سنڌ اڄڪلھه مُند جي انتھائي ڳَرين برساتن ۾ لُڙھي رھي آھي. ھي ڪو پھريون ڀيرو ناھي، جنھن ۾ سنڌ ان قسم جي برساتي ٻوڏ ڏٺي ھجي يا اھڙي ڳنڀير بحران مان گذري ھجي، ھي صدين سالن جو سلسلو رھيو آھي. پر الميو اھو آھي جو صديون سال گذرڻ باوجود سنڌ جا اھي سُور گھٽجي ته نه سگھيا، بس وڌندا ئي رھيا. جنھن جو مکيه سبب سنڌ جي محڪومي آھي. پنھنجن وسيلن توڙي سياسي اختيار کان محروم سنڌ کي ھر دور جا حڪمران لٽيندا رھيا ۽ اڄ تائين ڦُرلٽ جو اھو سلسلو جيئن جو تيئن جاري آھي.
ھيلوڪين برساتن جي ڪنھن کي خبر نه ھئي؟ معلومات جي رسائي عام ٿيڻ سبب ھڪ عام ماڻھو کي به اھو پَتو ھو ته ھيل سانوڻ رَڄي وسندو پر ھتان جي نااھل حڪمرانن، اھڙين يقيني برساتن کان بچاءَ جي تناظر ۾ ڪنھن به قسم جي اڳواٽ رٿابندي نه ڪئي، تان جو سڀڪجھه لُڙھي ويو. ھن وقت سنڌ جي ڪابه اھڙي ڪُنڊ ناھي، جنھن لاءِ اھو چئي سگھجي ته محفوظ آھي. سنڌ جون چارئي ڪُنڊون، ٿر، ڪاڇو، ڪوھستان، لاڙ توڙي وچولو سڀ جا سڀ ٻُڏا پيا آھن. شھر ھجن يا ٻھراڙيون، جيڏانھن ڪيڏانھن ٻوڏ آھي ۽ عوام انھي سرڪاري واھر لاءِ واجھائي رھيو آھي، جيڪا گھربل مقدار توڙي مھل سان ٿيڻي ئي ناھي. عوام جي مھلائتي واھر ان ڪري نه پئي ٿي سگھي جو نه ته ھتان جي حاڪمن ۾ اھا صلاحيت آھي نه نيت ۽ نه ئي انھن وٽ هن اوچتي آفت کي منھن ڏيڻ وارا ايترا فنڊز بروقت موجود آھن، جيڪي ايڏي وڏي تباھي جو گهربل تدارڪ ڪري سگھن. ڇو ته سنڌ جي خزاني ۾ جيڪي ڪجھه به آھي، سو ھتان جي حڪمران طبقن لاءِ آھي. بدعنواني جي مرض ۾ نسلن کان ورتل ھتان جي جاگيردار حڪمراني ٽولي، پويان ڪجھه ڇڏيو ئي ناھي ته متاثر ماڻھن جي واھر ٿيندي ڪٿان؟
اھو ئي سبب آھي جو سنڌ جي شھري علائقن توڙي ٻھراڙي جو عوام ھن وقت سخت تڪليف ۾ آھي. شھرن جا ھيٺاھين وارا علائقا مڪمل ٻُڏي چڪا آھن. باقي ٻھراڙيون ويچاريون ته ھونئن به ڪڏھن ليکي ۾ ناھن رهيون، جو اھي وڏيرن ۽ جاگيردارن کي اول ڏينھن کان وٺي خانداني ورھاست ۾ لکي ڏنيون ويون آھن. سنڌ جي ٻھراڙي جي آبادي جنھن جي زندگي جو گذران زراعت تي آھي، تنھن لاءِ ڏٺو وڃي ته ھي سال ڪنهن قيامت کان گھٽ ناھي. سندن سمورا فصل ٻُڏي سَڙي چڪا آھن. خيرپور ۽ سکر ريجن ۾ اربين روپين جي کجي جو زيان ھجي يا وچولي جون ڦُٽيون ھجن، سڀ تباھه.
ھاڻ ٿورو اچو ته مختصر طور سنڌ ۾ انھن برساتن، ٻوڏن، ڏُڪارن ۽ سامونڊي چاڙھه جي تاريخ ڏسون، جيڪا حيران ڪري ٿي ته ڪيئن نه ھيترن صدين سالن کان سنڌ اھي تباھيون ڏسندي پئي اچي پر اڄ تائين سنڌ کي اھڙين حالتن کان تحفظ وارو ٿانيڪو ۽ فعال نظام نه ملي سگھيو سو نه مليو. اھڙا سُور نه گھٽجڻ جو سبب پاڻ مٿي ئي ڄاڻائي آيا آھيون ته سنڌ جيئن ته ڪالھه به محڪوم ھئي اڄ به محڪوم آھي. سو محڪومن جا ڪھڙا حق، ڪھڙي زندگي؟ حق ته آزاد ۽ خودمختيار قومن جا ٿيندا آھن.
