ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

21هين صديءَ جي ڏهن ناولن کي مليل ڪلاسڪ جو درجو – II

Editorial-Article-Kaleem Butt

4_ اورحان پاموڪ جو اي اسٽرينجنيس ان ما مائينڊ (2014): ادب جو نوبل انعام ماڻيندڙ ليکڪ اورحان پاموڪ جو هيءَ نائون ناول آهي. هيءَ ناول سن 1969 کان 2012ع تائين استنبول ۾ آيل سياسي، سماجي ۽ معاشي تبديلين جي پسمنظر ۾ لکيل آهي، هن جو مک ڪردار ميولت ڪاراطس آهي، جيڪو ڪونيا مان لڏپلاڻ ڪري استنبول اچي رهي ٿو. اتي هو دهورون ۽ بوزا نالي شربت وڪرو ڪرڻ لڳي ٿو. هن کي پنهنجي سئوٽ صميه سان عشق آهي پر هن جو مائٽ سليمان پڻ صميه سان عشق ڪري ٿو، هن کان محبت وارا خط لکرائي صميه بدران ريحه کي ڏئي اچي ٿو ۽ ايئن ميولت ريحه سان شادي ڪري ٿو ڇڏي. ڏسندي ئي ڏسندي شهر جي سياسي صورتحال بگڙجڻ لڳي ٿي ۽ ان جو اثر ميولت سميت ڪيترن پورهيو ڪندڙن تي پئي ٿو. هن ناول کي پاموڪ جي اهم ناولن مان هڪ سمجهايو وڃي ٿو. پاموڪ جي لکڻين تي تبصرو ڪندي هڪ نقاد لکيو ته هن جون لکڻيون پڙهندي اهو احساس ٿيندو آهي ته افسانوي ادب اڃا جيئرو آهي.

5_ مارگريٽ ايٽ وڊ جو اوريڪس اينڊ ڪريڪ (2003): مارگريٽ ايٽ وڊ بوُڪر پرائيز ماڻيندڙ ليکڪه آهي. هن ناول جو مک ڪردار سنومين نالي هڪ همراهه جيڪو هڪ ڏينهن اٿي ٿو ته ڏسي ٿو، هن جي آس پاس ڪريڪر نالي مخلوق کان سوا ٻيو ڪير به نه بچيو آهي. هوريان هوريان ڪريڪ پنهنجي ماضي تان پردو کڻي ٿو ۽ خبر پئي ٿي ته هن تي جينٽڪ انجنيئرنگ جي حوالي سان تجربا ڪيا ويا آهن. هن ناول کي ايٽ وڊ پاڻ سائنسي افساني بدران اسپڪيوليٽو فڪشن سڏيو آهي. هن ۾ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي زور تي انسانن تي ٿيندڙ تجربن ۽ انهن جي جينز سان هير ڦير ڪرڻ واري موضوع کي پلاٽ بڻايو ويو آهي، جنهن جي ڪري هن ناول کي 21 هين صدي جو هڪ اهم ناول سمجهيو وڃي ٿو ۽ اهو به چيو وڃي ٿو ته هن ناول ۾ ڪلاسڪ ٿيڻ واريون سڀ خوبيون موجود آهن.

6_ يان مارٽل جو لائيف آف پاءِ (2001: هيءَ هڪ فلاسافيڪل ناول آهي، جنهن جو مک ڪردار پا نالي هندستاني ڇوڪرو آهي، ننڍي ڄمار کان ئي هن کي روحانيت ۽ ميٽا فزڪس جو شوق هوندو آهي. هن جا گهر وارا هندستان جي علائقي پونڊيچري مان لڏپلاڻ شروع ڪن ٿا ۽ هڪ ٻيڙي ۾ جانور کڻي نڪرن ٿا. سامونڊي طوفان جي ڪري ٻيڙو تباهه ٿي وڃي ٿو ۽ هو 227 ڏينهن پيسفڪ سمونڊ ۾ هڪ بنگالي چيتي سان رهي ٿو. ان دوران هو اها ڳالهه سمجهي وٺي ٿو ته حقيقت ڇا آهي ۽ ان کي ماڻهو ڪيئن ڏسن ٿا. نرالي موضوع جي ڪري هن ناول جون ڏهه لک کان مٿي ڪاپيون وڪرو ٿي چڪيون آهن.

