ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٻڏندڙ ۽ لڙهندڙ عوام

Editorial-Article-Mumtaz Mangi

هيل مون سون ماضيءَ جا ٽي کان چار سو ڀيرا وڌيڪ شدت سان وسڪارا وسائيندي بلوچستان ۽ سنڌ ۾ هڪ خوفناڪ آفت بڻجي گذري پيو. مون سون جا اهي وسڪارا هونئن ته پوري ملڪ ۾ هلي رهيا آهن پر جيڪا شدت ۽ خوفناڪي بلوچستان ۽ سنڌ ۾ آئي آهي اها مصيبت پنجاب ۽ پختون خواه ناهي ڏٺي. اسان جي اها خواهش آهي ته هنن آفتن کان پوري دنيا محفوظ رهي، پر قدرتي آفتون اڄ جي دور ۾ ڀيانڪ ان وقت بڻجن ٿيون جڏهن انساني ترقي ۽ وس ان جو پوراءُ ڪرڻ کان قاصر هجي. جتي حڪومتون عوام جي خدمتن يا پنهنجي فرض شناسين ۾ ڪافي حد تائين پنهنجو پاڻ کي پابند سمجھنديون آهن، اتي انهن آفتن سان منهن ڏيندي عوام جون ايتريون ڀر جھليون بڻجي وينديون آهن جو عوام خود اهو محسوس ڪرڻ لڳندو آهي ته اسان جي تڪليف جيڪا اسان کي محسوس پئي ٿئي اوتري ۽ انهيءَ کان وڌيڪ رياست جي ادارن سان گڏوگڏ حڪومتِ وقت کي محسوس ٿي رهي آهي.
ڪيترين به بيوسين ۾ عوام گذري پر پنهنجي حڪومتن ۽ ادارن کي ڪڏهن بيحس تصور ناهي ڪندو، ليڪن هتي معاملو انهيءَ کان بلڪل ابتڙ آهي جيترو عوام بيوس ٿيو وڃي ۽ اذيتن مان گذري ٿو رياست جا ادارا خاص ڪري اهي جن جي اها ڊيوٽي آهي ته هو مصيبتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وين گارڊ جو ڪردار ادا ڪن جيئن اين ڊي ايم جيڪا نه رڳو وفاقي سطح تي آهي پر چئني صوبن ۾ ان جو صوبائي ادارا آهن نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ جو خاص ڪم اهوئي آهي ته هو قدرتي آفتن بيمارين يعني وبائن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عوام کي پهريان کان آگاھه ڪري ۽ ٻيو آفتن جي اچڻ کان پوءِ مڪمل طور تي عوام جي ڀرجھلو ٿي بيهي ليڪن نظر اهوئي آيو آهي ته جيئن مصيبتون ۽ آفتون عوام تي ڪڙڪن ٿيون ته اين ڊي ايم اي ڀرپور فنڊن جو استعمال ڪندي جيڪي نتيجا ڏئي ٿو جيئن ڪورونا جي شدت واري ڏينهن ۾ اربين روپيا هن ادارن جي حوالي ٿيا
نه رڳو ملڪي رقم کين ملي ٻاهرين ڊونرن ادارن ۽ ملڪن به پيسا ڏنا ليڪن نتيجو هي آيو ته جڏهن سپريم ڪورٽ اين ڊي ايم اي کان فنڊن جي استعمال جي رپورٽ گھري ۽ تڏهن جيڪا رپورٽ ڪورٽ ۾ پيش ڪئي وئي تڏهن چيف جسٽس انتهائي غصي ۽ حقارت مان انهيءَ کي رد ڪندي چيو ته رپورٽ ٺيڪ ڏيو هي انگن اکرن جي راند نه کيڏو جو هڪ مريض تي لکين روپيا خرچ ڏيکاريو ويو آهي ۽ گرائونڊ رپورٽ نه هجڻ جي برابر آهي.
