سنڌ ۽ سنڌين جي بدبختي لکان يا خوشقسمتي ته اڃا تائين سنڌ به ساڳي آهي ۽ سنڌ جا حڪمران به ذري گهٽ پندرهن سالن کان ساڳيا آهن؟ ھنن 15 سالن ۾ پھريون ڀيرو وڏو فرق تڏهن پيو جڏهن 2010 واري مھاٻوڏ شڪارپور-ڪشمور ضلعن کي ٻوڙيندڙ ٽوڙي بند جي پکيڙيل تباهيءَ کان وٺي سمنڊ ڪناري ٺٽي ضلعي جي ڪوٽ عالمو ۽ سورجاڻي بندن جي ٽٽڻ کانپوءِ اتر کان لاڙ تائين لکين ماڻهن کي بي گهر ۽ دربدر ڪري ڇڏيو. ھر سال شهيد بينظير ڀٽو ھائوسنگ اسڪيم نالي دنيا جي بئنڪن کان قرض طور ڪروڙين ڊالر ورتا ويا ته بي گھر ٿيل ماڻهن کي نوان گھر ٺاھي ڏينداسين پر ڏيکاريو ته 12 سالن ۾ ڪا ھڪڙي به اسڪيم ڪنھن به متاثر ٿيل ھنڌ تي ٺاهي ڏتڙيل وطن واسين کي آباد ڪيو ويو آهي؟ ڪيڏانهن غائب ٿي ويا اھي قرض تي ورتل ڪروڙين ڊالر جن کي وياج سوڌو اسان جي ٻچڙن جا به اڻ ڄاول نسل ڀريندا رھندا. 2010 واري ٻوڏ ۾ لکين انسان گھر گھاٽ، فصل ۽ ٻنيون ٻارا برباد ٿيڻ جي ڪري پنڻ لاءِ مجبور ٿي ويا. پر ھاڻي ته سنڌونديءَ جي سيلاب کان اڳ ۾ ئي بلوچستان ۽ سنڌ جي ھر ضلعي ۽ ھر تعلقي ۾ بک ٿي واڪا ڪري ته ٻچڙن جو پيٽ پالڻ لاءِ سندن ماءُ پيءُ ۽ مٽ مائٽ پنڻ کان سواءِ آخر ڪيئن جيئندا؟
مطلب ته سنڌي بلوچ پينو فقيرن جي ھڪ فوج ننڍڙن ٻارن سميت شهرن ۾ ڪاھي پوندي! ٻيو ڀلا ھي لکين بيروزگار بي يارو مددگار بڻجي ڇا ڪندا ان جھان ۾ جتي سندن اوھي نه واھي، نه حڪمران ۽ حڪومت.
دنيا ۾ حڪمراني اکين سان ڏٺي اٿم، سنگاپور ۽ ملائيشيا کان اتر ڪوريا تائين جتي ٻارھو ئي وڏ ڦڙن جو وسڪارو ۽ نارٿ ڪوريا ۾ سائبيريا جھڙي برفباري پر اتي نه روڊ رستا بند ٿين، نه رستا تلائن جو ڏيک ڏين ۽ نه عام رواجي ڪم ڪار تي ڪو اثر پوي. انھن ملڪن ۾ ڪوبه شخص پنڻ تي مجبور نه ٿيندو آهي ۽ نه ئي اسان جي ڌرتي ڌڻين وانگر ھر ستين اٺين سال ٻوڏ کان متاثر ٿي پنهنجا گھر تڙ ڇڏيندا آهن. ھي تماشو ته رڳو پياري، نياري ۽ انوکي پاڪستان ۾ ٿيندو رهندو آهي جتي جيڪو به حڪمران اقتدار ۾ اچي ٿو سو رڳو پنھنجي ذات، پنهنجي ڪٽنب ۽ پنهنجي راڄ ڀاڳ جي ڀلائيءَ لاءِ سوچيندو آهي. ڪروڙين وطن واسين جي ھنن حاڪمن کي ڪابه پرواهه نه ھوندي آھي. ڌرتيءَ ڌڻين جي تڪليفن ۽ اذيتن کي ھو مخصوص مولون ذريعي قدرتي عذاب قرار ڏياري ڇڏيندا آهن. مولوي صاحب فرمائيندا آهن ته “عوام کي سندن بڇڙن اعمالن جي قدرت وارو ھيئن سزا ڏيندو آهي. پڙھيو ڪونه اٿئو ته اوهان کان اڳ ڪيترين قومن کي ڏڪار، زلزلن ۽ سامونڊي طوفانن ۾ قدرت واري غرق ڪري ڇڏيو.”