ھا ته پاڻ ڳالهھ پئي ڪئي سنڌ ۾ قدرتي آفتن جي ته سنڌ ۾ برساتي توڙي درياھي ٻوڏن جا جيڪي ڳرا سال رڪارڊ تي موجود آھن تن ۾ ممڪن آھي ٻيو به رڪارڊ ھجي پر پاڻ کي ھن مضمون لاءِ جيڪي في الحال انگ اکر ملي سگھيا آھن تنھن موجب اھو سلسلو 1942 کان شروع ٿئي ٿو ۽ پوءِ اڳيان سال پاڻ ڳڻيندا وڃو. جن ۾ 1942 کان پوءِ 1956 – 57 تائين لڳاتار سنڌ مٿان پاڻي جا ڌڪن مٿان ڌڪ. وري اڳيان سال 1973،75،76،79 تائين ٻوڏ جو ماحول. وري سال 1992،94،95 جا سال پاڻي جي سَٽ. ايئن اڳتي وري 2003،05،07 ۽ 2010 واري مھا ٻوڏ.
اھي ته ٿيون ٻوڏون پر پاڻ سڀني جي علم ۾ اھو عام پھاڪو آھي، جنھن ۾ اھو چيو ويندو آھي ته سنڌ يا ٻُڏي يا سُڪي. سو سنڌ رڳو برساتي، درياھي ٻوڏن کي ناھي ڀوڳيو پر سنڌ ۾ ڏُڪارن جي پڻ ھڪ ڏکوئيندڙ تاريخ رھي آھي. جن ۾ رڪارڊ موجب سال1891،1871،1881 2002 وارا ڏڪار مشھور رھيا آھن. جن ڏڪارن سنڌ جا لڱ ئي سُڪائي ڇڏيا.
سڀ ڄاڻون ٿا ته پيڙا ٻوڏ جي ھجي يا ڏڪار جي، ٻنھي ۾ ڀوڳي عام خلق ئي ٿي. ڇاڪاڻ ته سرندي وارا ھر دور ۾ پاڻ سنڀالي ويندا آھن، جو انھن جي ٽِجوڙين ۾ عوام جي پورھئي مان لٽيل، ڦٻايل مال ايترو ھوندو آھي، جنھن سان سندن ھڪ ته ڇا پر سَت حرامخور نسل به گھر ويٺي کائي سگھن ٿا. جڏھن ته ان جي ڀيٽ ۾ آڻين ۽ چاڙھين واري دائري ۾ ايندڙ طبقي جو جيڪڏھن ھڪ سال به متاثر ٿئي ته اھي ڄڻ سدا لاءِ رُلي ٿا وڃن.
ٻوڏن ۽ ڏڪارن کان سواءِ سنڌ لاءِ سامونڊي طوفان ۽ لڳاتار سامونڊي چاڙھه، جنھن ۾ سمنڊ ھيستائين سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي چڪو آھي، سو پڻ سدا جو سنگين مسئلو رھندو آيو آھي. سنڌ مٿان سمنڊ جي ڪاهھ جو جيڪو رڪارڊ آھي ته ان ۾ سال 1902،1926،1964،1993،1998،99 ۽ 2007 وارا سال سامونڊي علائقن جي پيڙا وارا سال ڳڻيا وڃن ٿا. انھن سامونڊي سُورن جون ڪھاڻيون ڪير وڃي پڙھڻ چاهي اھي شاھبندر، ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ، گھوڙاٻاري، جاتي ۽ ميرپور ساڪرو جي ھر ماڻھو جي اداس چھري تي اڪريون پيون آھن. پر ھتي وري به اھو ساڳيو سوال ته آخر ڪھڙا ماڻھو؟ ته اھي آھن اتان جا مھاڻا، ھاري ناري ۽ ڌڻ ڌنار جن کي سمنڊ سدائين روليندو رھيو آھي. جڏھن ته انھن ئي علائقن مان سَرند ماڻھو، جيڪي ھر دور جي حاڪمن جا ساٿاري ۽ لُٽ مار ۾ نسلن کان ڀائيوار رھندا آيا آھن، سي ڪالهھ به ڍاول ھئا ته اڄ به اھي جاوا ڪن ٿا.
مٿي ڏنل ٻوڏن، ڏڪارن ۽ سامونڊي مار جي انگن اکرن مان پاڻ کي پتو پوي ٿو ته ھي سلسلو ڪو اڄ جو ناھي بلڪ صدين سالن کان ھلندو ٿو اچي پر اھي قدرتي آفتن جا مسئلا ان ڪري حل نه ٿي سگھيا آھن جو سنڌ جو اختيار ڌارين جي ھٿ ۾ رھيو آھي ۽ وري جيڪڏھن نالي ۾ نھال ڪي پنھنجا آيا به ته اھي ڌارين جا ئي ويھاريل ھئا، تنھن ڪري اھي به عوام جا سڄڻ ڪيئن ثابت ٿين ھا. انھن ته ڌارين کان به سنڌ کي اڃان وڌيڪ سُور ڏنا آھن. ان حوالي سان تاريخ جو ان کان وڏو الميو ٻيو ڪھڙو ٿي سگھي ٿو جو اسان جا وڏڙا اڄ به انگريز جي دور کي ساراھين ٿا. حالانڪ ھو ته اھو به سنڌ جي غلامي جو دور پر ان دور ۾ پوءِ الائي ڪھڙي چڱائي ھئي جيڪا اڄ ڏينھن تائين ٻي ڪنھن ۾ ڪانه نظر آئي.