اهو معاملو اسان کي انهيءَ کان به اذيتناڪ ۽ خوفناڪ رياست جي طرفان قائم ايمرجنسي ادارن جو يا مددي ادارن جو تڏهن نظر آيو جڏهن 2008 اتر جي علائقن ۾ خوفناڪ زلزلو آيو هيو، تڏهن لکين ماڻهو بي گھر ٿيا هزارين ڌرتي ۾ دٻجي مري ويا، ڪيترائي معذور ٿيا، پوري دنيا مدد جي لاءِ فنڊ ڏنا پر هن وقت تائين انهن فنڊن جي نه آڊٽ ٿي سگھي ۽ نه رپورٽ ٻڌائي وئي، ڪنهن کي ڪيترو مليو، ڪا خبر ناهي. ڪرپشن جون ڳجھون مصيبتن جي ماريلن جي مٿان حملو ڪندي ان جي جسم جون ٻوٽيون ٻوٽيون پٽيندڙ پنهنجو ڀڀ ڀرينديون آهن آخر ۾ هڏن تان ماس پٽي وري آسمان ڏانهن اڏامڪ ڪري ۽ اهو جانچينديون آهن ته ڪٿي مصيبت ماريو يا لاوارث لاش پيو آهي.
اهو منظر اسان کي سنڌ ۾ 2010 جي ٻوڏ ۾ به نظر آيو ان وقت وفاق ۽ سنڌ ۾ پ پ پ جي حڪومت هئي ٽوڙي بند ڪيئن ٽٽو اها اسان سڀني کي خبر آهي ۽ هي تاريخ جو ظلمي تماشو سنڌ جي عوام ڏٺو ته جتان بند ٽٽو اهو پهريان ئي حساس ۽ پاڻي جي دٻاءُ وارو ايريا هو بند روڻ سان نه ٽٽو پر پاڻي اوور ٽاپ ٿيو ۽ اوور ٽاپ پاڻيءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو نه هيو پر ليفٽ بينڪ کي بچائڻ جي لاءِ اها حڪمتِ عملي اختيار ڪئي وئي ته رائيٽ کي ٽوڙيو وڃي يا ٽٽڻ ڏنو وڃي، تڏهن آبپاشي جي وزير ميڊيا سان اهو به اعتراف ڪيو هو ته ٽوڙي بند ٽوڙڻ اڻٽر هيو جو اهو بند نه ٽٽي ها ته سکر بيئراج بچي نه سگھي ها، ليفٽ جي پاسي ڏي گيس فيلڊ ۽ بااثرن جون ملڪيتون هيون پر علائقي ۾ عوام کي سيف جڳهھ تي ڪڍڻ جي لاءِ ڪا به حڪمتِ عملي اختيار نه ڪئي وئي هئي رڳو نالي ماتر اعلان ٿيا هيا بند ٽٽڻ کان پوءِ عوام جي دربدري، ذلت ۽ خواري معاشي ۽ جاني نقصان ايترو ٿيو جو انهيءَ جو ذڪر لون ڪانڊاري ڇڏي ٿو.
روڊن ۽ رستن تي ڪيمپن ۽ پناھگاهن ۾ ماڻهو دربدر ٿيندا رهيا فلاحي ادارن ڪيترو ڪجھه ڪيو، انهن ۾ ايمانداري ۽ بي ايماني ڪيتري ٿي پاڻ انهيءَ جي تفصيل ۾ نٿا وڃون. رياست جا ادار سنڌ حڪومت اين ڊي ايم اي جيڪا ڪارڪردگي ڏيکاري اها اسان سڀني جي اڳيان آهي انهن ادارن جا ڪک پتي ڪروڙ پتي بڻجي ويا ۽ ڪيترا اهي فرد به نوازيا ويا جيڪي انهن ادارن جي اڳ پوءِ ۾ رڌل هئا، ماڻهن جون مصيبتون، ذلتون ۽ عزتون ڪٿي پهتيون، اهو هڪ دردناڪ داستان اسان جي اڳيان آهي سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ جي ريٽائرڊ جج جي سرپرستي ۾ ڪميشن جوڙي ان ڪميشن اهائي رپورٽ ڏني ته جيڪو ڪجھه ٿيو اهو قدرتي آفت جي اچڻ جي ڪري ٿيو، حڪومت جو ڪوئي ڏوھه ناهي.
