صدي جا اهي ڏهه ناول جن کي ڪلاسڪ جو درجو ملي سگهي ٿو:
هي ڏهه ناول مختلف سروي مان گڏ ڪيا ويا آهن. انهن ۾ reddit، BBC Culture ۽ The Guardian جي سروي مان حاصل ڪيا ويا آهن.
1_ ڪازو ايشي گورا جو نيور ليٽ مي گو (2005): هيءَ نوبل انعامي يافته ليکڪ ڪازو ايشي گورا جو ناول آهي. هي ڊسٽوپيائي ۽ سائنس فڪشن ناول آهي، جنهن ۾ ڪيٿي، رٿ ۽ ٽامي مک ڪردار آهن. ناول جي ڪهاڻي ڪيٿي بيان ڪري ٿي جيڪا هاڻي 31 سالن جي ٿي چڪي آهي. هيءَ ناول محبت جو داستان به آهي ته دوستيءَ جو ڏس به ڏئي ٿو ۽ ڪيٿي پنهنجي گذري ويل زندگيءَ کي ياد ڪندي رهي ٿي. پلاٽ، موضوع، انساني حالت ۽ عالمگيريت جي ڪري هن ناول کي هر فهرست ۾ 21 هين صدي جي ڪلاسڪ ناول طور رکيو ويو آهي.
2_ سلمان رشدي جو فيوري (2001): هيءَ رشدي جو ستون ناول آهي جيڪو نيو يارڪ جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. جيڪو هاڻي دنيا جو مرڪز ٿي چڪو آهي پر اتي ڪيتريون ئي خاميون به آهن. اهڙي صورتحال ۾ پروفيسر مالڪ سولنڪا لنڊن کي ڇڏي نيويارڪ ۾ اچي رهي ٿو. مالڪ سولنڪا لنڊن ۾ ذري گهٽ پنهنجي زال ۽ پٽ کي قتل ڪرڻ وارو هو، پر اتان ڀڄي نڪتو. هڪ تعليمدان سان گڏ هو گُڏيون ٺاهڻ لا به مشهور آهي ۽ هن جي ٺاهيل گُڏي Little Brain جي ڪري هن جي زندگيءَ ۾ وڏي اٿل پٿل مچي وڃي ٿي. هن ناول ۾ سياسي اٿل پٿل، وڌندڙ انتهاپسندي ۽ ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي ٿيل حملي جو ذڪر پڙهڻ لا ملي ٿو. هن ناول لا ڪجهه نقادن جو اهو به خيال آهي ته هي رشدي جو آتم ڪٿائي ناول آهي. پروفيسر سولنڪا جو ڪردار هن جو ئي آهي ۽ هن پنهنجي ڪتابن کي گڏين سان تشبيهه ڏني آهي. ڪهاڻي بيان ڪرڻ جي نرالي انداز، عالمي سياسي اٿل پٿل کان ويندي ٽيڪنالاجيءَ جي ناڪاري اثرن ۽ جادوئي حقيقت نگاريءَ جي ڪري هن ناول کي 21هين صدي جو اهم ناول سڏيو ويو آهي.
3_ هوراڪي موراڪاميءَ جو ڪافڪا آن دي شور (جاپاني ۾ 2002، ۽ انگريزي ترجمو 2005 ۾): جاپاني ناول نگار موراڪامي ڪهاڻي بيان ڪرڻ جي نرالي انداز جي ڪري سموري دنيا ۾ مشهور ٿيو آهي ۽ هاڻي هو ادب سان گڏ مختلف شين جي حوالي سان هڪ برانڊ طور سڃاتو وڃي ٿو. هن جو جڳ مشهور ناول ڪافڪا آن دي شور آهي. هيءَ ناول ڪافڪا نالي هڪ 15 سالن جي نوجوان ڇوڪري جي گهران ڀڄي نڪرڻ جي ڳالهه کان شروع ٿئي ٿو. جنهن جي لا اها اڳڪٿي ڪيل هئي ته هو اوڊيپس جيان پي جو قتل ڪندو ۽ ما ۽ ڀيڻ سان زنا ڪندو. اهڙي ريت ناول جو ٻيو اهم ڪردار اوشيما نالي ٽرانس جينڊر مرد آهي جيڪو سڄو ڏينهن لائبريري ۾ ويهي ڪتاب پڙهندو رهي ٿو ۽ ڪلاسڪ موسيقي ٻڌندو رهي ٿو. پنهنجي جنس جي ڪري هن کي سماجي طور حقارت سان ڏٺو وڃي ٿو، انهي ڪري هو اڪيلو رهي ٿو ۽ جڏهن ڪافڪا هن سان ملي ٿو ته هن سان زندگي ۽ موت سان گڏ ٻين فلسفن تي ڳالهيون ڪري ٿو. ناول جو هڪ ٻيو اهم ڪردار مسٽر ناڪاتا آهي جيڪو وري ٻلين کي ڳالهيندو ٻڌي سگهي ٿو ۽ انهن سان ڳالهائي به سگهي ٿو. هي ناول فينٽسي ۽ جادوئي حقيقت نگاريءَ جو بهترين مثال آهي، جڏهن ته ناول ۾ ٻي عالمي جنگ دوران هيروشما ۽ ناگاساڪيءَ تي ايٽمي بم ڪرائڻ جو احوال به ڏنل آهي. هن ناول کي اهڙي انداز ۾ لکيو ويو آهي جو پڙهندڙ ان کي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا پڙهڻ تي مجبور ٿيو وڃي.
)هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button