چوڻ جو مطلب ته سنڌ ۾ نه ته ھي آفتون نيون آھن ۽ نه ئي بدانتظاميون. ھي صدين سالن جي غلامي ۽ محڪومي جو نتيجو آھي جنھن ۾ ھن پرڳڻي جا سموار وسيلا لُٽجي ڦُرجي سدائين سنڌ کان ٻاھر ويندا رھيا آھن يا وري ٻاھرين حاڪمن جي ڪمدارن جي ڪوٺين ۾. تنھن ڪري ئي سنڌ اڄ به ايئن ئي لُڙھي رھي آھي جيئن صديون سال اڳ ھئي.
مثال طور سنڌ ۾ ھاڻوڪن حڪمرانن کي اقتدار ۾ آئي اچي ڏيڍ ڏھاڪو عرصو ٿيو آھي پر ڇا توھان اسان کي ڪٿي ڪا اھڙي رٿابندي يا انتظامي صورتحال انھن سمورن سالن ۾ نظر آئي، جنھن کي ڏسي چئي سگھجي ته ھائو ٻيلي انھن صاحبن کي سنڌ جي مسڪين ماڻھن جي زندگي جو احساس آھي؟ ٻيو ته ٺھيو پر ھي ته 2010 واري مھا ٻوڏ مان به ڪجھه نه سکي سگھيا، جنھن ٻوڏ سنڌ جي سماج کي پاڙان ئي اٿلائي پٿلائي ڇڏيو. ان آفت ۾ به متاثر عوام جي امداد وارو سامان جاگيردارن جي گودامن ۾ سينوارجي ويو پر حقدارن تائين نه رسي سگھيو. درياھه جي بندن جي ان دور ۾ جيڪا انڌي منڊي سنڀال ٿي سا ٿي. بس پوءِ وري ڪنھن کي ياد به نه رھيو ته سنڌ ۾ ڪڏھن وري به درياهھ وھي اچي سگھي ٿو.
مثال طور ھن وقت اسين ھڪ پاسي برساتي ٻوڏ کي ڀوڳي رھيا آھيون ته مٿان وري درياھه ۾ پڻ مسلسل چاڙھه آھي. خاص طور تي ڪوھه سليمان جو پاڻي جنھن سموري سرائيڪي وسيب جي علائقن وھووا، تنئوسه، سُوڪڙ ۽ ملھوته جي علائقن، جن جي انساني آبادي لڳ ڀڳ ھڪ لک جي برابر بيھي ٿي، تن کي لوڙھي اتان جي ھزارين خاندانن کي رولي ڇڏيو آھي، سو پاڻي به سڌو درياھه ۾ اچي لٿو ۽ اڃان لھڻو آھي ۽ درياھه جي بندن جي جيڪا حالت آھي سا ڪنھن کان ڳُجھي ڪونھي. جيڪڏھن پاڻي وڌي وڃي ٿو ته برساتي ٻوڏ سان گڏ درياھي ٻوڏ جا به امڪان ٿي سگھن ٿا ۽ جيڪڏھن ايئن ٿيو ته ڇا بچندو باقي؟ ھي حڪمران جيڪي برساتي پاڻي ڪڍڻ جا به اھل ناھن سي پاڻ کي درياهھ کان بچائي سگھندا؟ جواب سڌوسئون نه ۾ آھي.
سو ڳالھه اھا آھي ته سمورو عذاب پنھنجي مٿان ھن بدعنوان نظام جو آھي. سچي ڳالهھ اھا آھي ته ڪڏھن ڪڏھن سخت مايوسي به ٿيندي آھي ته پاڻ آخر ڪنھن سان مخاطب آھيون؟ انھن انڌن، ٻوڙن حڪمرانن سان؟ جن جي سيني ۾ ڪا دل ئي ناھي، جن کي رڳو اونداھين غارن جھڙا پيٽ آھن، جيڪي ڀرجڻ جو نالو ئي نٿا وٺن. پر جيئڻ لاءِ ته وري به ھٿ پير ھڻڻا پوندا. تنھن ڪري سنڌ مٿان ھن ڏُکي گھڙي ۾ اچو ته ھڪ ٻئي جا ڀرجھلا ٿيون، اچو ته پنھنجن پنھنجن ڳوٺن ۽ شھرن ۾ رضاڪار جٿا جوڙي امداد ڪم شروع ڪريون. باقي حڪمرانن جي آسري رُلي وينداسين.