خير جيڪو ٿيو اهو تاريخ ۾ هڪ شرمناڪ ۽ داغدار داغ آهي پر هاڻي جيڪو ڪجهھ ٿئي پيو اهو اسان سڀني جي اڳيان آهي بلوچستان پورو پروڻ بڻجي چڪو آهي ايتري حد تائين جو بي گھر ٿيلن کي نالي ماتر خيما ۽ تنبو ڏنا ويا آهن 200 کان وڌيڪ ماڻهو مري چڪا آهن ڪيترا زخمي بي گهر ۽ دربدر آهن وفاقي حڪومت مري ويلن جي امداد جو ته اعلان ڪيو آهي پر ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ جي لاءِ هن وقت به ادارن جو ڪردار نالي ماتر نظر ٿو اچي ٿو، ساڳيو ئي حشر سنڌ ۾ آهي سنڌ جيڪا ٻوڏ ۽ درياهي وهڪري وڌڻ کان پهريان سڪي رهي هئي ۽ پوري سنڌ ۾ پوک ۽ پيئڻ جي لاءِ پاڻي نه هو هر شهر ۾ احتجاج ٿي رهيا هئا سريالو فصل پوکڻ ۾ ايتري ليٽ ٿي جو ڀوءَ کان ماڻهن ٻيجارو به نه ڪيو. لکين ايڪڙ زمين هر ڏيڻ کان پوءِ پئي رهي جڏهن پاڻي اچڻ شروع ٿيو ۽ ماڻهن ٻيجارا پوکڻ شروع ڪيا، رونبن جي شروعات ٿي ته حسب عادت بااثرن پنهنجي طاقت ۽ تڪبر جو استعمال ڪندي شاخن کي ٻنڊا ڏئي پهريان پنهنجا رونبا ڪيا برساتن کان پوءِ ايريگيشن ڊپارٽمينٽ وارن واهن جي ڪپر جي ٽٽڻ جي ڀوءَ کان پاڻي لاهي ڇڏيو آهي جنهن سبب هزارين آبادگار هڪ ٻي مصيبت کي منهن ڏئي رهيا آهن ته انهن جو ٻيجارو ته تيار آهي واھن لهڻ ڪري رونبن جي لاءِ پاڻي ناهي.
ظاهر آهي ته برساتن جي وسڪارن تي سارين جو رونبو نٿو ٿي سگھي پهريان سنڌ سڪي ۽ هاڻي ٻڏائي پئي وڃي برسات سبب واھه لٿل آهن ته ٻئي طرف سنڌ جا تمام جو تمام شهر پاڻي جي بيهڻ ڪري تلائن جو منظر پيا ڏيکارين پنجاھه کان وڌيڪ ماڻهو مري چڪا آهن سوين گھر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن روڊن ۽ رستن جي حالت جيڪا پهريان به بري هئي اها وڌيڪ بدتر ٿي وئي آهي شهرن جي اندر ميونسپل سروس نه هجڻ جي ڪري گندگي ۽ غلاطت جا ڍير ٿيا پيا آهن پوري سنڌ ۾ ايمرجنسي جي هجڻ جي باوجود حڪومت جي طرفان ڪو ايمرجنسي سيل قائم ناهي ڪيو ويو، درياءُ جي وهڪرن جي وڌڻ کان پوءِ وري اهوئي خطرو آهي ته ڪٿان به بند ٽٽي سگھي ٿو اهڙي صورتحال ۾ حڪومت ۽ رياستي ادارا پنهنجو پاڻ ۾ ٻٽ هوندي عوام کي ڪو رليف نٿا ڏين ماڻهو ڪي وهڪرن ۾ لڙهن پيا ته ٻڏن پيا ڪاڇو ۽ ٿر تباهي ۽ دردناڪي جو هڪ ڏکيندڙ منظر پيو پيش ڪري سنڌ حڪومت نه ڪا ريسڪيو ڪري ٿي نه ڪا امداد ڏئي ٿي حڪومتي ڀوتارن جا ڪنڌ ڪاپار سان لڳن ٿا سڀ ڪجهھ ٺيڪ هجڻ جو ورجاءُ ٿئي پيو پر سڀ ڪجھه برباد ٿيندي نظر پيو اچي. سنڌ ۽ بلوچستان جو عوام ٻڏي به پيو ته لڙهي به پيو عوام جيترو لاچار ۽ بيوس پيو نظر اچي حڪومت ۽ سندس ادارا اوترائي بيحس ۽ موجن ۾ پيا نظر اچن ۽ پوري تياري پيا ڪن ته انهن لڙهندڙ ۽ ٻڏندڙ ماڻهن جي لاءِ ڪهڙا فنڊ ۽ ڪيترا فنڊ رکجن ۽ ڪيئن هڙپ ڪجن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button