اها افسوس جوڳي ڳالهه آهي ته سوويت ادب جو “نقشو” ڪجهه هيئن ظاهر ڪري ٿو ته اسان جي زندگيءَ جي سڀني دائرن جي، انهن رخن جي ڪافي عڪاسي ناهي ڪئي وئي جيڪي عوام ۾ وڏي پئماني جي تبديليءَ جي معنائن ۾ اهميت رکن ٿا.
اهڙيءَ ريت، سائنسي ۽ ٽيڪنولوجيڪل ترقيءَ جي اثر هيٺ وڏي پئماني جي صنعتي پيداوار جي تخليقي سرگرمين ۾ اثر هيٺ ان ميدان ۾ ذاتي پيشقدمي، ايجاد ۽ تخليقيت لاءِ جيڪي مواد فراهم ٿيا آهن انهن جي اثر هيٺ انسان ۾ انفرادي ۽ خاص تبديلي آئي آهي. فن جي ٻوليءَ ۾ ان جي ترجماني گهٽ ئي ڪئي وئي آهي. واديم گوجيونيڪوف جي ناول “بلائيف سان ملو” جي ڇپجڻ کان پوءِ شايد ئي ڪنهن ٻئي ڪتاب جو نالو وٺي سگهجي جيڪو اڄوڪي مزدور جي تخليقي جذبي سان ايترو ڀريل هجي. شايد هاڻي اهڙين تخليقن جو وقت اچي ويو آهي جيڪي اڄوڪي سوشلسٽ سماج جي روحاني زندگيءَ جي مختلف دائرن جي عڪاسي گهرائيءَ سان، سچائيءَ سان ۽ ڪلي طور، هن دنيا جي يڪجهتي ۽ تضادن سان، سماجي ۽ ذاتي زندگيءَ جي وحدت سان ۽ ارتقاءَ کي ڪميوزم جي راهه تي اڳيان وڌڻ کي پيشنظر رکندي ڪيون وڃن.
انهن تنقيدي لکڻين ۾ اهڙن مقصدن جو تاڪيد نٿو ڪيو وڃي جنهن ۾ سوويت انسان جي زندگيءَ کي مجرد اخلاقي اصولن جي نقطه نظر سان پرکيو ويندو آهي ۽ انهن کي عام ماڻهن جي سماجي عمل کان، سياسي ۽ نظرياتي جدوجهد کان ڌار سمجهيو ويندو آهي.
عوام جي روحاني واڌويجهه ۽ ان جي عام تبديليءَ جي عملن جي فني ڇنڊڇاڻ سوشلسٽ حقيقت نگاريءَ جي ادب کي نون ڪمن سان منهن مقابل ڪري ٿي انهن ڪمن کي تخليقي جذبي کان واقف ڪري ٿي. انهن عملن کي عوام جي سلامتي ۽ انهن ۾ هر هڪ جي ذهني ۽ علمي حاصلات کان ڌار نٿو ڪري سگهجي ۽ اهي عمل اڄ اڳ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ گهرائيءَ سان ۽ وڌيڪ تيز رفتار سان ظاهر ٿي رهيا آهن، انساني زندگيءَ جي سڀني رخن تي پکڙيل آهن جن ۾ سماجي ۽ نجي، سياسي ۽ اخلاقي، ذهني ۽ جذباتي، مادي ۽ روحاني سڀ پاسا شامل آهن.
اهو سوشلسٽ حقيقت نگاريءَ جي ادب جو ڪم آهي ته اڄوڪي زندگيءَ جي سڀني پاسن ۽ ان جي تضادن کي موضوع بڻائي، عوام ۾ عام تبديليون اچي رهيون آهن، انهن جي عملن جو اڀياس ڪري جن ۾ اهڙي نئين ۽ متوازن انسان جو شڪل وٺڻ جيڪو سمورن ميدانن ۾ اسريل آهي، ڪلچر جو مالامال هئڻ، فرد ۽ سموري عوام جي روحاني ذهني زندگيءَ جي واڌ ۽ ان ۾ وڌيڪ گهرائي اچڻ شامل آهي.
جهڙي نموني اهي خوبيون ظاهر ٿين ٿيون ۽ مضبوط ٿين ٿيون ۽ جهڙي نموني سماجي ۽ نجي زندگيءَ ۾، پورهئي ۽ نظرياتي جدوجهد ۾ ۽ اخلاقي پرک تي انهن جي آزمائش ٿئي ٿي انهن جي عڪاسي ڪرڻ ڏانهن ادب جو لاڙو هئڻ ضروري آهي.
سوويت سماج جي زندگيءَ ۾ ادب ۽ فن جي اهميت ۽ انهن جا فرض وڌي رهيا آهن. صحيح معنائن ۾ اهم فني ڪردار جن بلند آدرشن جا حامل هوندا آهن اهي انساني وهنوار جا محرڪ به هوندا آهن ۽ ان کي پرکڻ جي ڪسوٽي پڻ.
پنهنجي حد تائين اديب کي انهن عظيم ۽ پيچيدين گهرجن کي پورو ڪرڻ جو اهل هئڻ گهرجي جيڪي اسان جو دور ۽ سوويت عوام جي روحاني واڌويجهه ان کي ڪري ٿي. لينن جا خيال اديبن کي اهو ٻڌائين ٿا ته انهن انتهائي گهرن عملن جي عڪاسي ڪيئن ڪئي وڃي، جيڪي ڪميونزم جي اڏاوت دوران عام ماڻهن ۾ ڪارفرما آهن.
(پورو ٿيو)