7_ جمپا لهري جو دي لو لينڊ (2013): هيءَ ٻن بنگالي ڀائرن سڀاش ۽ اڌيان جي ڪهاڻي آهي، جيڪي گڏ وڏا ٿيا آهن ۽ سدائين گڏ ئي رهن ٿا. پر جڏهن اهي يونيورسٽي پهچن ٿا ته سندن نظرين کي ڌچڪو لڳڻ شروع ٿئي ٿو. اهي نون خيالن کان متاثر ٿين ٿا ۽ اڌيان نڪسلائي سوچ مان متاثر ٿي انهن جي جدوجهد جو حصو بڻجي وڃي ٿو. ٻئي پاسي سڀاش وري پڙهائي ۾ رڌل رهي ٿو. اتي هو گوري سان ملي ٿو ۽ هن سان عشق ٿي وڃيس ٿو. هيءَ سڃاڻپ واري بحران ۽ سياسي اٿل پٿل تي لکيل هڪ خوبصورت ناول (ڪجهه نقادن ان کي ناوليٽ به ڄاڻايو آهي) آهي، جيڪو وڏي وقت تائين پڙهندڙ کي پنهنجي سحر ۾ پڪڙي رکي ٿو.

8_ ڪولسن وائيٽ هيڊ جو دي انڊرگرائونڊ ريل روڊ (2016): هي تاريخي پسمنظر ۾ لکيل ناول آهي جنهن جو مک ڪردار ڪورا نالي هڪ غلام آهي. ناول 19هين صدي جي آمريڪي سماج جي پسمنظر ۾ آهي. هو ڏکڻ ڪورولين رياست ۾ غلامي جي زندگي گذاري رهي آهي. هو ريل جي پٽڙي وڇائڻ جي عيوض آزاديءَ جي گهر ڪري ٿي ۽ ان دوران ڪيترين ئي مشڪلن کي منهن ڏئي ٿي. ڪورا کي پنهنجي ما تي سدائين ڪاوڙ رهي ٿو جو ٻالڪپڻي ۾ هو کيس اڪيلو ڇڏي پنهنجي عاشق سان ڀڄي وئي، اها ڄاڻ هوندي به ته هن جي ما هن ڏانهن موٽڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نانگ جي ڪکجڻ ڪري گذاري وئي. هڪ ڏينهن قيصر هن وٽ هڪ رٿ کڻي اچي ٿو، جنهن ۾ اُهي ان غلامي واري زندگيءَ کان ڀڄي ڏور وڃي سگهن ٿا. هيءَ ناول سماجي اڻ برابريءَ جي حوالي سان هڪ شاندار ناول آهي.

9_ فلپ روٿ جو دي پلاٽ اگينسٽ آمريڪا (2004): هيءَ ناول متبادل تاريخ جي بنياد تي لکيل آهي جنهن ۾ 1940ع جي صدارتي چونڊن ۾ روزويلٽ جي هار کان پو واري منظرڪشي ڪئي وئي آهي. هن ۾ چارلس لنڊبرگ جي صدر ٿيڻ کان پو روٿ خاندان جي مالي طور خوشحال ٿيڻ جي ڪهاڻي ٻڌائي وئي آهي. هن ناول جو مک ڪردار فلپ نالي هڪ يهودي ڇوڪرو آهي، جيڪو پنهنجي آسي پاسي سامي مخالفت (anti-Semitism) کي ڏسندو رهي ٿو. هيءَ ناول حقيقي واقعن تان متاثر ٿي لکيو ويو آهي.

10_ هيلري منٽل جو ولف هال (2009): هيلري منٽل بوڪر پرائيز ماڻيندڙ ليکڪه آهي، هيءَ سندس ٽرائلاجيءَ جو پهريون ناول آهي. هي طويل ناول انگلستان جي تاريخ جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. ناول 16 صدي جي پسمنظر ۾ لکيل آهي جنهن جو مک ڪردار ٿامس ڪورم ويل آهي جيڪو بادشاهه هينري VIII جي دور ۾ ڏسندي ئي ڏسندي درٻار جو هڪ طاقتور وزير ٿي وڃي ٿو، پر هن جي شخصيت تي پنهنجي ٻالڪپڻي جي تلخ يادن جو اثر آهي. هن جو پيءُ سخت مزاج هو ۽ هن تي جسماني تشدد ڪندو هو، جنهن جا اثر ٿامس جي شخصيت تي پون ٿا. هن ناول کي ٻه اهم انعام بوڪر پرائيز ۽ نيشنل بوڪ ڪريٽڪ سرڪل ايوارڊ ملي چڪا آهن.
هيءَ فهرست ڪا حمتي فهرست ناهي، جنهن کي بنياد بڻائي اهو چئي سگهجي ته اهي ئي ناول 21 هين صدي جا ڪلاسڪ ناول آهن، پر اڃا تائين به مختلف ناولن تي ڪم ٿي رهيو آهي. هتي رڳو اهي ناول ڏنا ويا آهن، جيڪي لڳ ڀڳ هر سروي ۾ شامل ڪيا ويا آهن.
(پورو ٿيو)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button