سو پاڻ سنڌي ۽ بلوچ به ڏاڍا گناھگار ۽ خطا وار آهيون جو بکن، ڏکن، غريبي ۽ بيروزگاري ۾ سالن کان اذيتون ڀوڳي ڀوڳي قدرتي آفتن جو به بار بار شڪار ٿي رهيا آهيون. اسان جي حاڪمن جو ڪوبه ڏوهھ ناهي ته هنن اسڪولن، ڪتابن، اسپتالن، دوائن رستن، گٽرن ۽ واھن جي کاٽيءَ لاءِ رکيل اربين روپين جون بجيٽون ھر سال ڇو ڳڙڪائي ڇڏيون! سامونڊي طوفان اچي ته به غريب مسڪين ملاحن ۽ ٻيڙياتن جا ڪکاوان گهر پٽ پئجي وڃن، ھنن جا ڳڀرو پٽ ۽ پوٽا ٻيڙيون اٿلڻ سبب سمنڊ ۾ ٻڏي مرن، سکائون باسيندڙ سندن جوان جماڻ ونيون جوانيءَ ۾ ئي بيواھه ۽ بي سھارا ٿيو پون. جيڪڏهن سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ اچي تڏھن به درياهه جي ڪپرن تي رھندڙ ھي مسڪين پورهيت برباد ٿين. جي زلزلو اچي تڏھن به پڪن گهرن ، بنگلن ۽ محلن ۾ آباد رت پياڪ سرمائيدارن کي لھر لوڏو لڳي، مرن ته رڳو ڪچن گھرن ۾ صدين کان رهندڙ بي پھچ ماڻهو مرن! آخر دنيا جي مھذب ملڪن وٽن سرمائيداري ۽ جاگيرداري نظام ھوندي به پنهنجي پورھيت عوام کي اھڙين قدرتي آفتن ۽ اذيتن کان ڪيئن بچائي رکيو آهي؟
اسان سڀني کي سال 2010 ۾ آيل مھا ٻوڏ جي تباهي چڱيءَ طرح ياد آهي. انھن ڏينھن ۾ سنڌو درياھه مان نڪرندڙ روھڙي ڪئنال، پٽ فيڊر، جمڙائو ڪئنال ۽ ٻين ضلعن جي واھن، شاخن ۽ واٽر ڪورسن جي کاٽيءَ لاءِ رکيل بجيٽ گھڻي ڀاڱي اصل ڪم تي خرچ ڪئي ويندي ھئي. آبپاشي کاتي ۾ رشوتخوري ته انگريزن جي دؤر کان ھلندڙ آھي. پر انھيءَ زماني ۾ رشوت گھٽ ورتي ويندي هئي. اوھان کي اھو ٻڌي پنڊ پهڻ ٿي وڃڻ کپي ته سنڌ جي اريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ گذريل 12 سالن کان يا ته وزير ئي نه آهي يا جي آھي ته اھو به نالي ماتر! سنڌ جي آبپاشي سرشتي جو ڌڻي سائين اھو شخص آهي جنهن 2010 ۾ ٽوڙي بند جي متاثر ماڻهن لاءِ پرڏيهي امداد ۾ مليل ست جديد ايمبولينس گاڏيون اصل حقدارن حوالي ڪرڻ بدران انھن زيرو ميٽر گاڏين مان ساھه کڻڻ جون مشينون، آڪسيجن سلينڊر، فرسٽ ايڊ باڪس ۽ مريضن جي حياتي بچائڻ لاءِ ڪم ايندڙ ٻيو سمورو سامان ڪڍي، ھنن ايمبولينس گاڏين کي ڀاڙا کڻندڙ ويگن جھڙو رنگ ڪرائي مورو کان دادو سواريون کڻڻ شروع ڪيو. ھي شخص موٽرسائيڪل تي چڙهي کير وڪڻندو هو جنهن ۾ اڌو اڌ پاڻيءَ جي ملاوٽ ڪندو هو. وقت جي صدر کي پنهنجي ضلعي جو ذات ڀائي اھڙو ته وڻي ويو جو اھو کير کپائيندڙ اڄ سنڌ جي چيف منسٽر کان به وڌيڪ پاورفل آهي. ظلم نه آهي ته ڏھن سالن کان اھو سنڌ جي آبپاشي کاتي جو بي تاج بادشاھه ٿي حڪم ھلائي ٿو. جيڪو به انجنيئر يا واسطيدار عملدار سندس ڪوڙن بلن تي صحيح ڪرڻ کان جواب ڏيئي ٿو ڇڏي، ان کي بروقت ھٽائڻ جا وٽس مڪمل اختيار آهن. اريگيشن کاتي جو جڏهن به ڪو وزير مُقرّر ڪيو ويندو آھي ته ان کي اصل مالڪن پاران صاف ٻڌائي ڇڏبو آهي ته ھي شخص جيڪا فرمائش ڪري ان تي اکيون ٻوٽي صحيح ڪرڻ اوهان جي ڊيوٽي آھي.
سال 2010 واري مھاٻوڏ ۾ به کاٽي تي پئسا خرچ ٿيڻ ڪري وڏن وڏن وھڪرن ۾ جڏهن پڪا گھر به ٻڏي ويندا هئا ته اسان ڏٺو متاثر ماڻهو پنهنجن گهرن جي ڇتين تي چڙهي وھڪرن ۾ لڙھڻ کان پاڻ کي بچائي وٺندا هئا. آبپاشي کاتي جو اصل جنازو تڏهن نڪتو جڏھن کان واھن شاخن ۽ واٽر ڪورسن جي کاٽيءَ جا پئسا پرڏيهي اڪائونٽس ۾ اماڻڻ شروع ڪيا ويا.
2010 واري مھاٻوڏ جي جن ذميوار آبپاشي عملدارن شجاع جوڻيجو، ظفرالله مھر، منظور شيخ ، پلیيجو ۽ ٻين کي سپريم ڪورٽ جي مقرر ڪيل جاچ ڪميٽي سزا ڏيڻ لاءِ سفارش ڪئي تن کي ان وقت جي صدر سزا ڏيڻ بدران ترقي ڏني! ان ڪيس جو سڄو تفصيل منهنجي ڪتاب، “ٻاھر ٻاڦ ٿي نڪري” ۾ ڇپيل آهي.
ھاڻي اچون ٿا عالمي موسمياتي ادارن جي انھيءَ اڳڪٿي تي جنهن موجب سيپٽمبر ۾ اڃا به وڌيڪ طوفاني وسڪارا سڄي پاڪستان ۾ ٿي سگهن ٿا. سنڌ جو وڏو وزير جيڪو جمعي ڏينهن مس مس ڪراچيءَ کان ٻاهر نڪري پورٽ قاسم کان پرڀرو شهر گھارو ۾ ٿيل تباهيءَ جو وا سواءُ ورتو سو ان قابل آهي ته انھيءَ اڳڪٿي تي ڌيان ڌري، اھڙا اپاءَ وٺي جنھن سان اڳ ۾ ئي برباد ٿيل لکين ماڻهو وڌيڪ تباهيءَ کان بچي سگهن؟