ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

برسات متاثرن جي واهر ڪير ڪندو؟

Editorial-Article- Shahid Rajpar

گذريل ڪجهه ڏينهن کان سنڌ ۾ وسندڙ برسات سبب جيڪا تباهي ٿي آهي، اها ڪنهن کان به ڳجهي ڪانهي ۽ هاڻوڪي صورتحال کان حڪمران، سياستدان ۽ ڪامورا لاتعلق بڻيل آهن. عوام سندن لاپرواهي سبب ڀوڳي رهيو آھي. هيءَ ڳڻتي جوڳي صورتحال آھي، ڇاڪاڻ ته ھڪ پاسي حڪومت اعلان ٿي ڪري عوام کي رليف ڏينداسين. گهر برسات سبب متاثر ٿيا آهن ته في گهر پنجاهه هزار معاوضو ڏنو ويندو. ڏٺو وڃي ته جن ماڻهن جا گهر ڪري پيا آھن يا ڀتيون ۽ ڇتيون ڪري پيون آھن. ڇا انهن جو هن ڳاٽي ٽوڙ مهانگائيءَ ۾ پنجاهه هزار روپين مان گهر ٺهي سگهندو؟ يا ان پنجاهه ھزار مان ڪا هڪ پاسي جي ڀت ٺهي سگهي سگهندي. بلڪل نه پر اهو ته اٽي ۾ لوڻ برابر مدد ٿي. اهي پئسا به ملندي نظر نه پيا اچن! ڇاڪاڻ ته حڪومت جيڪي پئسا ڪامورن هٿان موڪليندي انهن ۾ اهي به ته حصيدار بڻبا. جڏهن پوسٽ آفيس ذريعي غريب يتيمن ۽ بيواهن کي عشر زڪوات جو فنڊ ملندو هو ته اهي ايڏا ته ايماندار هوندا هئا جو پنجاهه غريب يتيمن ۽ بيواهن کي عشر زڪوات جي فنڊ مان ٽن ماڻهن کي فنڊ ڏيندا هئا ۽ ٻيا ظاهر ئي نه ڪندا هئا ۽ ڪاغذن ۾ جعلي آڱوٺا ۽ صحيحون ڪري هڙپ ڪري ڇڏيندا هئا.
وري نئون دور آيو ٽيڪنيڪل سسٽم سان بينظير انڪم سپورٽ بهترين پروگرام طور متعارف ٿيو ۽ هر ڪارڊ ھولڊر کي ڪوڊ مليو جيئن فنڊ مستحقن کي ملي پر ڪرپٽ ڪامورن ۽ لالچي ايجنٽن ان کي به نه بخشيو ۽ اي ٽي ايم مان پئسا ڪڍڻ شرط انهن مان به ڪٽوتي ڪري پوءِ مستحق کي ڏنا پئي ويا. وري سرڪار ٽيون طريقو متعارف ڪرايو جنهن مطابق ميسيج ۽ پرچي جيئن مستحقن کي ميسيج پهچي کڻي ايزي پئسا شاپ سميت ٻين دڪانن تان وٺي ۽ ان دڪاندار کي في مستحق جا پئسا ڪڍڻ تي حڪومت پاران الڳ ڪميشن سندس اڪائونٽ ۾ موڪلي پئي وڃي پر هنن دڪاندارن کي ته ستي ئي ڪا الڳ پيل آهي جو حڪومت کان ته ڪميشن وٺن پيا پر مستحقن جي به چڱي کل لاهين پيا ۽ 500 کان هزار وري پندرهن سئو هاڻي ته ٻن هزارن تائين بيواهن غريب ۽ يتيمن جو کائي پيا وڃن ۽ جيڪڏهن ڪا عورت چوي ته ابا ائين نه ڪريو پورا پئسا ڏيو ته هي اشراف چون امان ڪهڙو تنهنجي گهران ٿا وڃن، حڪومت جا پئسا آھن. اسان محنت ٿا ڪريو بس اهي ئي اسان کي بچن ٿا، جيڪو حلال ڪري پنهنجي ٻچن کي کارايون ٿا. ڪن اٻوجھه عورتن جا پئسا ڳڙڪائي چوندا آهن ته تنهنجا پئسا ڪونه آيا آھن. جڏهن اها مستحق عورت ٻئي هنڌ پئسا ڪڍرائڻ وڃي اهو وري اهو چئي موٽائي ڇڏين ٿا ته اوهان پئسا ڪڍرائي چڪا آھيو. انهن دڪاندارن جي ايڏي ٻڌي آهي جو مجال ڪو ان جو نالو ٻڌائين ته ڪنهن پئسا ڪڍيا آهن.
هڪ عورت جا نوشھروفيروز ۾ ڊوائيس هولڊر پئسا ڪڍيا ۽ عورت کي ٻئي ڊوائيس هولڊر چيو امان توهان ته پئسا ٺري ميرواهه مان ڪڍرايا آھن. اها عورت ڪڏهن نوشھروفيروز کان ٻاهر نڪتل ئي ڪانه هئي. هوءَ منهن مٿو پٽڻ لڳي ته ٺري ميرواهه منهنجو آڱوٺو ڪير کڻي ويو. اهي دڪاندار انهن مسڪين عورتن لاءِ آيل پئسن کي مال غنيمت سمجهن ٿا. تنهنڪري اهي انهن پئسن کي به ڪمائي جو ذريعو بڻائي رهيا آهن.
هيءَ تازي برسات جيڪا پئي آھي، ان ۾ سياستدان سميت ڪنهن به ذميوار ڌر يا سماجي تنظيم تحرڪ ناهي ورتو پر سندن چپن تي تالا لڳي ويا آهن ۽ ڪنهن کي ڪنهن جي به تڪليف نظر نه پئي اچي. جڏهن ته ڪير به هن وقت تائين ميدان عمل ۾ ظاهر نه ٿيو آهي.
گذريل برساتي اسڪيل سنڌ، بلوچستان، ۽ پنجاب جي سرائيڪي پٽيءَ ۾ وڏي تباهي مچائي ڇڏي هئي. هزارين ماڻهن جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، جيڪي اڃان سوڌو دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. جڏهن ته سندن واهر لاءِ سرڪار ۽ صحت کاتي سميت ڪنهن به ڪاموري سار نه لڌي آھي نه ئي ڪن چونڊيل اميدوارن توڙي سماجي تنظيمن اڃا اهي اهنج ختم ئي ناهن ٿيا ته هن لڳاتار برسات ماڻهن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.
غريب آبادگارن جا فصل، اناج، چوپايو مال توڙي بزرگ ۽ عورتون، معصوم ٻارڙا برساتي پاڻيءَ جي نيڪال نه ٿيڻ ۽ برسات جي پاڻيءَ ۾ نالين جو گندو پاڻي ملي وڃڻ ۽ مڇرن سبب مليريا ڊائيريا، پيٽ جو سور، ڪالرا ۽ دستن منهن ڪڍيو آھي. جڏهن ته غريبن جا اجها جهري رهيا آھن. ڄڻ سنڌ واسين جو سڪون ۽ خوشيون انهن برساتن ۽ نين ۾ لڙهي ويون آهن.
ڏٺو وڃي ته تازو وسيل برسات جيڪا اڃا تائين جاري آھي تنهن ته ضلعي نوشھروفيروز جي يوسين کاهي ممن، يوسي مولهڻ، دليپوٽا، مڏ عليم سميت سڄي ضلعي ۾ تباهي مچائي ڇڏي آھي. ڳوٺ الهڏتو راڄپر، الهرکيو راڄپر، پيرپانڌي، هني واهڻ، سميت يوسي کاهي ممن جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ برساتن جي تباهه ڪارين سبب سوين ڳوٺاڻن جا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آھن ۽ ڪيترن ئي گهرن جون ڇتيون ۽ چئوديوارون ڪري پيون آھن، جنهن سبب سندن زندگي تباهه ٿي وئي آھي. ڪيترن ئي ڏينهن کان بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ تازي برسات سبب مڇرن، جيتن ۽ مکين ۾ اضافو ٿي ويو آھي. ان ڪري مليريا گيسٽرو، پيٽ جو سور ۽ دستن سميت ڪيترن ئي موذي مرضن کي ماڻهو منهن ڏئي رهيا آھن. جانور پڻ بيماري سبب لوڙي رهيا آھن. جڏهن ته ڪيترائي ڍور ڍڳا ۽ ٻاڪرو مال بيماري سبب مري چڪا آھن. ڪافي ڏينهن کان برساتن باجود ڳوٺن ۾ ڪوبه چونڊيل نمائندو، ضلعي انتظاميا ۽ ڊي سي پاران ڪي به امدادي ڪارروايون ڪونه ڪيون ويون آھن.
افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته صحت کاتي ۽ لائيو اسٽاڪ وارا ننڊ مان نه جاڳيا آھن. مٿي جيڪو لکيو آھي ان تي حڪومتي دعوائن موجب عمل ٿيندو الائي نه ۽ وزير اعظم پاران اعلانيل رقم برسات متاثرن تائين پهچندي الائي نه. انهن سڀني معاملن تي عوام سوال اٿاري ٿو پر ڪميشن مافيا خلاف به حڪومت کي سخت قدم کڻڻ گهرجن يا ڪجھه ڪميشن مافيا کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻي سخت سزا ڏني وڃي، جيڪي مجبورن جي مدد لاءِ آيل رقم مان به نٿا مڙن. ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته جڏهن حڪومت کي موسميات کاتي پاران اڳ الرٽ جاري ڪيو وڃي ٿو ته انتظاميا کي اڳواٽ ئي تيار رهڻ گهرجي ۽ هر امدادي ڪم هنگامي بنيادن تي ڪرڻ گهرجي ته جيئن عوام کي وڌيڪ تڪليف ۽ پريشانيءَ کان بچائي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button